بشير ميمڻ جا سڀئي الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ جي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته بشير ميمڻ کي ڪڏهن به جسٽس فائز عيسيٰ جي خلاف ڪيس ٺاهڻ يا تحقيقات جو ناهي چيو. اسلام آباد ۾ سينئر صحافين ۽ اينڪر پرسنز سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ريفرنس فائل ڪرڻ جو ڪم بشير ميمڻ جو هو ئي نه ته ان کي ڇو چوان؟ وزيراعظم جو چوڻ هو ته هن (ن) ليگ يا پيپلز پارٽي جي خلاف ڪيسن ٺاهڻ متعلق به ڪڏهن به ناهي چيو ۽ خاتون اول جي تصوير جي معاملي تي مريم نواز تي دهشتگردي جو ڪيس بڻائڻ جو به ناهي چيو، بشير ميمڻ صرف اومني گروپ جي جي آءِ ٽي ۾ اڳڀرائي تي بريف ڪندو هو. هن جو چوڻ هو ته مون ان کي صرف خواجا آصف جي اقامي جي معاملي تي تحقيقات جو چيو هو، ان کي چيو هو ته تحقيقات ڪريو ته اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پرڏيهي وزير ۽ وزير دفاع غير ملڪي اقامو ۽ پگهار کڻندو هجي، خواجا آصف ڪيس جي تحقيقات جو فيصلو ڪابينا اجلاس ۾ به ڪري چڪا هئاسين. وزيراعظم ٻڌايو ته جهانگير ترين جي معاملي تي ملندڙ وفد جڊيشل ڪميشن بڻائڻ جو چيو هو، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته جهانگير ترين جو معاملو بئريسٽر علي ظفر ڏسندو، اهو ڏسندو ته ڪٿي جهانگير ترين کي ناجائز نشانو ته نه پيو بڻايو وڃي، بئريسٽر علي ظفر معاملي جي رپورٽ مون کي ڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته جهانگير ترين جي معاملي جي تحقيقات ضرور ٿيندي، احتساب کان پوئتي نٿا هٽي سگهون، چاهي پارٽي جي سينئر اڳواڻ جهانگير ترين جو ئي ڇو نه هجي. ان حوالي سان وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته شگر اسيڪنڊل جي تحقيقات ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان کي ناهي هٽايو ويو، ابوبڪر خدا بخش کي شگر اسڪينڊل جاچ ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments