خاص

حڪومت پاران جي يو آءِ(ف) جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري کي ڊپٽي چيئرمين شپ جي آڇ

اسلام آباد حڪومت جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري کي ڊپٽي چيئرمين شپ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

جي يو آءِ جي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري  سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان ملاقات ڪئي. سينيٽ چيئرمين سان ملاقات کان پوءِ پرويز خٽڪ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت جي يو آءِ کي سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين جي  آڇ ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته مولانا عبدالغفور حيدري کي آڇ ڪئي آهي ته هو اسان جو ڊپٽي بڻجي وڃي.

جڏهن ان کان پڇيو ويو ته پي ڊي ايم طرفان اوهان کي ڊپٽي چيئرمين شپ جي آڇ ڪئي وئي ته ان جو چوڻ هو ته مون کي اڃان تائين پي ڊي ايم طرفان باضابطه طور تي آگاهه نه ڪيو ويو آهي. مان ان باري ۾ ڪجهه نٿو چئي سگهان اسان جون ملاقاتون ٿينديون رهنديون آهن. في الحال صادق سنجراڻي ئي اسان جو چيئرمين آهي.

ٻئي طرف اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ جي يو آءِ جڏهن ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) جو گڏيل اميدوار آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ان جي رهائشگاهه تي پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ جي خصوصي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ طاهر بزنجو، راجه پرويز اشرف، حافظ عبدالڪريم، ميان افتخار، جهانزيب جمالديني ۽ ٻين اپوزيشن اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾   ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي نالي تي حتمي صلاح مشورا ڪيا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته خصوصي ڪميٽي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جي سيٽ تي جمعيت علماءِ اسلام جڏهن ته سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ لاءِ مسلم ليگ(ن) مان اميدوار آڻڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي عهدن جي لاءِ نالن جو حتمي اعلان پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪندو.