خاص

ڪراچي وارا هوشيار! شهر ۾ برسات ۽ سخت سيءَ جي اڳڪٿي

ڪراچي ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان موسم خوشگوار آهي ۽ ٿڌ جي لهر ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي، پر موسميات کاتي شهرين کي اڳواٽ هوشيار ڪري ڇڏيو آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز موجب اولهه سسٽم 25 ڊسمبر تي بلوچستان مان داخل ٿي سگهي ٿو، ان سسٽم تحت ڪراچي ۾ 26 ۽ 27 ڊسمبر تي هلڪي مينهن جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 28 ڊسمبر تي سخت سيءُ رهندو، ان سسٽم تحت پارو 10 کان 9 تائين به رهي سگهي ٿو، سيءَ جي اها لهر 5 جنوري تائين جاري رهندي. موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا، چمن، خيبر پختونخواهه ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.