اسحاق ڊار وزارت تان استعيفيٰ
مملڪتي خزاني جي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ڏانهن پنهنجو استعيفا موڪلي ڇڏيو. هن پنهنجي استعيفا ۾ لکيو آهي ته هو بيماري سبب پنهنجون خدمتون پوريون نٿو ڪري سگهي ۽ هن وقت هو لنڊن جي اسپتال ۾ داخل آهي جتان هو پنهنجو علاج ڪرائي رهيو آهي. جڏهن ته وفاقي وزير جي نمائندي اهڙي خبر جي ترديد ڪئي آهي. هن وقت خزاني جي وزير واري سيٽ به خالي پئي آهي ۽ اهڙي صورت ۾ وزير اعظم ، خزاني جي وزارت کي هلائڻ لاءِ متبادل تي غور ويچار ڪري رهيو آهي. خبر موجب اهو به ممڪن آهي ته وزيراعظم ڪو اسسٽنٽ فنانس منسٽر مقرر ڪري. جڏهن ته هن وقت شوڪت ترين ۽ اڳوڻي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين جا نالا گردش ۾ آهن.