ايڪسپو 2020 دبئي ڪازخستان جون ڪامڻيون ڀون سنڌي ٽريولاگ
جابلو علائقن جا ماڻھو عام طور تي خوبصورت هوندا آهن. ظاهر آهي جتي قدآور پھاڙ ۽ سرسبز واديون هجن، وهندڙ جھرڻن جو شفاف پاڻي هجي ۽ فطرت پنھنجي بيپناھ حسناڪين ۽ جلوي سان پُر نور هجي ته اتي جي ماڻھن ۾ ان جا رنگ روپ ڇو نه نکار آڻيندا.
پاڻ واري اترئين پاسي يا ڪشمير جا ماڻھو به ڏاڍا خوبصورت آهن، پر سرڪار جي ستم ظريفي انھن جي سونھن کي گرهڻ لڳائي ڇڏيو آهي ۽ اهڙا خوبصورت ماڻھو غربت جي ليڪ کان به هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ سندن مرڪون انھن جي چھرن تان ڪڏهوڪيون اڏامي چڪيون آهن. خير ڇڏيون ٿا انھن جي درد ڪھاڻين کي ۽ پاڻ اڄ ذڪر ڪريون ٿا اهڙي ئي هڪ جابلو ملڪ ڪازخستان(Kazakhstan) جو جنھن کي پاڻ وٽ قزاقستان به ڪوٺيو ويندو آهي.
ايڪسپو 2020ع دبئي ۾ ڪازخستان جو پويلين پنھنجي منفرد ڊزائننگ ۽ انداز جي سبب ماڻھن جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. گلابي مائل رنگ جي بلڊنگ جنھن جي ديوارن تي ڳاڙهاڻ مائل ننڍا ننڍا ٽٻڪا ٺھيل آهن ۽ ان جي چئني ديوارن جي وچ تي اڌ بيضوي شڪل جا گيٽ ٺھيل آهن جيڪي پنھنجي قائداعظم جي مقبري جي گيٽن سان مشابھت رکن ٿا ۽ مٿان وري چئن ديوارن تي پاسن کان ننڍيون ۽ اُبتيون اڌ بيضوي شڪل جون ڊزائنون ٺھيل آهن.
ننڍي ھوندي اُستاد محمد ابراھيم جو ريڊيو تي نشر ٿيندڙ گانو ڀُورن وارن ٻِلڙي ڏاڍو وڻندو ھو. سُر ۽ سونھن جنھن به رنگ، روپ ۽ ٻولي ۾ ھجن، عمر جي ھر ڏھاڪي ۾ موھين ٿا، پر آئون اڄ نه ته ذڪر ڪري رھيو آھيان خوبصورت ڀورن واري ٻلڙي جو ۽ نه ئي ماسٽر ابراھيم جي سحر انگيز آواز جو. آئون ذڪر ڪري رھيو آھيان ڪازخستان جو، جيڪو سڄي دنيا ۾ سونھري وارن وارين سندرين جي ڪري مشھور آھي. ايڪسپو 2020 دبئي ۾ ڪازخستان پويلين جي اندر جو احوال پوءِ ٿا ڪريون. ھاڻ پاڻ پھچي ويا آھيون ڪازخستان پويلين جي ٻاھران ٺھيل ننڍڙي اسٽيج جي ڀرسان، جتي ڪازخستان جي منفرد ۽ مخصوص سڃاڻپ رکندڙ سازن مان سريلا آواز گونجي رھيا آھن ۽ ڪازخستان جون ڪامڻيون پنھنجي ديس جي موسيقي تي نِرتڪي ناز نخرن سان ميلو مچايو بيٺيون آھن. اوھين به مون سان گڏ محفل ۾ شريڪ ٿيو ۽ دنيا ۾ ڇا ڇا نه سُر سونھن ۽ ڪَلا جا مٽ ڀريل آھن، اُنھن مان ٿورڙي چُڪي ڀريو ۽ چَس وٺو.
