بلاگخاص

ملائيشيا اچڻ وارن لاءِ ٻه ڳالهيون

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

ملائيشيا اچڻ وارن لاءِ ٻه ڳالهيون

الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ پهرين ڏينهن آفيس ۾ پشاوري سئنڊل پائي ويس. هڪ ته مينهن ڪري رستا آلا هئا ۽ ٻيو اهڙو ڪو ٿڌڪار نه هو جو جوراب پائجن ڇو جو ظاهر آهي ڪَهين وارن بوٽن تي جوراب پائڻ ضروري سمجهيا وڃن ٿا يا شايد بوٽ پالش نه ٿيل هئا، بهرحال ان پهرين ڏينهن، آفيس ۾، مون سئنڊل پائي وڃڻ ۾ وڌيڪ فرحت محسوس ڪئي. هونئن منهنجي دل ته هميشه چمپل پائي هلڻ تي چوندي آهي، پر ظاهر آهي آفيس ۾، ڪنهن ڪلب يا ڪنهن دعوت ۾ چمپل پائي هلڻ کي پسند نٿو ڪيو وڃي نه وري اسان جي ملڪ ۾ انگلينڊ ۽ يورپ جهڙو سيءُ آهي جو اونهاري ۾ به جوراب ۽ بوٽ پائڻ ۾ مزو اچي. انگريزن پنهنجي سُک لاءِ هي پشاوري سئنڊل پائڻ کي Good Manners ۾ شامل ڪيو ۽ انهن جي وڃڻ بعد اسان جي ڪاري انگريز حاڪم ان کي Continue  ڪيو ۽ هاڻ توهان حيدرآباد جي جيم خاني ۾ به ڪهين واري بوٽ ۽ جورابن بدران هي پشاوري سئنڊل پائي داخل ٿي سگھو ٿا جنهن جي اڳيان ۽ پاسن کان وڏا سوراخ هجڻ ڪري هوا جو گذر ٿئي ٿو ۽ پٺيان فقط هڪ پٽي هجڻ ڪري پائڻ ۽ لاهڻ ۾ به سولو ٿئي ٿو.

بهرحال ان صبح جو آئون سئنڊل پائي آفيس ۾ ان هنڌ تي پهتس جتي حاضري لڳائڻ لاءِ مشين ۾ پنهنجي حاضريءَ جو ڪارڊ وجھي پنچ ڪيو وڃي ٿو. منهنجي اڳيان ٻه ٽي ملئي ۽ چيني آفيسر بيٺا هئا. اهي منهنجي هن قسم جي بوٽ (سئنڊل) کي ڏسي حيرت کائڻ لڳا. مسٽر “چي” نالي هڪ ليڪچرار (جنهن بابت بعد ۾ خبر پئي ته ڳالهائڻ جو بلڪل کرو آهي ۽ ڪنهن جو لحاظ نٿو ڪري) ٽهڪ ڏيندي مون کي چيو “مسٽر پاڪستاني! وٽ از دس؟” ۽ آئون تعجب کائيندو رهيس ته هي منهنجي سئنڊل کي ڏسي حيران ڇو ٿي ويا آهن. ڇا هنن ڪڏهن ڏٺو ناهي ڇا؟

۽ پوءِ ڪجھه ڏينهن بعد ڳالهه سمجھه ۾ آئي ته اهڙا سئنڊل ملائيشيا وارن نه ڏٺا آهن ۽ نه هن ملڪ ۾ هلي سگھندا. ڇو جو ملائيشيا نانگن، بلائن ۽ زهريلن جيتن جڻين جو ملڪ آهي. گھڻي بارش ڪري، چوڌاري ايڏو ته وڏو گاهه آهي جو رات جو ته ڇا، پر ڏينهن جو به اهڙي سئنڊل ۾ هلڻ خطري کان خالي ناهي. سو ملائيشيا، انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلينڊ، ڪمبوڊيا ۽ ويٽنام جهڙن ملڪن ۾ اچڻ وارن کي کپي ته پاڻ سان ان قسم جي سئنڊل آڻڻ جي تڪليف هرگز نه ڪن ۽ ملائيشيا اچڻ وارن کي ته ڪهين وارو بوٽ به پائڻ نه کپي جو ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ڪنهن جي گھر وڃڻ وقت بوٽ ٻاهر لاهڻو پوي ٿو. ان ڪري ملائيشيا ۾ سڀ کان آسان سليپر (بنا ڪهين وارو بوٽ) رهي ٿو ۽ توهان ڏسندئو ته هرهڪ بنا ڪهين وارا جوتا استعمال ڪري ٿو. شهر ۾ ڪهين وارو بوٽ پائيندڙ نظر اچنوَ ته سمجھي وڃو ته هي ڌاريو ٽوئرسٽ آهي يا هاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ملائيشيا آيو آهي.

بوٽ لاهي گھر ۾ گھڙڻ جي رسم ڏور اوڀر جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهي جهڙوڪ جاپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، ٿائلينڊ وغيره وغيره.

ٻي ڳالهه ته ملائيشيا يا جاپان ايندڙ ڊگھي قد جي پاڪستانين کي کپي ته هو پنهنجي لاءِ قميصون توڙي پتلونون پاڪستان مان ئي ٺهرائي اچن، جو هنن کي هتي جي ريڊي ميڊ ڪپڙن جي دڪانن ۾ هرگز نه ملنديون. هن پاسي جا ماڻهو گھڻو ڪري بندري قد جا آهن ۽ ننڍي سائيز جون قميصون ۽ بوٽ ته هن پاسي جام آهن ۽ سستي اگھه ۾ ملندا، پر وڏي سائيز لاءِ توهان کي ڪنهن يورپي يا آمريڪن جي لڏي وڃڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو، جيڪي ٻئي ملڪ بدلي ٿيڻ يا شهر ڇڏڻ تي پنهنجو سامان کڻي وڃڻ بدران اوڻي پوڻي ۾ وڪڻڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏيندا رهن ٿا.