ورلڊ بڪ ڊي هڪ عالمي ڏينهن آهي، جيڪو هر سال 23 اپريل تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن جو بنيادي مقصد ڪتابن، پڙهڻ جي عادت، ليکڪن جي محنت ۽ علمي ڪم جي اهميت کي اجاڳر ڪرڻ آهي. ڪتاب انساني تهذيب جو بنيادي حصو رهيا آهن ۽ انسان جي ترقي جو سڄو دارومدار به علم ۽ پڙهڻ تي رهيو آهي. يونيسڪو هن ڏينهن جي شروعات 1995 ۾ ڪئي ۽ پهريون ڀيرو هي ڏينهن 1996 ۾ سرڪاري طور تي عالمي سطح تي ملهايو ويو. 23 اپريل جي تاريخ کي خاص اهميت حاصل آهي. ڇو ته هن ڏينهن تي دنيا جي ادب جا ٻه وڏا نالا وليم شيڪسپيئر ۽ ميگول ڊي سروانتيز وفات ڪري ويا هئا. انهن ٻنهي ليکڪن دنيا جي ادب تي تمام گهرو اثر ڇڏيو ۽ انسان جي فڪر ۽ سوچ کي نئون رستو ڏنو، تنهنڪري انهن جي ياد ۾ هي ڏينهن چونڊيو ويو. ڪتاب انسان جي زندگي ۾ اهڙي اهميت رکن ٿا جيئن جسم لاءِ ساهه. ڪتاب انسان کي صرف معلومات نه ڏيندا آهن، پر هن جي سوچ، فهم، اخلاق ۽ شخصيت کي به ٺاهي سنواري ڇڏين ٿا. انسان جڏهن ڪتاب پڙهي ٿو ته هو صرف لفظ نه پڙهي رهيو هوندو آهي، پر هو تجربن، خيالن ۽ صدين جي حڪمت کي پنهنجي ذهن ۾ جذب ڪري رهيو هوندو آهي. ڪتاب انسان کي ماضي سان ڳنڍين ٿا، حال کي سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا ۽ مستقبل لاءِ بهتر فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪن ٿا. انسان جي ترقي جو سفر هميشه ڪتابن ۽ علم سان گڏ رهيو آهي. ورلڊ بڪ ڊي جو مقصد صرف هڪ ڏينهن جي خوشي نه آهي، پر اهو ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ ۽ ڪتابن سان محبت وڌائڻ آهي. اڄ جي جديد دور ۾ جڏهن ماڻهو موبائل فون، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ ۾ وڌيڪ وقت گذارين ٿا، تڏهن ڪتابن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. ڪتاب انسان کي ڌيان، صبر ۽ گهري سوچ سيکارين ٿا، جڏهن ته ڊجيٽل دنيا گهڻو ڪري سطحيت پيدا ڪري ٿي. ورلڊ بڪ ڊي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته حقيقي علم ۽ گهرو فهم ڪتابن مان ئي حاصل ٿئي ٿو. ڪتابن جي اهميت بابت دنيا جي وڏن مفڪرن ۽ ليکڪن به تمام خوبصورت خيال ظاهر ڪيا آهن. هڪ مشهور چوڻي آهي ته: “مون کي هڪ بسترو ۽ سٺو ڪتاب ڏيو، مان هر طرح خوش آهيان.” هي قول پرسل سمٿ جو آهي، جيڪو اهو ظاهر ڪري ٿو ته ڪتاب انسان جي خوشي جو بنيادي ذريعو آهن. اهڙي طرح وليم شيڪسپيئر چيو ته “سٺا ڪتاب سٺا ماڻهو پيدا ڪن ٿا.” هن جملي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪتاب انسان جي اخلاق ۽ شخصيت کي بهتر بڻائين ٿا. والٽيئر ڪتابن جي اهميت بيان ڪندي چيو ته “سڄي دنيا تي ڪتابن جي حڪومت آهي، سواءِ وحشي قومن جي.” هي قول اهو ٻڌائي ٿو ته جيڪا قوم ڪتابن کان پري ٿي وڃي ٿي، اها ترقي کان پري ٿي وڃي ٿي. لوڪمانيا تلڪ جو قول به تمام گهرو آهي، هن چيو ته “جيڪڏهن مون کي جهنم ۾ ڪتاب ڏنا وڃن ته مان اهو به پسند ڪريان، ڇو ته انهن ۾ اها طاقت آهي جو دوزخ به بهشت ٿي پوي.” هي ڳالهه ڪتابن جي طاقت کي بيان ڪري ٿي ته ڪتاب هر حالت ۾ انسان کي سڪون ۽ روشني ڏئي سگهن ٿا. فرانسس بيڪن ڪتابن بابت چيو ته “ڪي ڪتاب اهڙا آهن جو جيڪڏهن ڳهي ڇڏجن، ڪي صرف چکيا وڃن ۽ ڪي چٻاڙي هضم ڪيا وڃن.” هن قول مان مراد آهي ته هر ڪتاب کي هڪ جهڙي اهميت نه هوندي آهي، ڪجهه ڪتاب گهري سوچ لاءِ هوندا آهن. البيروني چيو ته “ڪتاب جواني ۾ رهنما، ڪراڙپ ۾ تفريح ۽ تنهائي ۾ بهترين