ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: سرپرائيز

اَمير تَرين ماڻهوءَ تي سڀ کان پھريون شڪ ٻي شادي ڪرڻ جو، ڪيو ويندو آھي. ھڪڙا ماڻهو کليل ڪتاب ھوندا آھن، انھن جا اثاثا، پگهار، خرچ، بچت، ايستائين جو روٽين کان به ماڻهو باخبر ھوندا آھن، ٻيا ماڻهو ٻُنگ، چپ ڪنھن سان راز سلن ئي ڪونه… سيٺ ماڻڪ به اھڙن ئي ماڻهن منجهان ھڪ ھو… جنھن جي نه ڪنھن کي ڪاروبار جي پکيڙ جي خبر ھئي، نه وسيلن جي، ھُو پنھنجي ذات ۾ ھڪ گوناگون شخص ھو، ھُن جي روٽين پنھنجي ھئي، ھُن جا شوق نرالا ھوندا ھئا، ھُن وٽ زندگيءَ جي معنيٰ ئي پنھنجي ھئي، ھي ھڪ رواجي سيٺ نه ھو… ڪيترائي ڏينھن ھي بنا ڪنھن ڀاتي کي ٻُڌائڻ جي پنھنجي دنيا ۾ ھليو ويندو ھو.. گهر وارن کي اھوئي رواجي شڪ اچي ورائيندو ھو ته ٻي گهر ويو آھي… ٻي زال ڏانھن ويو ھوندو، تمام گهڻي پئسي واري ماڻهو کي اھو به تحفظ مليل ھوندو آھي ته ان کي روڪي نه سگهبو آھي يا ان تي ڪوبه اعتراض نه ڪري سگهندو آھي، ھُن جي ھڪ ڊائري ھوندي ھئي، جنھن ۾ ھُو انتھائي مھانگين پينن سان زندگي جا ڪيئي راز لکندو ويندو ھو… ايئن نه ھو ته ھو مسڪرائيندو نه ھو، ڳالهائيندو نه ھو، ھي ڪم جي ڳالهه کانسواءِ به ڪڏھن ڪڏھن گهر وارن، دوستن سان زبردست ڪچھري ڪندو ھو، انھن تي ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪندو ھو، پر ھن وٽ لفظ ڄڻ سونَ جا سِڪا ھوندا ھا، ھُن جا ھن شھر ۾ ڪجهه پنھنجي مزاج مطابق گهر ٺھرايل ھئا… اينٽيڪ، حويلي نما، گهرن جي بالڪونين ۾ جڏھن ويھندو ھو ته ھُن جي پنھنجي دنيا ڄڻ ھُن تي وارد ٿيندي ھئي، نوازيل ماڻهوءَ کي اھا به ھڪ نعمت عطا ٿيل ھوندي آھي ته ھو ڳالهين بدران سڌو سنئون عمل ڪري سگهندا آھن.. ھُن ھڪ ٽي ماڙ گهر جوڙايو ھو، جنھن ۾ بي شمار جارا ھئا، روشندان ھئا، جنھن گهر ۾ ماڻهن جو اچڻ وڃڻ گهٽ ھجڻ سبب انيڪ پکين آکيرا ٺاھي ڇڏيا ھئا، ھن ان گهر جي اڳيان ھِن ڏھن ايڪڙن تي ھڪ گهاٽو جهنگ لڳرايو ھو ۽ ان جهنگ سان گڏ شھر جو تاريخي امام واھ وھندو ھو، ان جي ڪناري تي ھن ڏھ ايڪڙ زمين خريد ڪري، ان کي خالي ڇڏي ڏنو ھو فقط ھڪ نلڪو ۽ ھڪ ڪنڊ تي ھڪ ھال ٺھرائي ڇڏيو ھو… ۽ چوڌاري چوديواري ڏياري ڇڏي ھئي، ھو اڪثر ان گهر ۾ ويندو ھو… پکين جا چرڙاٽ، پکين جو ان گهر ۾ اچڻ، اتان اڏرڻ ھن کي بي حد وڻندو ھو.. ڌن دولت رکندڙ ماڻهو کي اھو به اختيار ھوندو آھي ته ھو پنھنجي زندگيءَ جا فيصلا پنھنجي عطا ٿيل اختيار سان ڪري سگهندو آھي. ھن جي جوڙايل گهرن، جهنگ واري زمين، ڏھن ايڪڙن بابت ھن جا فرزند ۽ نياڻيون تصور ڪندا ھئا.. ته اھي ڪنھن جي نصيب ۾ ايندا… وقت کي وڏي طاقت آھي، ماڻهو ڀلي روز زمين گهمندو رھي، پر ان کي ھڪ ڏينھن سمھڻو ڇھن فوٽن جي قبر ۾ پوندو آھي… ان ڪري، ھو ڪڏھن ڪڏھن شھر جي قبرستان وٽ گاڏي بيھاري پنھنجي وڏڙن جي قبرن تي دُعا جي بھاني قبرستان ۾ ھليو ويندو ھو… ھن کي بي پناھ سڪون ملندو ھو… بي شمار قبرون، ھن کي بي شمار آتم ڪٿائون لڳنديون ھيون، جنھن مان سواءِ چند جي، ڪنھن به پنھنجي آتم ڪٿا نه لکي ھوندي، ھو سوچيندو ھو جنھن ماڻهوءَ کي لکڻ اچي ٿو، اھو ٻيو ڪتاب نه به لکي، پر پنھنجي آتم ڪٿا ضرور لکي وڃي. ڇو ته آتم ڪٿا ھڪ ماڻهوءَ جي تاريخ ٿيندي آھي، جنھن کي لکڻ نه اچي، ھو ٻئي کان لکرائي وڃي.. پوءِ ھن کي پنھنجي ڳوٺ جو چاچو الهبچايو سگھڙ ياد ايندو ھو… جيڪو جاين جو مستري به ھوندو ھو ۽ ماڻهن جي خاندانن جا شجرا به لکندو ھو… جنھن وٽ سموري ڳوٺ جي خاندانن جي تاريخ لکيل ھوندي ھئي، پوءِ ھو اھو بڪ کڻي پڙھيل لکيل نوجوانن کي سندن خاندان جو شجرو لکرائيندو رھندو ھو… ھو جڏھن گذاري ويو… ھاڻي اتان ڪوبه شجرو نٿو لکي، الهڏنو پٽ جوايي جو، جوايو پٽ ساماڻي جو، ساماڻي کي ست پٽ…

ھن ان نئين ٺھرايل گهر مٿان گهر مالڪ جو نالو لکرائي، نالي جي مٿان ٻي پَٽي لڳرائي ڇڏي ھئي… ۽ ڪنھن کي به پڇڻ جيتري ھمت نه ٿيندي ھئي ته ھن ايئن ڇو ڪيو آھي، ھن گهر واري کي چيو ھو ته اھو سرپرائيز آھي، منھنجي اک ٻوٽڻ کانپوءِ اوھان کي خبر پوندي…. اھا ڳالهه جڏھن ماءُ ھن جي غير موجودگي ۾ پٽن ۽ ڌيئرن کي ٻُڌائيندي ھئي ته سڀ کيس چيڙائيندا ھئا ته اھو گهر بابا تنھنجي نالي ڪري ويندو… ۽ ھوءَ مسڪرائي چوندي ھئي ته مان ڪُڻا ڪڍنديس پوءِ جنھن جو نالو نڪتو ان کي گهر گفٽ ڪنديس… يا منھنجي مرڻ پڄاڻان اھو گهر توھان سموري اولاد جو حق ھوندو…

ماڻهو ڪيترو به بااختيار ڇو نه ھجي پنھنجي ساھ آڏو بي اختيار آھي ۽ جڏھن سيٺ ماڻڪ سمجهيو ته ھاڻي ساھ وڃي ڳڻپ جا بچيا آھن ته ھن ملڪيت جي ورھاست وارو ڏينھن مقرر ڪيو.

