پيٽرول کانپوءِ ايل پي جي به مهانگي، گهريلو سلينڊر جي قيمتن ۾ هڪ سئو ٻاويهه رپيا واڌ
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ايل پي جي، جي اگهن ۾ به واڌ ڪري ڇڏي آهي. آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي طرفان ايل پي جي، جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايل پي جي، جي في ٽن پيداواري قيمت 95283 رپيا في ٽن مقرر ڪئي وئي آهي. فيبروري 2021 جي لاءِ في ڪلو گرام ايل پي جي، جي قيمت 10 رپيا وڌي 158 رپيا ٿي وئي آهي. جڏهن ته گهريلو سلينڊر جي قيمت 122 رپين مان وڌي 1863 رپيا ٿي وئي آهي ۽ ڪمرشل سلينڊر جي قيمت 471 رپين مان وڌي 7168 رپيا ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي تي مارڪيٽنگ ۽ ڊسٽري بيوشن مارجن 35000 رپيا ٿي وئي.
….

