ايڊيٽوريلنئون

ڪراچيءَ کانپوءِ حيدرآباد ۾ گاڏين جو اِي چالان ڪرڻ جي پلاننگ

وقت سان گڏوگڏ روڊن تي ٽريفڪ جي وڌڻ سبب حادثا وڌي رهيا آهن ۽ غير قانوني طور تي هلندڙ گاڏيون به رستن تي نظر اچن ٿيون. اهڙا ڊرائيور گاڏي هلائي رهيا آهن جن وٽ ڊرائيونگ لائسنس به نه آهن يا ننڍي عمر جا ٻار گاڏيون هلائي ماڻهن جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي وڃن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون اسان جي معاشري جي غير ذميداري جي نشاندهي ڪن ٿيون. هاڻي سنڌ حڪومت انهن سڀني شين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ کانپوءِ حيدرآباد جي پنجن روڊن تي اِي چالان لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪيمرائون لڳائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. جنهن ۾ ٿڌي سڙڪ، آٽوڀان روڊ، قاسم چوڪ کان سنڌ ميوزيم روڊ، قاسم چوڪ کان فلٽر پلانٽ ۽ قاسم چوڪ کان هالا ناڪا روڊ تائين ڪيمرائون لڳائي اِي چالان ڪيو ويندو. ٽريفڪ پوليس، حيدرآباد ۾ اِي چالان سسٽم کي مرحليوار شروع ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي. شروعاتي مرحلي ۾ انهن پنجن مکيه روڊن تي ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊرائيورن تي اِي چالان ڪيا ويندا. جنهن لاءِ سمارٽ ڪيمرائن جي تنصيب جو ڪم جلد ئي شروع ڪيو ويندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ ۾ ٽريفڪ سوڌو هر شعبي جي نظام کي ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان هلايو وڃي. ڇو ته ٽيڪنالاجي خودڪار طريقي سان ڪم ڪري ٿي ۽ اتي ماڻهن جي مداخلت نه هجڻ جي ڪري اها ڪابه ڪرپشن نٿي ڪري، هن وقت اسان کي ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال جي سخت ضرورت آهي. ٽريفڪ جو نظام جڏهن ٽيڪنالاجي جي مدد سان بهتر ٿيندو عوام جي زندگيءَ ۾ هڪ بهتر تبديلي پيدا ٿيندي. ممڪنه طور تي موٽرسائيڪل، ڪار يا ٻين گاڏين کي سگنل ٽوڙڻ تي چالان ڪيو ويندو، تيز رفتاري، ڊرائيونگ دوران موبائل فون جو استعمال ڪندي، موٽرسائيڪل تي هيلمٽ نه پائڻ ۽ گاڏيءَ ۾ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ، موٽرسائيڪل يا ڪنهن ٻي گاڏي جو غلط پارڪنگ زون ۾ بيهارڻ. ان کان علاوه گاڏي يا موٽرسائيڪل کي روڊ جي غلط لين ۾ ڊرائيو ڪرڻ تي چالان ڪيو ويندو.

انهن سڀني قدمن کڻڻ کان پهرين ضروري آهي ته حيدرآباد ٽريفڪ پوليس عوام اندر آگاهي مهم هلائي عوام کي ضروري معلومات فراهم ڪري ته جيئن ماڻهن کي نئين قانون جي نافذ ٿيڻ کان اڳ ئي ان جي لاءِ آگاهي پيدا ٿئي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي کين ڪهڙي مالي سزا ملي سگهي ٿي، ان جي باري ۾ به انهن جي ذهن سازي ٿي وڃي. ان کان علاوه عوام کي اها به آگاهي ڏني وڃي ته انهن کي اِي چالان ڪيئن وصول ٿيندو ۽ ان کي ڪٿي ۽ ڪيئن جمع ڪرايو ويندو ته جيئن عوام اندر بيچيني پيدا ٿيڻ بجاءِ انهن کي درست نموني سان هر شيءِ جي آگاهي هجي. وڏن چوڪن تي ٽريفڪ پوليس کي اهڙين هدايتن جي لاءِ بورڊ ۽ بينر ضرور لڳائڻ کپن جنهن سان ماڻهن جي اندر اِي چالان بابت وڌيڪ معلومات پکڙجي سگهي. قانون جو نفاذ جيڪو جيڪو معاشي ۾ نظم و ضبط پيدا ڪرڻ لاءِ لاڳو ڪيو وڃي ٿو ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته جيئن اسان سڀ انسان آرام سان پنهنجي زندگيءَ ۾ هلي گهمي سگهون ۽ سڀئي انسان هڪ نظم و ضبط سان گڏ هلي سگهن. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ سرڪاري عملدارن کان وٺي سياستدانن تائين زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو به ٽريفڪ سگنل جي لائيٽن جي حڪم جا غلام هوندا آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ قانون جي پاسداري جو رواج نه هجڻ جي ڪري هر ماڻهو، هر گاڏي هلائڻ وارو يا موٽرسائيڪل هلائڻ وارو قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ کان نٿو ڪيٻائي. جنهن جي ڪري رستن تي روز ڪيترائي حادثا ٿين ٿا ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي. اِي چالان جي اچڻ سان حيدرآباد جا مخصوص روڊ جن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي اهي رواني سان هلڻ لڳندا ۽ سڀني کي پنهنجي ذميدارين جو احساس ٿيندو، ڇو ته ڪنهن به غلطي جي صورت ۾ ان جي کيسي مان پئسا نڪرندا ۽ پوءِ چاهي اهي موٽرسائيڪل هلائڻ ورا هجن يا وڏي گاڏي وارا، سڀني کي ڪيمرا جي اک کان ڊپ ٿيڻ شروع ٿيندو.

ڇو ته ڪيمرا جي نظر ۾ ڪوبه تعصب نه هوندو آهي. هاڻي اسان جي هر شهر جي ٽريفڪ جو جديد حل اِي چالان ئي آهي. اِي چالان نه صرف ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪندو بلڪه سنڌ ٽريفڪ پوليس کي هڪ وڏي مالي مدد فراهم ڪندو. جنهن سان پوليس جي سٺي آمدني ٿيندي ۽ گاڏين جا رڪارڊ ٺهندا ويندا، رشوت جو خاتمو ٿيندو ۽ اسان جي عام ماڻهو جي ڏنڊ ڀريل پئسن سان ٽريفڪ جي ڍانچي ۾ سڌاري اچڻ جا امڪان وڌي ويندا. ان جي لاءِ ضروري آهي ته سڄي سسٽم کي شفافيت سان هلايو وڃي هر روڊ، هر ٽريفڪ سگنل کي مڪمل طور تي فنڪشنل هجڻ گهرجي ته جيئن هي نئون سسٽم عوام جي اندر بيچيني پيدا ڪرڻ بدران ان کي سک جو ساهه پٽڻ لاءِ هڪ نئين شروعات بڻجي وڃي.