ڪازخستان جي مکيه (مين) گيٽ تي وقفي وقفي سان ٿيندڙ ان ميوزيڪل شو ۾ پويلين جي اڳيان ٺھيل اسٽيج تي ٻه مرد ۽ ٻه عورتون جن کي ڪازخستان جو روايتي ۽ ثقافتي لباس پاتل هجي ٿو، پنھنجا علاقائي ساز وڄائين ٿا ۽ وري انھن جي اڳيان ڪازخستان جي لوڪ ۽ ثقافتي موسيقي جي ردم تي چار حسين جوانڙيون ڊانس ڪن ٿيون. هنن سُندرين جي ثقافتي لباس ۾ ڪن کي اڇو شراري ٽائپ پڙو جنھن ۾ ٻه ٽي ڀرت جا گھيرا هجن ٿا، جسم جي مٿئين حصي تي اڇو ڪڙتو ۽ ان مٿان ڪاري ڀرت ڀريل واسڪوٽي يا ميرانجھڙي رنگ جو ڀرت ڀريل گائون پاتل هجي ٿو ۽ مٿي تي گول ويڪري پٽي وارو ٽوپلو ۽ ان جي مٿان ڪپھ جي ٻوهي جيان ڏيکائي ڏيندڙ لڇو لڳل هجي ٿو، ته وري ڪن جي مٿي تي تاج نما ٽوپ پاتل هجي ٿو ۽ مٿان سفيد لڇو لڳل هجي ٿو ۽ ڊگھن وارن ۾ چوٽيون ٿيل هجن ٿيون، بلڪل اهڙيون جھڙيون پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ ڇوڪريون ڪنديون آهن. مردن کي وري پاجامي ٽائپ سوٽ ۽ ڀرت ڀريل بنا ڪالر وارو ميرانجھڙي رنگ جو اوور ڪوٽ پاتل هجي ٿو ۽ مٿي تي ڀرت ڀريل گول ٽوپلو هجي ٿو، جنهن سان مشاهبه ٽوپلا پنھنجي اترئين پاسي جا ماڻھو به اڪثر پائيندا آهن. جتي ڪازخستان جي لوڪ ڌنن ۽ سازن جي وڄت جو انداز نرالو آهي ته اتي وري هنن جي ثقافتي لباس ۽ ڊانس جا به پنھنجا روپ ۽ رنگ آهن. علائقن يا قومن جي ٻولي ڄاڻڻ کانسواءِ اُنھن جي ادب جو رس ۽ چس وٺي نٿو سگھجي، پر سر سنگيت ھڪ اھڙي ڪلا آھي جيڪا ھر انسان جي جذبن جي عڪاس آھي ۽ بنا معنيٰ ۽ مفھوم ڄاڻڻ جي به دلين تي ڇانئجي وڃي ٿي. ڪازخستان جتي جي ماڻھن جا سونھري وار، انھن جي سڄي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ بڻيل آهن، اُتي جون ھي سڊول جسم ۽ ڳوري رنگ جون سھڻيون ڇوڪريون، جڏهن پنھنجين سنھڙين چيلهن کي وراڪا ڏيندي، خماريل نيڻن ۽ انوکين ادائن سان انگن جي شاعري (ڊانس) ڪن ٿيون ته انھن جي قدمن جي ڇاپ تي ماڻھو هڪ وار دنيا جھان سان ناتو ٽوڙي جانب جي جلوي جي وشال وستي ۾ پھچيو وڃي ۽ پورڻتا کي پايو وٺي. هي شو تقريبن پندرھن منٽن جو هجي ٿو.
ان کان اڳ جو پويلين جي اندر هلجي اچو ته انھن جابلو حسينائن جي ديس بابت به ٿورو ڄاڻي وٺون. ري پبلڪ ڪازخستان جي ڪل پکيڙ 2724900 اسڪوائر ڪلو ميٽر آهي ۽ پکيڙ (ايراضي) جي حساب سان هي دنيا جو نائون نمبر وڏو ملڪ آهي جيڪو ٻن براعظمن ۾ موجود آهي ۽ وري گھٽ آبادي يعني 18.8 ملين هئڻ جي ڪري هن جو شمار دنيا ۾ آبادي جي حساب سان 64 نمبر تي آهي. سمنڊ نه هئڻ جي باوجود به هن کي بحري فوج آهي، هن جي گادي جو هنڌ نور سلطان(Nur Sultan) آهي جنھن جو پراڻو نالو آستانه(Astana) آھي جنھن ۾ 2017 ۾ ايڪسپو به ٿيو هو ۽ هن شھر ۾ ئي دنيا جو پھريون ۽ وڏي ۾ وڏو خلائي پورٽ بئڪونر(Baikanur) 1957 ۾ ٺاهيو ويو. ڪازخستان جي آبادي ۾ %72 مسلمان، %23 عيسائي ۽ باقي 125 مختلف مذهبن، لا مذهب ۽ ٻين عقيدن جي ماڻھن تي مشتمل آهي، جيڪي پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي ماحول ۾ رهن ٿا. 25 ڊسمبر 1991 کان اڳ ۾ هي ملڪ سوويت يونين جو حصو هو ۽ ان جي ٽٽڻ کانپوءِ آزاد حيثيت ۾ قائم آهي. هن ملڪ ۾ تعليمي شرح %99 سيڪڙو آهي ۽ قومن جي لحاظ سان ڪازاخ (ڪزاڪ) %68 ۽ ان کانپوءِ ترتيبوار رشين، ازبڪ، پوڪريني، تاتار، جرمن ۽ ٻيون قومون اچي وڃن ٿيون. هي جابلو ملڪ وچ ايشيا ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ هن جون سرحدي حدون اوڀر ۾، چين، روس ۽ ڏکڻ ۾ ڪرغستان، ازبڪستان ۽ ترڪمنستان سان ملن ٿيون. هن ملڪ ۾ وڏي مقدار ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا آهن ۽ ڪرنسي جو نالو ٽنگي(Tenge) آهي. ٽي ٽنگ پاڻ واري هڪ رپئي جي برابر آهن.
هاڻ هلو ته ايڪسپو 2020 دبئي جي ال فورسن(Al-Forson) زون ۾ واقع ڪازخستان پويلين گھمون.
هي پويلين عرب امارات، موناڪو، سوئٽزرلينڊ ۽ لڪيمبرگ پويلين کانپوءِ ايڪسپو جو سڀ کان وڏو پويلين آهي جيڪو ٽن منزلن تي مشتمل آهي. هن جي ٺاهڻ تي ڪل لاڳت 23.4 ملين ڊالر آئي ۽ ان ۾ 850 ميٽرڪ ٽن سريو استعمال ٿيو. هن پويلين جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ آرڊيڪو (Ordeco) ۽ انسگليوڪ(Insglueck) جي ٺاهيل آهي. جيئن ته ايڪسپو 2020 دبئي ۾ هر پويلين جو ڪو نه ڪو مرڪزي عنوان يا خيال(Theme) آهي جيڪو ان ملڪ جي پسمنظر ۽ مستقبل جي مقصدن کي ظاهر ڪري ٿو. ڪازخستان پويلين جو ٿيم آهي The Gate Way to Tomorrow جيئن ئي پويلين جي اندر داخل ٿيندئو ته هڪڙي کليل اڱڻ يا انتظار گاھ (Waiting area) آهي، جنھن ۾ وڻ ٽڻ ۽ گلن ٻوٽن جي سجاوٽ کانسواءِ ويھڻ لاءِ مختلف ڊزائينن ۾ ٺھيل بينچون به پيل آهن ۽ هڪ رنگين لائيٽن وارو ڦوهارو پڻ لڳل آهي.
