علم ۽ هنر ۾ ويڇو ڇو؟ امتياز علي سومرو
اسان جنھن معاشري ۾ رھون پيا ان ۾ خاص ڪري ھڪ ننڍڙي ٻار کان ويندي ھڪ عاقل بالغ کي ان جي علم ۽ علمي قابليت جي مخصوص دائري اندر پرکيو وڃي ٿو.
جڏھن ته ان جي ھنر کي يڪطرفو نظر انداز ڪيو ويندو آھي.
مثال طور: اسين سڀ ھڪ پڙھيل لکيل کي ھڪ ھنرمند ھاري توڙي مزدور يا وري زندگيءَ جي ڪنھن به ٻئي ھنر واري پيشي سان تعلق رکندڙ فرد تي خاص فوقيت ۽ اھميت ڏيندا آھيون، پر ايئن ڇو؟
ان ڳالھ جو ھڪ ٻيو واضح مثال اسين جڏھن به ڪن وڏن شاپنگ مالز يا ريسٽورينٽس ۾ وڃون ٿا ته کين فڪسڊ پرائسز ۽ ھيوي سروس چارچز تي اف تڪ نٿا ڪريون ۽ وري ان جي ابتڙ جڏھن ڪنھن ھنرمند وٽ اچي پڄون ٿا ته پئسن جي معاملي تي سندس پائي پائي جو حساب ڪريون ٿا ۽ انھن سان ھر ڪم جي اگھ بابت طنزيه رويو رکون ٿا..
ايئن ڇو آھي؟؟
علم ۽ ھنر وارا ماڻھو برابر ڇو نه آھن؟؟
اھو سوال فقط ان ڪري جنم وٺي ٿو ته جيڪڏھن سڀ علم جي پرچار ڪندا ته ھنر جو ڪم ڪير بجا آڻيندو؟
اسان جي تعليمي ادارن ۾ پڻ ان ڳالھ کي قطعي نظر انداز ڪندي ته ھر شاگرد وٽ ھڪ خاص ڏات ھجي ٿي، ھر شاگرد قدرت ۽ فطرت موجب مختلف آھي، ان جي باوجود ھوشيار شاگرد کي خاص اھميت ڏني وڃي ٿي، جڏھن ته علم جي ميدان ۾ گھٽ وسعت رکندڙ کي جڏي، سست ۽ ڪاھل جھڙن گٿن لفظن سان نوازيون ٿا.
ان سڄي عمل تي ٻيا شاگرد ان مٿان ٺٺوليون ڪن ٿا ۽ پاڻ کي ان کان وڌ سمجھن ٿا ان عمل سان ان ٻار جي اندر احساس ڪمتري ۽ ڪيتريون ئي مايوسيون جنم وٺن ٿيون.
منھنجو منطقي نقطو فقط اھو آھي ته ھڪ ڪاموري ۽ ھڪ پورھيت کي ھڪ جيتري اھميت حاصل ھجڻ گهرجي.
جي منھنجي اھا ڳالھ ڪنھن اعتبار سان غلط آھي ته پوءِ پورھيت واري ڪانسيپٽ کي ختم ڪيو وڃي.
ھر فرد کي پنھنجي لاءِ زندگيءَ جي ضرورت جو ھر ڪم خود بجا آڻڻ گهرجي.
پنھنجي ذاتي رھائش جي لاءِ گھر جي اڏاوت کان ويندي روز مره جي زندگيءَ جي جياپي لاءِ کاڌي پيتي جو انتظام پاڻ ڪري..
جيتريون سھولتون علم وارا پورهيتن کي ڏين ٿا موٽ ۾ ان کان ڪيترائي حصا وڌيڪ آسانيون پورھيت علم وارن لاءِ پڻ پيدا ڪن ٿا.
اگر پورهيتن کي علم وارن جي ضرورت آهي ته زندگيءَ جي هر قدم تي علم رکندڙن کي پورھيت ۽ مزدور جي ضرورت پوي ٿي..
علم حاصل ڪرڻ سڀني انسانن جو بنيادي حق آھي ۽ اھو علم ئي آھي جيڪو انسان کي اونڌاهين مان ڪڍي دنيا جون روشنيون نصيب ڪري ٿو..
اسان سڀني کي اهو سمجهڻو پوندو ته علم ۽ ھنر جي ھڪ جيتري اھميت آهي. پورھيتن کي گھٽ اھميت ڏيڻ يا انھن کي پاڻ کان گھٽ ۽ نيچ سمجھڻ سماجي ۽ فطري لحاظ کان غلط آھي.

