بلاگنئون

ويو وڻجارو اوهري…!!

اجھو بس ڪجهه مھينا اڳ ۾ ئي سندس فون آيو ھو. آواز ۾ ساڳي سنجيدگي، ساڳيو وقار، پر اندر ۾ ھڪڙي ٻار جھڙي خوشي. چيائين ته سندس شاعريءَ جو مجموعو “ساري ڏجو سلام ڀينر منھنجا ڀٽن کي” ڪمپوز ٿي چڪو آھي ۽ ھاڻي ترتيب ڏيڻ ۾ کيس مدد گھربل ھئي. عنوانن جي جڳھه ۽ ڪھڙي نظم کي اڳ رکجي، ڪھڙي کي پوءِ، اھا ڳالھه ھن لاءِ رڳو ادبي ڪم نه ھئي، پر ڄڻ زندگيءَ جو پوتا ميل ھئي. سوچيان پيو ته شايد اھا پنھنجي اندر جي شاعر کي دنيا آڏو سھڻي ترتيب ۽ زيب سان پيش ڪرڻ جي سندس آخري تياري ھئي.

موت ھڪ اٽل حقيقت آھي ئي، پر ڪجھه ماڻھن جي وڃڻ سان موت رڳو ھڪ خبر ناھي رھندو، اھو ھڪ خال بڻجي ويندو آھي، ٿر جي اجرين ڀٽن جي ھنج ۾ واقع ڳوٺ حيات هاليپوٽو ۾ 1939 ڌاري اميد علي ھاليپوٽو جي اڱڻ تي اک کوليندڙ محمد صديق مشڪور 78 سالن جي ڄمار ۾ ٿر جي ڌيمي شام کي آخري چمي ڏيئي ھليو ويو، ڪٿي پڙھيو ھيم ٿوھر جي ٽاريءَ تي ھجي يا املتاس جي گل تي، زندگي آھي ڦڙو ماڪ جو صرف سج اڀار تائين. سندس زندگي به اھڙي ماڪ جھڙي ھئي، جيڪا پنھنجي وقت ۾ چمڪي، روشني ڏني ۽ پوءِ بنا شور جي جذب ٿي وئي، پر پوءِ به ان جي چمڪ دلين ۾ روشن رھي.

ٿر جا ماڻھو ھونئن به سادڙا، سٻاجھڙا پئي رھيا آھن. لطيف اھڙن سڌير، آدرشي انسانن لاءِ مارو، پھنوار، سانگي، اجڙوار جھڙا لفظ ڪتب آندا آھن. لطيف سائين اھڙن سيرت ڀرين سچيتن لاءِ فرمايو آھي:

ڪانارِيا ڪُڻِڪَنِ، جنِين لوھُ لِڱَنِ ۾؛

محبتَ جي ميدانَ ۾، پيا لالَ لُڇَنِ؛

پاڻَھِين ٻڌَنِّ پَٽِيُون، پاڻَھِين چِڪِيا ڪَنِ؛

وَٽان واڍوڙِيَنِ، رھِي اَچجي راتڙِي.

مشڪور ھاليپوٽو تعليم جھڙي پيغمبراڻي پيشي سان سلهاڙيل رھيو، 1962 ۾ سندس پھرين مقرري ھڪ پرائمري استاد طور ڳوٺ شادي پلي (ھاڻوڪو عمرڪوٽ ضلعو) ۾ ٿي، استاد ھجڻ سندس سڃاڻپ ھئي، ۽ شاگرد سندس سرمايو. علم کي ھن رڳو نصاب تائين محدود نه رکيو، پر ان کي ڪردار، اخلاق ۽ سماجي ذميواريءَ سان جوڙي پيش ڪيو. ھن 1995 ۽ 1999 دوران تعلقه ليول تي تعليمي آفيسر ھجڻ جون خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون، پر اختيار جي نشي کان پاسي رھيو. سندس فيصلا سخت ضرور ھوندا ھئا، پر اهي هميشه اصولن جي بنياد تي بيٺل هوندا ھئا.

