بلاگنئون

سنڌي صحافت ۾ لفظن جو بگاڙ

سنڌي صحافت هن وقت رڳو معاشي ۽ ادارتي دٻاءُ کي منهن نه پئي ڏئي، پر ٻوليءَ جي سطح تي به هڪ خاموش بحران مان گذري رهي آهي. خبرن، رپورٽن ۽ ڪالمن ۾ اهڙا لفظ ۽ اصطلاح عام ٿي ويا آهن، جيڪي نه رڳو سچ کي ڌنڌلو ڪن ٿا، پر سنڌي ٻوليءَ جي فطري رواني، خوبصورتي ۽ معيار کي به متاثر ڪن ٿا. خاص طور تي جڏهن ڪنهن ناانصافي، ظلم يا ڪرپشن بابت رپورٽ ڪئي وڃي ٿي ته “بااثر ڌريون”، “ذميوار حلقا” يا “اثر رسوخ رکندڙ شخص” جهڙا اڻ چٽا لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا.

اهڙي ٻولي جو بنيادي سبب صحافين ۾ خوف آهي: ذاتي سلامتيءَ جو خدشو، ادارتي دٻاءُ، اشتهارن جي مجبوري، سياسي اثر، ۽ ڪڏهن توهينِ عدالت يا بدنامي جهڙن قانوني ڪيسن جو ڊپ. ڪيترائي صحافي روزگار وڃائڻ، ٽرانسفر ٿيڻ يا ميڊيا هائوس مان ڪڍجڻ کان به ڊڄن ٿا. نتيجي طور هُو سچ کي نالي سميت لکڻ بدران لفظن جي اوٽ وٺي پيش ڪن ٿا، جنهن سان خبر جو وزن، اثر ۽ مقصد ختم ٿي وڃي ٿو، پر صحافت جو اصل ڪم خوف سان سمجھوتو/ٺاھ ڪرڻ نه، پر سچ کي ذميواري سان عوام آڏو آڻڻ آهي. جڏهن ناانصافي ڪندڙن جا نالا لڪايا وڃن ٿا ته ڏوهاري وڌيڪ طاقتور ٿين ٿا، جڏهن ته متاثر ماڻهو ٻيهر ۽ ٻيهر مظلوم بڻجن ٿا. “بااثر”  لکڻ سان خبر مبهم، ڪمزور ۽ بي اثر ٿي وڃي ٿي، جڏهن ته نالو لکڻ سان ئي خبر احتساب جو ذريعو بڻجي ٿي ۽ سماج ۾ سوال اٿاري ٿي. لفظن جو هي بگاڙ صرف نالن لڪائڻ تائين محدود ناهي، پر ٻولين مان لفظ کڻي اچڻ تائين به پکڙيل آهي. سنڌي صحافت ۾ خاص طور اردو مان آيل لفظ “مبينا” جو ھروڀرو استعمال عام ٿي ويو آهي. جڏهن ته سنڌي ٻولي پاڻ هڪ شاهوڪار ۽ خودمختيار ٻولي آهي. سنڌي ۾ “غير تصديق ٿيل”، “اڃان ثابت نه ٿيل” جهڙا صاف، سادا ۽ معنيٰ خيز لفظ موجود آهن، جيڪي ڳالهه کي به واضح ڪن ٿا ۽ قانوني حدن ۾ به رکن ٿا. پوءِ پنهنجي ٻوليءَ جي موجود لفظن کي ڇڏي ٻين ٻولين جا اصطلاح اختيار ڪرڻ لساني ڪمزوري نه ته ٻيو ڇا آهي؟

ٻين ٻولين جا لفظ بغير سوچڻ ۽ بي ضرورت استعمال ڪرڻ سان سنڌي ٻوليءَ جي سڃاڻپ، فڪري صفائي ۽ لساني معيار متاثر ٿئي ٿو. صحافت رڳو خبر ڏيڻ جو نالو ناهي، پر ٻوليءَ جي حفاظت، واڌ ويجهه ۽ معياري استعمال جي ذميواري به آهي. جيڪڏهن صحافي پاڻ پنهنجي ٻوليءَ تي ڀروسو نه ڪندا ته پوءِ نئين نسل لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ۽ وقار ڪهڙو رهندو؟ هي مسئلو رڳو لفظن تائين محدود ناهي، پر درست لکائي ۽ لکڻي جي معيار تائين به پکڙجي ويو آهي. جيئن ته سوشل ميڊيا تي سنڌي لکڻي جو خيال نٿو رکيو وڃي جنھن ۾ صحافي ۽ پڙهيل ماڻهن پاران غلط صورتخطي شامل آھي جيئن ته لکيل مواد وڏي پيماني تي پڙهيو وڃي ٿو. جڏهن اهي ماڻهو غلط صورتخطي يا غير معياري لفظ استعمال ڪن ٿا ته اها غلطي آهستي آهستي “نارمل” سمجهي وڃي ٿي. نوان پڙهندڙ، شاگرد ۽ نوجوان اهي ئي غلط صورتون نقل ڪن ٿا، جنهن سان سنڌي ٻوليءَ جي معياري لکڻي آهستي آهستي بگڙڻ لڳي ٿي.

صحافين جي ذميواري ان ڪري وڌيڪ آهي، ڇو ته صحافي ٻوليءَ جا روزاني وڪيل هوندا آهن. ميڊيا زبان جا معيار طئي ڪندي آهي. جڏهن ميڊيا ۾ غلط لکيو وڃي ٿو ته اهو “قبوليل” لڳڻ لڳي ٿو، جنهن سبب ٻوليءَ جو نظم ۽ ضابطو متاثر ٿئي ٿو. اها شايد فوري تباهي نه هجي، پر هڪ سنجيده خطرو ضرور آهي، جيڪو ايندڙ نسلن جي زبان جي سمجھه، اظهار ۽ فڪري سگهه کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو. هن صورتحال مان نڪرڻ لاءِ سنجيده ۽ عملي قدم کڻڻا پوندا. صحافين لاءِ صورتخطي ۽ ٻوليءَ بابت ورڪشاپون، نيوز رومن ۾ سنڌي ڊيسڪ يا پروف ريڊرن جي مقرري، سوشل ميڊيا تي معياري سنڌي لکڻي جي شعوري ترويج ۽ اسڪولن ڪاليجن ۾ مضبوط لساني تربيت انتهائي ضروري آهي. ساڳي وقت شهري سطح تي به “معياري سنڌي” کي دوستاڻو ۽ مثبت انداز ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. آخري لفظ ته مبهم لفظ، غير ضروري غير ملڪي اصطلاح ۽ غلط صورتخطي سان سنڌي صحافت پنهنجو اثر ۽ وقار وڃائيندي. صحافت جو مستقبل خوف ۽ لساني غفلت ۾ نه، پر سچ، بھادري ۽ پنهنجي ٻوليءَ تي فخر ڪرڻ ۾ آهي. جيڪڏهن ميڊيا سچ کي نالي سميت لکڻ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي معيار جي حفاظت نه ڪندي ته نه رڳو صحافت، پر سنڌي ٻولي به آهستي آهستي ڪمزور ٿيندي ويندي.