گهر جي وسيع ھال ۾ ملڪيت جي ورھاست واري ڏينھن ھن جا ٻه پٽ، ٻه ڌيئرون، ھن جي زال، ڏوھٽا ۽ پوٽا صوفن، ڪرسين تي ويٺل ھئا… ھرڪو پھريئن جُملي، جو منتظر ھو… سندن پيءُ اڄ چانھ سڪون سان پي رھيو ھو… سڀئي چانھ جي ڪوپ ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ ھئا.. ٽيبل تي نيون فائلون ترتيب سان رکيل ھيون… جن مان ٻن فائيلن جو رنگ مختلف ھو… اولاد ۾ ڪنھن به ڪو جائيداد جي ورھاست جو مطالبو نه ڪيو ھو، ھن سڀني کي ھِن  پاڻ سڏايو ھو… چانھ جو ڪوپ ختم ڪري ھن… اڄ پھريون دفعو اھي ڳالهيون به ڪيون، جيڪي سموري حياتي ماڻهو پاڻ سان ئي ڪندو رھندو آھي… ھن ھڪ، ھڪ ڪري سموري اولاد ۾ ملڪيت جا فائل ورھايا.. ھرڪو فائل وٺڻ مھل نه نه ڪري رھيو ھو… پر ھي انھن سڀني کي ڪنونس ڪندو رھيو… آخر ۾ ٻه انتھائي منفرد ۽ مختلف وڻن، ٻوٽن، پکين جي تصويرن سان سينگاريل فائلن کي ھن اھو چئي: “منھنجي مرڻ کانپوءِ توھان کي منھنجو وڪيل ٻُڌائيندو، چئي پاڻ سان کڻي ويو ته ھي فائل منھنجي ٻين گهر جي ڀاتين جا آھن”… جيئن سڀني کان موڪلائي پنھنجي ڪمري ۾ ويو ته سڀني اکيون اکين ۾ ملائي ڄڻ ته ان شڪ جي تصديق ڪرڻ چاھي ته بابا ھفتن جا ھفتا ڪاڏي گم ٿي ويندو ھو… سندس، وني جي اکين ۾ اداسي پڄاڻان ڳوڙھا نڪري آيا ته آخر سيٺ ماڻڪ ايتري سچائي باوجود ٻي شادي ڪري ڇڏي… سڀئي ڌيئر ۽ پٽ امڙ کي سمجهائڻ لڳا ته بابا کي ھيڏي دولت ھئي، يقينن ڪنھن کي سھارو ڏنو ھوندائين… گهر ۾ اداسي ڇانئجي وئي… وقت جا مختلف رنگ ٿين ٿا، جيئن ھر موسم کي پنھنجو رنگ آھي. ھڪ ڏينھن ماڻهو جوڙي ٿو، ھڪ ڏينھن ورھائي ٿو، ڪو کسي ٿو، ڪو حق ڏئي ٿو، ڪو حق ماري وڃي ٿو… ڏيڻ وارو ڪڏھن کٽي ڪونه ٿو، وٺڻ وارو آخرڪار کٽي ٿو، کسڻ وارو آخر پڇتائي ٿو، ڏيڻ وارو سڪون سان مري ٿو… زندگي جا ھزار رنگ، ھر رنگ جون ھزار صورتون…آخرڪار سيٺ ماڻڪ جي ساھ جو پکي به وجود جو آکيرو ڇڏي ويو… تڏي جا ٽي ڏينھن… چار، پنج، ھفتو مھينو… سڀني کي ٻي گهر واري ۽ ٻارن جي نه اچڻ، ظاھر ٿيڻ جي چنتا… آخرڪار ھڪ ڏينھن شھر جو وڏو وڪيل اھي ساڳيون پکين، وڻن جي بي حد خوبصورت تصويرن سان سجايل ٻئي فائل کڻي ساڳئي ھال ۾ سڀني گهر ڀاتين کي ويھاريو ۽ فائل کولي سيٺ ماڻڪ جي ان ٻن فائلن ۾ ھٿ سان لکيل وصيت پڙھي ٻُڌائڻ لڳو ته: منھنجو ٽي ماڙ گهر، جنھن ۾ بي شمار جارا ۽ کليل روشندان آھن، ان گهر ۾ بي شمار پکين پنھنجا آکيرا ٺاھي ورتا آھن، ان ڪري اھو گهر مان پکين جي نالي ڪيان ٿو، ان جي ڪير ويجهو به نه وڃي ۽ ھر مھيني ان ۾ پنج مڻ داڻا، چانور، داليون رکيا وڃن ۽ پاڻي لاءِ رکيل پاٽڙا ڀريا وڃن… ان جي سامھون پوکيل جهنگ شھر جي لاوارث ٻلين ۽ ٻين جانورن جي رھڻ جي جڳھ آھي ۽ وڻ پکين لاءِ مختص آھن، ان مان ھڪ تيلو به نه ڪٽيو وڃي ۽ ان ۾ وھندڙ پاڻيءَ جي وھڪري کي بند نه ڪيو وڃي… ڏھ ايڪڙ زمين مان قبرستان کي ڏيان ٿو… آبادي وڌي وئي آھي ۽ قبرستان اھي ساڳيا آھن.. ان ڪري، سڀني صاحب حيثيت ماڻهن کي دان ڪرڻ گهرجي… وڻ، مري ويل ماڻهن جا روح ۽ پکي به اسان جي گهر جا ڀاتي آھن… ان گهر جي بند ٿيل پَٽيءَ تي لکيل آھي: پکين جو گهر…!!

***