سڀ کان پھرين توهان جي اينٽري (داخلا) هڪ وڏي هال ۾ ٿئي ٿي جتي توهان کي هڪ پوري ديوار جي اسڪرين تي فلم ڏيکاري وڃي ٿي، جنھن ۾ انسان جي ارتقائي عمل جي مرحلن مان گذرڻ بابت ڄاڻ ڏنل آهي. هن فلم ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته اسين سڀ ڌرتيءَ جا انسان بني بشر (Homo Sapiens) جو تسلسل آهيون. هن فلم ۾DNA جو انسان جي ارتقا ۽ ترقي ۾ رول ٻڌائيندي اِها ڄاڻ ڏني وڃي ٿي ته اسين چاهي ڌرتيءَ جي ڪھڙي به خطي جا هجون ۽ ڪھڙي به ڪٽنب قبيلي، رنگ نسل، مذهب ۽ قوم جا هجون، پر اسان جي پوري انسان ذات جوDNA هڪ آهي. هن فلم جي ذريعي انسان جي عالمي طور هڪ هئڻ جا دليل ڏيندي ڀائيچاري ۽ بنا ڪنھن نسلي، قومي ۽ مذھبي ڀيد ڀاوَ جي امن سان گذارڻ جو درس ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪازخستان آبادي جي حساب سان مسلمان اڪثريت جو ملڪ آهي، پر چورائي ريپبلڪ آف ڪازخستان ٿو. ھتي مختلف مذهبن جا ماڻھو ته رهن ئي ٿا، پر لادين (مذهب کي نه مڃيندڙ) به رهن ٿا. تڏھن به سڀ پاڻ ۾ بنا ڪنھن تفريق جي امن ۽ سڪون واري ماحول ۾ گڏجي رهن ٿا ۽ ڪير به ڪنھن جي عقيدي يا فڪر ۾ ٽنگ ڪونه ٿو اڙائي. ساڳئي وقت استاد ڊارون واري ارتقا جي نظريي کان وٺي اڄ جي جديد دور جي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي تسلسل تائين سمورو علم هتي جي ٻارن کي پڙهايو وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ڪازخستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ اسان اڃان عقيدن جي انڌي تقليد ۽ جھالت جي ڌٻڻ مان ڪوشش ڪرڻ ته پري، پر اُلٽو انھن ۾ وڌيڪ ڦاسندا پيا وڃون. هن حصي ۾ توهان جي آمد وقت ڀليڪار به ٿئي ٿي ۽ ھڪ حَسين و جميل ليڊي توهان کي پرزنٽيشن (تفصيل کان واقف ڪرڻ) به ڏي ٿي. توهان کي ٻڌائيندو هلان ته پويلين جي هر سيڪشن ۾ نه صرف توهان جي پيار ڀريل ٻن لفظن سان آجيان ڪئي وڃي ٿي، پر اختتام تي توهان جي آمد جو ٿورو به مڃيو وڃي ٿو.
هتان کان توهان جي داخلا ٻئي سيڪشن ۾ ٿئي ٿي جنھن ۾ ڪازخستان جي رهڻي ڪھڻي، تاريخ، جاگرافي، ثقافت، زراعت ۽ معاشي ترقي بابت مختلف ديوارن تي ننڍين ننڍين اسڪرينن تي فلمون هلنديون رهن ٿيون، جيڪي سينسر سان جڙيل آهن. اسڪرين تي هٿ ڦيرڻ سان هلندڙ فلمن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ اهڙيءَ ريت توهان انھن جي اندر وڃي انهن جي موضوعن (Contents) بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگھو ٿا. ان کانسواءِ هن سيڪشن ۾ توهان کي ڪازخستان جي شھر الماتي ۾ پھرئين صوف جي لڳل وڻ ۽ گولڊن مين جي ڪھاڻي ٻڌائي وڃي ٿي. گولڊن مين جنھن کي ڪازخستان جا ماڻھو هيرو ڪري وٺن ٿا ۽ ان جو پتلو الماتي شھر ۾ آويزان آهي. گولڊن مين جنھن جو نالو ڪي چون ٿا تهZolotoic Chelovec هو ۽ رشين هو ۽ ڪي چون ٿا ته ان جو نالوAltem Adam هو ۽ ڪزاڪ هو، ھن جو لاش 1969ع ۾ الماتي شھر کان پريان کوٽائي مان مليو.