ساٿي ثابت ٿين ٿا.” هي قول ڪتابن جي هر عمر ۾ اهميت کي واضح ڪري ٿو. اهڙي طرح هڪ ٻيو خوبصورت خيال آهي ته “جيڪڏهن توکي باغيچو ۽ لائبريري ميسر آهي ته گويا تو وٽ هر اها شيءِ موجود آهي جنهن جي توکي ضرورت آهي.” هي قول ڪرسٽو جو آهي، جيڪو ڪتابن ۽ علمي ماحول جي اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. آسڪر وائلڊ چيو ته “اهو ڪتاب يا شعر جنهن ۾ پيار ناهي، بهتر آهي ته اهو لکيو ئي نه وڃي.” هن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ادب ۾ احساس ۽ محبت جو هجڻ ضروري آهي. ڪلاڊ ايڊ راين جو خيال به تمام اهم آهي ته “ڪتاب يا اخبارن تي پابندي وجهڻ قوم جي بيعزتي ڪرڻ جي برابر آهي ۽ اهو ظاهر ڪري ٿو ته عوام کي بيوقوف يا غلام بڻايو وڃي.” هي قول آزاديِ فڪر ۽ علم جي اهميت کي بيان ڪري ٿو. هينري وارڊ بيچر چيو ته “ڪتاب المارين لاءِ نه ٺاهيا ويا آهن، پر گهر کي خوبصورتي سان سينگارين ٿا.” ٽالسٽاءِ ڪتابن بابت چيو ته “خراب ڪتاب اهڙو زهر آهن جيڪي جسم کي نه، پر روح کي ماري ڇڏين ٿا.” اسلامي نقطهءِ نظر کان به ڪتابن جي وڏي اهميت آهي. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته “اهو گهر ويرانين کان بدتر آهي جتي ڪتاب نه هجن.” هي قول علم جي ضرورت کي تمام خوبصورت نموني بيان ڪري ٿو. رسول بخش پليجو چيو ته “ڪتابن کي اجازت ڏيو ته توهان کي سيکارين ته جڳ ۾ ڪيئن جيئبو آهي.” هي قول زندگي ۾ ڪتابن جي رهنمائي واري ڪردار کي ظاهر ڪري ٿو. ڪتاب صرف علم جو ذريعو نه آهن، پر انسان جي اندروني دنيا کي به روشن ڪن ٿا. ڪتاب پڙهڻ سان انسان جي سوچ وسيع ٿئي ٿي، هن ۾ صبر ۽ برداشت پيدا ٿئي ٿي ۽ هو زندگي جي مسئلن کي بهتر نموني حل ڪرڻ سکي ٿو. ڪتاب انسان کي اڪيلائي ۾ به ساٿ ڏين ٿا ۽ هن کي ذهني سڪون فراهم ڪن ٿا. هڪ پڙهيل لکيل انسان هميشه سماج لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي. سماج جي ترقي ۾ ڪتابن جو وڏو ڪردار آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جا ماڻهو ڪتاب پڙهن ٿا ته اها قوم علمي، اخلاقي ۽ معاشي طور تي ترقي ڪري ٿي. ڪتاب ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪن ٿا، انهن کي سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ سيکارين ٿا ۽ انهن کي بهتر شهري بڻائين ٿا. ڪتابن کانسواءِ سماج جهالت ۽ پٺتي پيل رهجي وڃي ٿو. اڄ جي دور ۾ جڏهن ڊجيٽل ٽيڪنالاجي تيزي سان وڌي رهي آهي، ڪتابن جي اهميت گهٽ نه ٿي آهي، پر وڌيڪ وڌي وئي آهي. اِي-بڪ ۽ آن لائين لائبريرين ڪتابن کي وڌيڪ آسان بڻايو آهي، پر جسماني ڪتابن جو پنهنجو هڪ الڳ اثر آهي. ڪتاب هٿ ۾ کڻي پڙهڻ سان انسان جو ذهن وڌيڪ مرڪوز ٿئي ٿو ۽ هو گهري سوچ ۾ وڃي سگهي ٿو. تعليمي ادارن، والدين ۽ استادن جو فرض آهي ته هو نوجوان نسل ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت پيدا ڪن. جيڪڏهن ٻار ننڍپڻ کان ڪتابن سان دوستي ڪن ٿا ته هو وڏا ٿي بهتر انسان ۽ ذميوار شهري بڻجن ٿا. گهر ۾ ڪتابن جو ماحول هجڻ ٻارن جي ذهني ترقي لاءِ تمام ضروري آهي. ڪتاب انسان جي زندگي جو سڀ کان قيمتي خزانو آهن. ورلڊ بڪ ڊي اسان کي هر سال اهو ياد ڏياري ٿو ته علم جي روشني ڪتابن مان ئي حاصل ٿئي ٿي. ڪتاب انسان کي صرف پڙهيل لکيل نٿا بڻائين، پر هن جي شخصيت، سوچ ۽ زندگي کي به بهتر ڪن ٿا. جيڪڏهن اسان ڪتابن سان پنهنجو رشتو مضبوط رکون ٿا ته اسان جو مستقبل ضرور روشن، باشعور ۽ ڪامياب ٿيندو.