پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٻي لهر ۾ تيزي: هڪ ئي ڏينهن دوران وڌيڪ ستٽيهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا
پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن جو انگ 30 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 37 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 2 هزار 208 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 63 هزار 380 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ وڌي 30 هزار 362 ٿي ويو آهي جڏهن ته هينئر تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 25 هزار 788 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 37 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جنهن کانپوءِ گڏيل فوتين جو انگ جو 7 هزار 230 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ مريضن جو انگ هڪ لک 57 هزار 432، پنجاب ۾ هڪ لک 11 هزار 626، خيبر پختونخواهه 42 هزار 815، اسلام آباد ۾ 24 هزار 871، بلوچستان ۾ 16 هزار 529، آزاد ڪشمير 5 هزار 640 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 467 انگ ٿي ويو آهي.