قد ۾ ڊگھو، سدائين سفيد لباس ۾ ملبوس، ظاھر ۾ ڪڙڪ طبيعت ۽ کرو مزاج رکندڙ، پر اندر ۾ ھڪڙو شاعر لڪيل، اھو شاعر، جيڪو ٿورو ڏکوئجڻ سان به ٽُٽي ڀورا ٿي پوندو ھو، جيڪو لفظن جي بي قدري تي اداس ۽ بي چين ٿي ويندو ھو، جيڪو سماج جي بي حسيءَ کي نظم جي اڻت ۾ اڻڻ ڄاڻندو ھو. شايد اھا ئي حساسيت ھئي، جيڪا کيس ٻين کان الڳ بيھارندي ھئي، ھن سنجيده شاعريءَ سان گڏ مزاحيه شعر پڻ لکيا، جن ۾ ھن سماج جي ناڪاره روايتن تي نه صرف طنز ڪئي، پر ان کي اھڙن استعارن ۾ پويو جيڪي عام ماڻھو جي فھم ۽ فراست پٽاندر ھئا.

سال 2000ع ڌاري ھن سياست ۾ پير پاتو. اھو فيصلو به ڪنھن اقتدار جي خواهش لاءِ  نه، پر سماج سان وابستگيءَ مان پيدا ٿيو ھو، پاڪستان پيپلزپارٽيءَ سان سندس ناتو رڳو تنظيمي طور تي نه ھو، پر فڪري ۽ جذباتي ھو. ضلعي ٿرپارڪر جي نائب صدر جي حيثيت سان ھن 2004 کان 2013 تائين مسلسل ذميواريون نڀايون، اھڙي طرح ساھ جي آخري تند تائين پارٽيءَ سان جڙيل رھيو.

خليل جبران پنھنجي جنم بابت لکيو ھو ته ھن پنھنجي پھرين احتجاجي رڙ ڪئي، زندگيءَ جو فلسفو پيچيده آھي، پر محمد صديق مشڪور پنھنجي پھرين نظم ۾ سماج کان سوال ڪيو. سندس زندگي احتجاج ۽ اميد جي وچ ۾ سفر ھئي، ڪڏھن استاد جي حيثيت ۾، ڪڏھن آفيسر جي حيثيت ۾ ۽ ڪڏھن سياستدان جي روپ ۾.

اڄ سندس وڃڻ تي شيخ اياز جون ھي سٽون پاڻمرادو ذهن ۾ تري اچن ٿيون:

ڪڏھن ھوا دروازو کولي

منھنجي گھر ۾ پيھي ايندي

مون کي ڪرسيءَ تي ڳولي

خاموشي سان موٽي ويندي

منھنجي ميز مٿان سو ڪاغذ

وکريل ھوندا مان نه ھوندس.

ھي سٽون ڄڻ محمد صديق مشڪور جي ڪمري جو منظر آھن. ميز تي اڻ ڳڻيا ڪاغذ، اڻ پوريون سٽون ۽ ھڪڙو شاعر، جيڪو ھاڻي ڪرسيءَ تي موجود ناھي. ھوا اچي ٿي، يادون کڻي اچي ٿي، پر ماڻھو ناھي. اھو خال ئي سندس موجودگيءَ جو ثبوت بڻجي ٿو.

ڪردار ڪڏھن ڪڏھن جسم کان وڏو ھوندو آھي. محمد صديق مشڪور به اھڙو ئي ڪردار ھو. سندس پڄاڻي ھڪڙي انسان جي موڪلاڻي ضرور آھي، پر سندس لفظ، سندس فيصلا، سندس اصول، اھي سڀ اڃان زنده آھن. شايد اھا ئي سچي حياتي آھي، جيڪا موت کانپوءِ به جاري رھي ٿي.

سامُونڊِيَ ڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛

اَنگُن چاڙھي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوھِري!