سفرنامو

زنجبار جهنگٻار آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ حصو ڏهون زئنزيبار جو هڪ مشهور بوهري- ڪريم جي جيوانجي الطاف شيخ

زنجبار جهنگٻار

آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ

 

حصو ڏهون         -2

زئنزيبار جو هڪ مشهور بوهري- ڪريم جي جيوانجي

الطاف شيخ

پاڻ مانڊوي جي جيوانجي بوهري جي ٻي نمبر پٽ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته هو زئنزيبار مان لڏي ممباسا- جيڪو اڄ ڪينيا ملڪ ۾ آهي، پر تن ڏينهن ۾ ايسٽ آفريڪا سڏبو هو، ۾ اچي رهيو. سندس ننڍو ڀاءُ ڪريم جي جنهن جي ”ڪريم جي ڪمپني“ اڄ تائين دنيا ۾ مشهور آهي، اهو زئنزيبار ٻيٽ تي ئي رهي پيو. هن ڪيتريون ئي شيون انڊيا، ايران ۽ عرب ملڪن مان درآمد ڪيون ٿي، پر خاص شيون اناج ۽ گاسليٽ هو. اليڪٽرسٽي اڃان عام نه ٿي هئي ان ڪري ڪيترن ڪمن ۾ گاسليٽ ڪم آيو ٿي. هيءَ ته 1880ع ۽ 1890ع واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي، پر مون ويندي 1960ع واري ڏهاڪي ۾ دبئي جي هڪ سنڌي واپاري مورج منگهناڻيءَ وٽ ريفريجريٽر ڏٺو، جيڪو هو عدن مان کڻي آيو هو، اهو گاسليٽ تي هليو ٿي. الائي ڪيئن ٿي هليو؟ مون کي تڏهن معلوم ڪرڻ کتو ٿي. سندس وفات کان ڪجهه سال اڳ منهنجي ساڻس وري ملاقات ٿي هئي، پر پڇڻ رهجي ويو. ٿي سگهي ٿو دبئي ۾ هن سان ڪم ڪندڙ اسان جو اديب دوست رام بخشاڻي ان کان واقف هجي. لڳي ٿو ته گاسليٽ تي فرج سان ڳنڍيل جنريٽر هلندو هجي جيڪو فرج ۾ موجود امونيا يا فريان گئس کي ڪمپريسر ذريعي ٿڌو ڪندو هجي. بهرحال گاسليٽ آفريڪا کنڊ جي هڪ اهم ضرورت رهي آهي ۽ اتي جي ڪهاڻين ۾ به اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته ماڻهو هر وقت گاسليٽ لاءِ پريشان رهيا ٿي. هو ڇا اسان وٽ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “جنهن جي گهر ۾ ان جا داڻا، ان جا چريا به سياڻا”. سو آفريڪا ۾ به سمجهو ته مڇي ماني وارو اهو سمجهيو ويندو هو جنهن وٽ گهر ۾ گاسليٽ هوندو هو.

”ڪريم جي ڪمپنيءَ “ انڊيا ۽ ٻين ملڪن جي بندرگاهن ڏي جيڪي شيون ايڪسپورٽ ڪيون ٿي اهي هيون.: عاج، کوپرو، بوهي مڱ (peanuts)، ماکيءَ جو ميڻ (bee wax) لونگ وغيره. سيٺ ڪريم جي جي ڪمپني هڪ بين الاقوامي ڪمپنيءَ جي حيثيت اختيار ڪري چڪي هئي. هن يورپ جي ملڪن ڏي به سامان موڪليو ٿي، جتي خريداري ۽ وڪري لاءِ هنن جا ڪيترائي ايجنٽ مقرر هئا. هنن موريشس، مئڊاگاسڪر، سيشلز، انڊيا ۽ سلون ۾ به ڪاروبار هلايو ٿي. ساڳي وقت ڪريم جيءَ پنهنجي گهر جي مسئلن ۽ رسمن رواجن کي به منهن ڏنو ٿي. خاص ڪري هن جي اڳيان سندس پٽ علي ڀائيءَ جي شاديءَ جو مسئلو هو. انهن ڏينهن ۾ بوهري ڪنوارون پنهنجي ڳوٺ مان ئي آنديون ويون ٿي، سو ڪريم جي پنهنجي پٽ جي شاديءَ لاءِ انڊيا روانو ٿيو. پنهنجي پٽ جي مانڊويءَ ۾ ڌوم ڌام سان شادي ڪرائي زئنزيبار موٽڻ مهل هن باقي بچيل سڀ پئسو انڊيا مان مختلف مال خريد ڪرڻ تي لڳايو. هن جو ارادو هو ته هو اهي شيون زئنزيبار ۾ وڪرو ڪري وڏو نفعو ڪمائي سگهندو. ان ڪري هن پنهنجو پئسو ته سڀ لڳايو، پر قرض کڻي سامان وٺڻ جو به جوکم کنيو، جنهن کي پاڻ Calculated Risk چئي سگهون ٿا. ڇو جو زئنزيبار ۾ وڏو عرصو رهڻ ڪري هن کي آئيڊيا هئي ته اتي انڊيا جو ڪهڙو سامان جلد وڪرو ٿئي ٿو ۽ سٺو اگهه ڪري ٿو، پر افسوس جو ڪريمجي بوهريءَ جو الهه تلهه ناس ٿي ويو.

