برطانيه ۾ غير ملڪين پاران ڪرپشن جي پئسن مان ٺاهيل اثاثن بابت ڪريڪ ڊائون ٿيندو
برطانيه حڪومت پاران ناقابل وضاحت دولت نالي آرڊر(unexplained wealth order) نافذ ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ اداري کي غير معمولي اختيارات ڏنا ويا آهن. جنهن جي مدد سان برطانيه ۾ دنيا جي سياستدانن پاران موجود ڪاري ناڻي سان ٺاهيل ملڪيتن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري سگهبو. نئين قانون جو مقصد ڪرپٽ سياستدانن، وزيرن ۽ ٻين ماڻهن پاران برطانيه کي محفوظ پناهه گاهه سمجهڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن بعد جرمانو ۽ قيد جي سزا به لاڳو ٿيندي. ياد رهي ته هنن اختيارن بعد برطانيه جي حڪومت 50 هزارن پائونڊن جي رقم کان وڌيڪ اثاثن جي تحقيق ٿي سگهندي. جيڪڏهن آمدني کان وڌيڪ اثاثا هوندا ته اهي اثاثا ضبط ڪيا ويندا. واضح رهي ته پاڪستان جي سياستدانن جا به برطانيه اثاثا آهن، جن مان ڪوبه اهڙو اثاثوجنهن جي هو وضاحت نه ڪري سگهيو ته اهو به ضبط ڪيو ويندو. لنڊن ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل دعويٰ ڪئي آهي ته هن طريقي سان برطانيه ۾ 4 ارب 40 ڪروڙ پائونڊن جي ملڪيتن جي اثاثن تي ناقابل وضاحت آرڊر تحت تحقيقات ٿيندي. ياد رهي ته برطانيه جي اڳوڻي وزير اعظم ڊيوڊ ڪيمرون قسم کائي چيو هو ته هو نامعلوم ڪمپنين جي نالي تي برطانيه ۾ خريد ڪيل مهانگين زمينن جا تمام کاتا بي نقاب ڪندو. هن اهو به چيو هو ته ڪرپشن مان ٺاهيل دولت سان برطانيه ۾ گهر ٺاهڻ جي اجازت نه هوندي، ۽ برطانيه اهو گودام نه آهي جتي غير قانوني پئسو رکيو وڃي.

