خاص

وٽامن جون گوريون ڦڦڙن جي ڪينسر وڌڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون

سوئيڊش سائنسدانن موجب اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن به قسم جي ڪينسر ۾ مبتلا آهن، انهن کي پنهنجي غذا ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. محققن موجب وٽامن سي ۽ اي سان ڀرپور صحتمند غذا کان علاوه سپليمينٽ وٺڻ ڪينسر جو سبب ٿي سگهي ٿو. جرنل آف ڪلينيڪل انويسٽيگيشن ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق ۾ سائنسدانن ڪينسر ۾ مبتلا ڪوئن کي اضافي وٽامن ڏنا جيڪي اهي پنهنجي غذا ۾ اڳواٽ ئي حاصل ڪري رهيا هئا. محققن ڏٺو ته ڪوئن ۾ جيتري وڌيڪ وٽامن جي مقدار هئي، ڪينسر جي رسولين ۾ اوتريون وڌيڪ رت جون نيون شريانيون بڻجي رهيون هيون، جيڪو ممڪنه طور تي بيماري جي وڌڻ ۽ پکڙجڻ جو سبب ٿي سگهي ٿي.

ڊاڪٽر مارٽن جو چوڻ هو ته وٽامن انساني صحت لاءِ انتهائي اهم آهن. جيڪڏهن غذائن مان سمورا اينٽي آڪسيڊنٽ ڪڍي ڇڏجن ته اوهان ڪيترن ئي سببن جي ڪري بيمار ٿي سگهو ٿا جيئن وٽامن جي کوٽ وغيره ۽ اهو ڪينسر تي اثر وجهي ٿو.