اهو سال 1861 هو، ڪريم جي جو جهاز هاڻ زئنزيبار جي ويجهو اچي پهتو هو ته سخت طوفان جي گهيري ۾ اچي ويو. جهاز کي هلڪو ڪرڻ ۽ ان جي Stability قائم رکڻ لاءِ جهاز وارن مسافرن گڏجي هڪ هڪ سامان جيٽيسن (Jettision) ڪيو. يعني سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو، پر نه ختم ٿيندڙ طوفان ۾ جهاز ڦٿڪي ڦٿڪي ٻڏي ويو. مسافر ڪريم جي سميت هٿ پير هڻي اچي ڪناري کي لڳا. جان سو بچي وئي باقي سامان مان ڪنهن کي سُئي به نه ملي. ڪريم جي جو ته سڀ ڪجهه اهو هو.

 هتي مون جيٽيسن لفظ استعمال ڪيو آهي جنهن کي سنڌي ۾ ڇا ٿا چون، اها مون کي خبر ناهي، پر دنيا جي تقريبن هر ٻولي: بنگالي، ملئي، جاپاني، ويندي عربي ۽ فارسيءَ ۾ اهوئي بين الاقوامي لفظ Jettison استعمال ٿئي ٿو. جهاز کي بچائڻ لاءِ جيئن ان تي سوار انسانن جي جان بچي سگهجي. اڄ به اهو قانون آهي ته سامان کي ڦٽو ڪيو وڃي. ان عمل کي جيٽيسن سڏجي ٿو. جنهن سامان کي سمنڊ تي پاڻي جي جهاز مان (توڙي هوائي جهاز مان) ڦٽو ڪيو وڃي ٿو ان سامان کي جيٽسم (Jetsam) سڏجي ٿو. سمنڊ تي اڪثر مختلف سامان ترندو نظر ايندو آهي، جنهن لاءِ سمجهي وڃبو آهي ته ڪنهن بدنصيب جهاز جو جيٽسم هوندو.

