ڪراچي جي واپارين اڄ کان سمورو ڪاروبار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي واپارين جي وفد جامعه بنوريا عالميه جي رئيس ۽ شيخ الحديث مفتي محمد نعيم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڪراچي تاجر اتحاد جو چيئرمين عتيق مير، جميل پراچه، شرجيل گوپلاڻي، چوڌري ايوب سميت ٻين واپاري تنظيمن جا نمائندا شامل ھئا. عتيق مير ۽ ٻين واپارين چيو ته اسان اڄ سومر کان پنھنجو سمورو ڪاروبار کولي رھيا آھيون. ملازم بيروزگاري سبب پريشان ۽ فاقاڪشي تي مجبور آھن. جيڪڏھن مارڪيٽ اھڙي طرح بند رھي ته حلال ڪمائي وارو طبقو به چوري، ڌاڙن يا خودڪشي تي مجبور ٿي ويندو. بھتر اھو آھي ته اسان روزگار کوليون ۽ ايس او پين تي عمل ڪريون. مفتي محمد نعيم چيو ته ڪورونا لاڪ ڊائون سبب پوري قوم مشڪلاتن جو شڪار آھي. ان مان نڪرڻ لاءِ دعائن ۽ ڪثرت سان استغفار جي ضرورت آھي. ڪورونا وبا کان انڪار ممڪن نه آھي پر جيڪڏھن ڪورونا جي علاج ۾ ڪيترائي سال لڳي وڃن ته پوءِ لاڪ ڊائون به ايترو ڊگھو ٿيندو ڇا؟ ھن چيو ته واپاري برادري سان گڏوگڏ حڪومت به تعاون ڪري، ڇاڪاڻ ته واپار معيشت جي لاءِ ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکي ٿو