ڪازخستان جو هي هيرو قبل مسيح کان ٻه ٽي سئو سال اڳ ٿي گذريو آهي ۽ هن جو Seythian قبيلي سان واسطو هو. هن شھزادي ۽ بهادر حڪمران کي سونو لباس پاتل آهي ۽ چيلھ تي تلوار ٻڌل ۽ هٿ ۾ تير ڪمان (ڪٽاري) آهي ۽ هن جي ڇٽ (تاج) ۾ گھوڙي، ٻڪري، شينھن ۽ ٻين پکين جا کنڀ ۽ سنڱ جڙيل آهن ۽ ڪِنجهي(Bronze) ۽ سون جا زيور پاتل آهن جنهن ۾ هيرا موتي جڙيل آهن. کنڊرات ۾ واقع هن جي قبر مان سون جا ڪپڙا ۽ زيور به مليا آهن. هن ئي سيڪشن ۾ ڪازخستان ۾ اڳندڙ مختلف فصلن جي ٻجن ۽ ٻين ثقافتي توڙي مختلف سائنسي شين جا ماڊل رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ هن سيڪشن ۾ انوِويشن گلاس اسفيئر به رکيو ويو آھي جيڪو ڪازخستان جيNur Alem سائنس ميوزيم ۾ رکيل ماڊل جيان آهي ۽ ملڪ جي خلائي سرگرمين جي ڪارڪردگي کي ظاهر ڪري ٿو.
هن سيڪشن کانپوءِ توهان جي اينٽري مٿئين فلور تي هڪ هال ۾ ٿئي ٿي جنھن ۾ مختلف پھاڙي علائقن مان ملندڙ پٿر ۽ ڌاتو شوڪيسن ۾ رکيل آهن ۽ هن سيڪشن کي ارٿ زون(Earth Zone) جو نالو ڏنو ويو آهي. هتي جست(Zinc) ڌاتو جو جديد ٽيڪنالاجي تي مشتمل پلانٽ به لڳايو ويو آهي، جيڪو مستقبل ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪندو، جنھن کي توهان خود آپريٽ ڪري ان بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگھو ٿا.
ان سيڪشن مان گذرڻ کانپوءِ توهان جي اينٽري وري هڪ ٻئي وڏي هال ۾ ٿئي ٿي جتي مستقبل جي اڏامندڙ راڪيٽن جا ماڊل هڪ تمام وڏي ٽيبل تي رکيا ويا آهن، جنھن تي ڪمپيوٽر اسڪرين سيٽ ڪيا ويا آهن ۽ وچ تي هڪ وڏو شيشي جو ٽاور به نصب ڪيو ويو آهي. ڪمپيوٽر اسڪرينن تي راڪيٽ متعلق ڄاڻ ڏنل آهي ۽ توهان مائوس يا هٿ ڦيرائي انھن مستقبل جي خلائي سفر کي سھل بڻائيندڙ راڪيٽن جي سگھ، هوا جي دٻاءُ، خلا ۾ پرواز، ٻارڻ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل مسئلن جي ڄاڻ وٺي سگھو ٿا. توهان جي اسڪرين تي مائوس يا هٿ ڦيرائڻ سان وڏي ٽاور جي مختلف حصن ۾ بال گردش ڪري نتيجن جي ڄاڻ ڏين ٿا. ساڳئي وقت ان حوالي کان هال جي ديوارن تي نصب ٿيل ننڍا اسڪرين پڻ ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هلندا رهن ٿا.