دراصل طوفان ۾ سمنڊ جي وڏين ڇولين جو پاڻي جهاز ۾ ڌوڪيو پوي ۽ سامان کي آلو ڪريو ڇڏي. سامان ۾ جي اناج، ڪپڙي، ڪاٺ جهڙي شيءِ آهي ته اهو پاڻي چُهي ڳرو ٿيو پوي ۽ جهاز جي ٻڏڻ جو خطرو وڌيو وڃي. شروع جي هڪ سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته هڪ دفعي پينانگ مان اسان کي هيروشيما (جاپان) لاءِ ڪاٺ کڻڻو پيو. ڪاٺ تمام گهڻو هو. اڄ جي ماڊرن جهازن جي ايئرٽائيٽ Hatches (گدامن) ۾ ڀرڻ کانپوءِ به ڪافي بچي پيو جنهن کي کڻڻ لاءِ اسان انڪار ڪيو، پر ملائيشيا جي چيني توڪئي (سيٺ) چيو ته باقي ڪاٺ جهاز جي ڊيڪ تي رکي وڃو. جي خراب ٿيو ته اسان جهاز وارن جي ذميواري نه ٿيندي. هو هر صورت ۾ ڀاڙو فل ڏيندو. اهو ڪاٺ ملائيشيا جي ٿلهن وڻن کي چورس شڪل ۾ چيري ٺاهيو ويو هو. يعني هڪ هڪ 8 انچ چورس ۽ ڏهه ٻارهن فوٽ کن ڊگهو هو. جهاز جي لوڏن ۾ ڪاٺ کي ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ ان جي چڱي طرح Lashing ڪئي وئي يعني ٻڌو ويو. هئچ (گدام) اندر به جيڪا شيءِ رکي وڃي ٿي ان کي چڱي طرح Secure ڪيو وڃي ٿو يعني رسن، ڪوڪن ڪلين، ڪاٺ جي چپرن ذريعي سوگهو ڪيو وڃي ٿو. اهو هڪ خاص سبجيڪٽ “ڪارگو ورڪ” ٿئي ٿو جيڪو ناٽيڪل ڪئڊٽ مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم دوران پڙهن ٿا ۽ پريڪٽيڪلي سکن ٿا.

پينانگ (ملائيشيا) کان هيروشيما تائين اٺ نو ڏينهن جو سفر آهي. رستي تي هانگ ڪانگ ۾ ڏينهن اڌ ترسي جهاز جي ٻارڻ لاءِ تيل به ورتوسين جو انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ۾ هر شيءِ ڊيوٽي فري (سستي) ملي ٿي. پينانگ کان هانگ ڪانگ تائين ڇا ماٺو سمنڊ ۽ سٺي موسم ملي، جواب ناهي. ڪٿي ڪا مينهن ڦڙي به نه وسي، پر بدنصيبي اچي اچي هيروشيما جي ڀرسان پهچڻ تي ٿي. ڪو ڏينهن اڌ جو سفر هو ته پهرين طوفاني بارش شروع ٿي ۽ پوءِ سمنڊ اهڙو بگڙيو جو ڇوليون جهاز کي ڍڪيو ڇڏين. پاڻيءَ ۾ پسڻ ڪري ڪاٺ ويو ڳرو ٿيندو ماڳهين Stability خطري ۾ پئجي وئي. يعني جهاز بئلنس مان نڪرڻ لڳو. جهاز ۽ ان ۾ سوار جهاز هلائڻ وارن کي بچائڻ لاءِ مجبورن ڊيڪ تي رکيل سمورو ڪاٺ جيٽيسن ڪرڻو پيو.

ڪڏهن ڪڏهن جهاز تي رکيل سامان، ڀلي کڻي اندر هئچ ۾ رکيل هجي، سامونڊي جهانڪن ۽ جهاز جي لڏڻ ڪري، ان جي Lashing ٽٽي پوي ٿي. ان صورت ۾ ڇا ٿو ٿئي جو جهاز جنهن پاسي جهڪي ٿو، سامان به ان طرف وڌي ٿو ۽ جهاز کي وڌيڪ جهڪائي ٻوڙيو ڇڏي. پراڻي زماني جي انهن سڙهن تي هلندڙ ٻيڙن ۾ اهو وڏو مسئلو هو ۽ ان وقت جا جهاز طوفانن جي سَٽ سهي نٿي سگهيا. ڪريم جي جي جهاز ۾ به هڪ ته سامان آلو ٿي ڳرو ٿيو هوندو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ڪري Stability خراب ٿي هوندي ۽ هنن مجبوريءَ جي حالت ۾ سامان جيٽيسن ڪيو هوندو.

سيٺ ڪريم جي جيڪو راتو رات امير ٿيڻ جا خواب ڏسندو زئنزيبار ڏي اچي رهيو هو اهو جڏهن زئنزيبار پهتو ته هن وٽ پائي به نه هئي. هن وٽ جيڪو پئسو هو اهو ته لڙهي ويو، پر ماڳهين ٻين جو قرضي ٿي پيو. ماڻهن جا قرض موٽائڻ لاءِ هن ٻين سيٺين جي دڪانن تي سيلز مئن ٿي ڪم ڪيو. ان سان گڏ هو پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن کان وڌيڪ قرض وٺي پنهنجو ڪاروبار به ڪرڻ لڳو. هوشيار ۽ ايماندار ماڻهو هو ان ڪري هر هڪ جو هن تي ڀروسو هو ۽ هن جي مدد ڪرڻ لڳا. خاص ڪري ممباسا ۾ رهندڙ بوهري ڪميونٽي جا ماڻهو.

