وزيراعظم اڄ ڪرتارپور ڪوريڊور جي پيڙهه جو پٿر بنياد رکندو
اڄ وزيراعظم ڪرتارپور ڪوريڊور جي پيڙهه جو پٿر رکندو. ان تقريب جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. تقريب ۾ پاڪستان ۽ هندستان مان سک ياتري شرڪت لاءِ ايندا. تقريب ۾ چار هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو شرڪت ڪندا، تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيل سک ياترين پاران پاڪستان جي هن سهڻي قدم جي ساراهه ڪئي وئي آهي. هندستان جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ موجوده سياستدان نوجوت سنگهه سڌو به تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهچي چڪو آهي. جنهن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هي ڪوريڊور کولي ٻنهي ملڪن جي عوام جا دل کٽي ورتا آهن. هن قدم سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو ٿيڻ جو موقعو ملندو.