ان کانپوءِ توهان جي آخري اينٽري سڀ کان مٿئين طبقي تي ٿئي ٿي جنھن ۾ هڪ وڏو اسٽيج ٺھيل آهي ۽ ان جي بيڪ گرائونڊ ۾ پوري ديوار تي اسڪرين لڳل آهي. اسٽيج تي مٿان کان هيٺ تي هڪ وڏو روبوٽ انساني ٻانھن جي شڪل جو ايئن لٽڪيل آهي جيئن ڇت ۾ پنکو ٽنگيل هوندو آهي. هن سيڪشن کي مستقبل جو سفر يا سواري(Future Travel) جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ جيئن ئي اسڪرين تي فلم شروع ٿئي ٿي، اسٽيج تي هيٺ زمين مان ماڻھو نڪري ٿو ۽ اهو پنھنجي هٿن جي چرپر ۽ اشارن سان روبوٽ ٻانھن کي ڪمانڊ ڏي ٿو ۽ روبوٽ ٻانھن ان جي حڪمن جي پوئيواري ڪري ٿي ۽ پسمنظر ۾ موضوع جي مناسبت سان اسڪرين تي فلم هلندي رهي ٿي. هن شو کي هيومن انٽرايڪشن جو نالو ڏنو ويو آهي. ماڻھو روبوٽ تي سواري ڪري ٿو، ويهي ٿو، بيھي ٿو، اُلٽو ڪلٽي کائي ٿو ۽ ان کي پنھنجي مرضي سان ڪمانڊ ڏيندو رهي ٿو ۽ روبوٽ ٻانھن هڪ آگيا ڪاري اولاد يا شاگرد جيان ان جو چيو مڃي ٿي. دراصل هي مصنوعي ذهانت(Artificial Intelligence) جو تعارف آهي ۽ هن ۾ توهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته هيءَ ئي ٽيڪنالاجي اڳيان هلي انسان جو مستقبل طئي ڪندي ۽ توهان هن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پوري دنيا جو سفر ڪري سگھندا ۽ اھا توهان جي زندگيءَ کي سھل بڻائيندي. جيتوڻيڪ ان ۾ خطرا به درپيش ايندا، پر اهائي توهان جي مستقبل جي نه صرف سواري، پر روز مره جي زندگي جو حصو به هوندي ۽ هن ئي ٽيڪنالاجي جي ذريعي توھان ڌرتي ۽ آسمان جي پوري جھان تي دسترس حاصل ڪندا. ڪنھن شو ۾ روبوٽ ٻانھن سان گڏ مرد ته وري ڪنهن شو ۾ عورت ساڳيو ڪردار ادا ڪري ٿي. مصنوعي يا هٿرادو ذهانت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڪمال ايجاد آهي، جيڪا مستقبل ۾ انسان جا مقصد طئي ڪندي ۽ انساني زندگي کي سھل بنائڻ سان گڏ ڪائنات جي اڻ ڏٺل پاسن (زاوين) کان روشناس ڪرائيندي. هن شو جي اختتام سان ئي ٻاهر نڪرڻ واري گيٽ تي بيٺل سندري چھري تي مرڪ سجائي توھان کي الوداع چئي ٿي.
هن پويلين کان ٻاهر نڪرندي منھنجو ته دماغ ئي چڪرائجي ويو آهي. مار! دنيا وڃي ڪٿي پھتي آهي ۽ ان جي سوچڻ جو انداز ڪيڏو نه بدلجي ويو آهي ۽ اسين اڃان به کوھ جا ڏيڏر بڻيل آهيون. ظاهر آهي ته مدي خارج ۽ غير سائنسي نصاب اسان جي سوچن کي ڌوڙ بدلائي سگھندو. اسان ته اڃان ان مسئلي ۾ ئي منجھيل آهيون ته پھرين ڪڪڙ پيدا ٿي يا بيضو. جتي ڊارون جي ارتقا جي نظرئي ۽ استاد گيليلو جي سيارن بابت ڄاڻ کي ھِن دور ۾ (اڃان) به ڪوڙ ۽ غلط سمجھيو وڃي، اُتي جھالت ۽ وهم پرستي ئي پاڙون پختيون ڪندي. اهڙي معاشري يا سماج ۾ جي شعور جا سَلا اُڀرن ۽ ترقي جون راهون روشن ٿين ته اهو هڪ خواب ئي ٿي سگھي ٿو. بھرحال پوءِ به خواب ڏسڻ گهرجن ۽ اميدن جا ڏيئا جلائي رکجن، متان ڪي ڀٽڪيل ۽ ڀليل صحيح گس تي پئجي وڃن ۽ من ڪي وشال ڪائنات ۾ پنھنجي وجود کي ڄاڻي مستقبل جي بلندين تي جھنڊا لهرائي وجھن.
***