پاڪستانخاصنيو‍‍ز

شرجيل انعام ميمڻ گرفتار، ضمانت رد

ڪالهه سومر ڏينهن اڳوڻي صوبائي اطلاعات جي وزير شرجيل انعام ميمڻ کي نيب پاران ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو. هو صبح جو هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي لاءِ آيل هو جڏهن کيس معلوم ٿيو ته نيب کيس گرفتار ڪري سگهي ٿي ته هو عدالت ۾ ئي لڪي ويٺو ۽ تقريبن 5 ڪلاڪن تائين اتي ويٺل رهيو. بعد ۾ عدالت جي بجلي بند ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر آيو جتي کيس ضمانت رد ٿيڻ تي نيب گرفتار ڪرڻ لاءِ ٻاهر موجود هئي. شرجيل ميمڻ جي ساٿين پاران مزاحمت ڪئي وئي. ان دوران سندس قميص جا بٽڻ کلي ويا ۽ پيرن مان چپل به لهي ويو. شرجيل ميمڻ مٿان ڪورٽ ۾ پوڻا ڇهه ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن. ان ڪيس ۾ هو هيستائين ضمانت  تي آزاد هو جيڪا ڪلهه ڪورٽ پاران رد ڪئي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ سان گڏ گرفتار ٿيندڙن ۾ اڳوڻو سيڪريٽري ذوالفقار شالواڻي، انعام اڪبر، منصور راجپوت، يوسف ڪابورو، الطاف ميمڻ ۽ سارنگ چانڊيو شامل آهن. شرجيل ميمڻ کي نيب عملدارن سندس ئي دوست جي گاڏيءَ ۾ نيب هيڊ ڪوارٽر کڻي ويا جتي پهچڻ بعد هن جي طبيعت خراب هجڻ جي شڪايت به ڪئي وئي. واقع جي رد عمل ۾ بلاول زرداري سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ٻه قانون هلي رهيا آهن، هڪ نواز شريف لاءِ ۽ ٻيو شرجيل انعام ميمڻ لاءِ.