ڳالهه اها آهي ته بزنس لاءِ فقط پئسو ضروري ناهي. تجربو ۽ تعلقات به ضروري آهن ۽ بزنس ۾ هر وقت فائدو به نه آهي ڪڏهن ڪڏهن قدرتي يا سياسي مصيبتن ۾ وڏا وڏا سيٺ ترپَٽ ٿيو وڃن. هانگ ڪانگ ۽ ملائيشيا پاسي جي ڪيترن سنڌي هندو سيٺين بابت لکيو اٿم ته هو ڪيئن ڏيوالا ٿي ويا جو هو مٿي تي کارو رکي هانگ ڪانگ جي گهٽين ۾ شيون وڪڻڻ لڳا يا پيٽ گذر لاءِ ٻين دڪاندارن وٽ سيلز مئن ۽ نوڪر ٿي ڪم ڪرڻ لڳا، پر واپاري تجربي ۽ عقل کان ڪم وٺي هو وري امير ٿي ويا. زئنزيبار جو هي بوهري ڪريم جي به ڪجهه سالن جي محنت بعد وري پاڻ ڀريو ٿي ويو. هو هڪ دفعو وري هر سال پاڻ سفر جون تڪليفون ڪري مانڊوي ويو ٿي جتان گراهڪن لاءِ سٺو اناج ۽ ٻيو سامان خريد ڪري زئنزيبار آيو ٿي. هن هر حالت ۾ اهو خيال رکيو ٿي ته گراهڪ کي صاف سٿري شيءِ ڏني وڃي ۽ نفعو گهٽ رکيو وڃي جيئن گراهڪ جو اعتماد برقرار رهي.

هن اڳتي هلي انڊسٽري ۾ اچڻ چاهيو ٿي پر هن ڏٺو ته آفريڪا ۾ فئڪٽريون ۽ ڪارخانا نه هلي سگهندا. ان ڪري هن امپورٽ ايڪسپورٽ سان گڏ ٻيو ائگريڪلچر جو ڪم ڪيو. هن اهو فيصلو ڪيو ته هارين جي بهتريءَ جو به خيال رکيو وڃي. ان ڪري هن خريد ڪيل جاگيرن تي ڪم ڪندڙ هارين لاءِ ڪلينڪون ۽ اسپتالون کوليون. سندن عبادت لاءِ مسجد ۽ سستي خريداريءَ وارا دڪان کوليا. يعني هن اهي ڪم ڪيا، جيڪي لئبر جي خوشحاليءَ لاءِ اڄ ٽنڊو سومرو جو زميندار رئيس امداد نظاماڻي ڪري رهيو آهي.

