نئون

دبئي پوليس جي لاءِ اڏندڙ موٽرسائيڪلون تيار

دبئي پوليس ڏوهن  کي روڪڻ لاءِ اڏندڙ موٽرسائيڪلون خريد ڪري ورتيون. اهڙو قدم ڏوهن کي گهٽائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. دبئي پوليس جاپاني ڪمپني جي مدد سان هوورسرف(Hover Surf)  نالي بائيڪ تيار ڪرائي آهي. اها بائيڪ هنگامي صورتحال ۾ فوري عمل لاءِ ڪتب آندي ويندي. بيٽري سان هلندڙ اها بائيڪ پوليس وارن کي 5 ميٽر جي اونچائي تي کڻي وڃي سگهي ٿي. اڏندڙ هي بائيڪ 200 ڪلو ميٽر جي رفتار سان سفر ڪري سگهي ٿي. هي بائيڪ هڪ دفعو چارج ڪرڻ تي 8 ڪلاڪن لاءِ هلائي سگهجي ٿي. جڏهن ته وڌيڪ وزن وارن مسافرن سميت اها 70 ڪلو ميٽر جي رفتار سان اڏامي سگهندي. ياد رهي ته دبئي ۾ گاڏين لاءِ رفتار جي حد تمام گهڻي آهي، گاڏيون تمام تيز هلنديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن مجرم جي پويان پوليس کي وڃڻ ۾ اهڙين گاڏين جي ضرورت آهي جو انهن تائين پهچي سگهن.