اَمير تَرين ماڻهوءَ تي سڀ کان پھريون شڪ ٻي شادي ڪرڻ جو، ڪيو ويندو آھي. ھڪڙا ماڻهو کليل ڪتاب ھوندا آھن، انھن جا اثاثا، پگهار، خرچ، بچت، ايستائين جو روٽين کان به ماڻهو باخبر ھوندا آھن، ٻيا ماڻهو ٻُنگ، چپ ڪنھن سان راز سلن ئي ڪونه… سيٺ ماڻڪ به اھڙن ئي ماڻهن منجهان ھڪ ھو… جنھن جي نه ڪنھن کي ڪاروبار جي پکيڙ جي خبر ھئي، نه وسيلن جي، ھُو پنھنجي ذات ۾ ھڪ گوناگون شخص ھو، ھُن جي روٽين پنھنجي ھئي، ھُن جا شوق نرالا ھوندا ھئا، ھُن وٽ زندگيءَ جي معنيٰ ئي پنھنجي ھئي، ھي ھڪ رواجي سيٺ نه ھو… ڪيترائي ڏينھن ھي بنا ڪنھن ڀاتي کي ٻُڌائڻ جي پنھنجي دنيا ۾ ھليو ويندو ھو.. گهر وارن کي اھوئي رواجي شڪ اچي ورائيندو ھو ته ٻي گهر ويو آھي… ٻي زال ڏانھن ويو ھوندو، تمام گهڻي پئسي واري ماڻهو کي اھو به تحفظ مليل ھوندو آھي ته ان کي روڪي نه سگهبو آھي يا ان تي ڪوبه اعتراض نه ڪري سگهندو آھي، ھُن جي ھڪ ڊائري ھوندي ھئي، جنھن ۾ ھُو انتھائي مھانگين پينن سان زندگي جا ڪيئي راز لکندو ويندو ھو… ايئن نه ھو ته ھو مسڪرائيندو نه ھو، ڳالهائيندو نه ھو، ھي ڪم جي ڳالهه کانسواءِ به ڪڏھن ڪڏھن گهر وارن، دوستن سان زبردست ڪچھري ڪندو ھو، انھن تي ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪندو ھو، پر ھن وٽ لفظ ڄڻ سونَ جا سِڪا ھوندا ھا، ھُن جا ھن شھر ۾ ڪجهه پنھنجي مزاج مطابق گهر ٺھرايل ھئا… اينٽيڪ، حويلي نما، گهرن جي بالڪونين ۾ جڏھن ويھندو ھو ته ھُن جي پنھنجي دنيا ڄڻ ھُن تي وارد ٿيندي ھئي، نوازيل ماڻهوءَ کي اھا به ھڪ نعمت عطا ٿيل ھوندي آھي ته ھو ڳالهين بدران سڌو سنئون عمل ڪري سگهندا آھن.. ھُن ھڪ ٽي ماڙ گهر جوڙايو ھو، جنھن ۾ بي شمار جارا ھئا، روشندان ھئا، جنھن گهر ۾ ماڻهن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ھجڻ سبب انيڪ پکين آکيرا ٺاھي ڇڏيا ھئا، ھن ان گهر جي اڳيان ھِن ڏھن ايڪڙن تي ھڪ گهاٽو جهنگ لڳرايو ھو ۽ ان جهنگ سان گڏ شھر جو تاريخي امام واھ وھندو ھو، ان جي ڪناري تي ھن ڏھ ايڪڙ زمين خريد ڪري، ان کي خالي ڇڏي ڏنو ھو فقط ھڪ نلڪو ۽ ھڪ ڪنڊ تي ھڪ ھال ٺھرائي ڇڏيو ھو… ۽ چوڌاري چوديواري ڏياري ڇڏي ھئي، ھو اڪثر ان گهر ۾ ويندو ھو… پکين جا چرڙاٽ، پکين جو ان گهر ۾ اچڻ، اتان اڏرڻ ھن کي بي حد وڻندو ھو.. ڌن دولت رکندڙ ماڻهو کي اھو به اختيار ھوندو آھي ته ھو پنھنجي زندگيءَ جا فيصلا پنھنجي عطا ٿيل اختيار سان ڪري سگهندو آھي. ھن جي جوڙايل گهرن، جهنگ واري زمين، ڏھن ايڪڙن بابت ھن جا فرزند ۽ نياڻيون تصور ڪندا ھئا.. ته اھي ڪنھن جي نصيب ۾ ايندا… وقت کي وڏي طاقت آھي، ماڻهو ڀلي روز زمين گهمندو رھي، پر ان کي ھڪ ڏينھن سمھڻو ڇھن فوٽن جي قبر ۾ پوندو آھي… ان ڪري، ھو ڪڏھن ڪڏھن شھر جي قبرستان وٽ گاڏي بيھاري پنھنجي وڏڙن جي قبرن تي دُعا جي بھاني قبرستان ۾ ھليو ويندو ھو… ھن کي بي پناھ سڪون ملندو ھو… بي شمار قبرون، ھن کي بي شمار آتم ڪٿائون لڳنديون ھيون، جنھن مان سواءِ چند جي، ڪنھن به پنھنجي آتم ڪٿا نه لکي ھوندي، ھو سوچيندو ھو جنھن ماڻهوءَ کي لکڻ اچي ٿو، اھو ٻيو ڪتاب نه به لکي، پر پنھنجي آتم ڪٿا ضرور لکي وڃي. ڇو ته آتم ڪٿا ھڪ ماڻهوءَ جي تاريخ ٿيندي آھي، جنھن کي لکڻ نه اچي، ھو ٻئي کان لکرائي وڃي.. پوءِ ھن کي پنھنجي ڳوٺ جو چاچو الهبچايو سگھڙ ياد ايندو ھو… جيڪو جاين جو مستري به ھوندو ھو ۽ ماڻهن جي خاندانن جا شجرا به لکندو ھو… جنھن وٽ سموري ڳوٺ جي خاندانن جي تاريخ لکيل ھوندي ھئي، پوءِ ھو اھو بڪ کڻي پڙھيل لکيل نوجوانن کي سندن خاندان جو شجرو لکرائيندو رھندو ھو… ھو جڏھن گذاري ويو… ھاڻي اتان ڪوبه شجرو نٿو لکي، الهڏنو پٽ جوايي جو، جوايو پٽ ساماڻي جو، ساماڻي کي ست پٽ…