ڪريم جي جو اڪيلو پٽ علي ڀائي هن جي حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويو. پاڻ اڪيلي سر هر قسم جي ڌنڌي کي منهن ڏيندو رهيو. 1898ع ۾ سندس وفات تي سندس ڪمپني “ڪريم جي” مشهور ۽ بين الاقوامي ٿي چڪي هئي. ائگريڪلچر سان گڏ اها ڪمپني انشورنس، شپنگ ايجنسي ۽ موٽر وهيڪل جو ڪاروبار به ڪندي اچي. ڪريم جي جي وفات بعد هن جا پوٽا حسن علي، محمد علي ۽ يوسف علي ۽ انهن جو ڪزن طيب علي “ڪريم جي ڪمپني” جي ڪاروبار کي ڏسڻ لڳا. پهرين جنگ عظيم ۾ جرمنيءَ هارايو ۽ انهن جون ٽانگانيڪا (هاڻوڪي تنزانيا) ۾ جيڪي جاگيرون هيون، انگريزن نيلام ڪيون، جن مان ڪجهه ڪريم جي ڪمپنيءَ به خريد ڪيون ۽ انهن کي ٺاهي خوب ترقي ڪئي، پر 1967ع ۾ تنزانيا حڪومت جي سوشلسٽ پاليسيءَ جي ڪري ڪريم جي وارن کان سڀ ڪجهه کسجي ويو ۽ ڪاروبار پٽ سان وڃي لڳو، پر ڪريم جي وارن همت نه هاري. ان دوران يوسف علي جي ڪارن جي بزنس فئملي کي بچائي ورتو ۽ اڄ ڏينهن تائين هو “ٽويوٽا تنزانيا لميٽيڊ” جا مالڪ آهن. يوسف علي جو پٽ عبدالڪريم دارالسلام جو ميئر به ٿيو ۽ بعد ۾ تنزانيا جي پارليامينٽ جو اسپيڪر ٿي رهيو. هو 1961ع کان 1970ع تائين- يعني جن ڏينهن ۾ اسان دارالسلام اچڻ شروع ڪيو ته هو دارالسلام يونيورسٽي جو وي سي هو. پاڻ ٽانگانيڪا مان تنزانيا ٿيڻ واري ملڪ جي صدر جوليس نائريري جو سٺو دوست پڻ هو. سندس پيءُ يوسف ڪريم کي “Lion of Zanzibar”به سڏيندا هئا. پاڻ محمد علي جناح کان 6 سال ننڍو ۽ نهروءَ کان 7 سال وڏو هو.

 سڄي اوڀر آفريڪا ۾ ڪريم جي فئملي خير خيرات کان مشهور رهي آهي. هنن نه فقط مختلف شهرن ۾ اسپتالون، تعليمي درسگاهه، پارڪ وغيره ٺهرايا، پر ڪيترن آفريڪي نوجوانن کي اعليٰ تعليم لاءِ اسڪالرون به ڏيندا رهن ٿا. ان کان علاوه هنن ڪيترن ئي شهرن ۾ لائبريريون ۽ مسجدون ٺهرايون آهن. هن جي ڪزن طيب علي ڪريم جي (ڄم جو سال 1897ع ۽ وفات 1987ع) لاءِ ته مشهور آهي ته هن ڪمپني جي نفعي جو 60 سيڪڙو خيرات جي ڪمن لاءِ ٿي ڏنو.

دارالسلام جي سڀ کان وڏي عمارت ڪريم جي هال جيڪو 1955ع ۾ ٺهي راس ٿيو اهو “يوسف ڪريم جي” ڪريم جي جي پوٽي دارالسلام سٽي ڪائونسل کي تحفي طور ڏنو، جيڪو 1960ع کان 1999ع تائين تنزانيا جي پارليامينٽ هائوس طور استعمال ٿيندو رهيو. ان بعد تنزانيا جي گاديءَ جو شهر دارالسلام مان دودوما (Dodoma) ٿيو. يوسف علي جي پٽ امير يوسف علي ۽ ان جي زال ڪلثوم جو به هن ڪمپني جي ڪاروبار ۽ خيرات ۾ وڏو هٿ رهيو. کين ٽي ٻار هئا. وڏو حاتم امير اسان جو همعمر هو ۽ منهنجي لنڊن ۾ ٻين بوهري دوستن سان گڏ حاتم سان روٽري ڪلب جي هڪ ڊنر ۾ ملاقات ٿي هئي. هو بوهري ته نٿي لڳو گورو انگريز ٿي لڳو. پاڻ گذريل سال 2019ع ۾ لنڊن ۾ گذاري ويو. پاڻ ”ٽويوٽا تنزانيا لميٽيڊ” جو 31 سال چيئرمين ٿي رهيو. سندس وفات بعد ”ڪريم جي ڪمپني“ جو ڪاروبار هن جا پٽ ۽ پوٽا ڪليم ۽ دانيال هلائين ٿا. هنن جي هر هڪ ماڻهوءَ جي ڪاروبار، ڪم ڪار، خير خيرات ۽ سماجي زندگي وغيره جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي تنزانيا پاسي اچڻ تي اسانجي ماڻهن ۽ هتي جي مقامي شيدين کان ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. هتي ته مون “ڪريم جي هال” جي سامهون اچڻ تي هن بوهري فئملي کي ياد ڪري مختصر احوال لکيو آهي نه ته هنن بوهرين تي سڄو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. …(هلندڙ)…