بلاگنئون

ڪتاب پرينءَ پڄاڻان جو مطالعو

شهزادو شيخ

هي ڪتاب (پرينءَ پڄاڻان) پياري دوست ڀاءُ سجاد سهتو پنهنجي مرحوم بابا حسين بخش سهتي جي شخصيت تي لکيل سندس ويجهن دوستن جي مضمونن جو آهي. منهنجي سجاد سهتو سان سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي تي علمي ادبي پروگرامن ۾ شناسائي ٿي ۽ پيار ڀريو ۽ دوستي جو تعلق جڙيو. سجاد سهتو به ادب سان سلهاڙيل آهي ۽ ادب جي صنف سان نڀائيندو پيو اچي. سجاد حڪم ڪيو ته هن ڪتاب ۾ بابا جي لکيل مضمونن بابت ڪجهه تاثر لکجو، جيڪو منهنجي لاءِ خوشي جو باعث هوندي پوءِ مون پنهنجي دوست سجاد کي چيو بلڪل مرحوم چاچا جي  شخصيت تي لکيل ڪتاب تي ڪجهه اکر لکندس. هي ڪتاب هڪ اهڙي پياري شخصيت محبتن جي امين قداور شخصيت محبتي ماڻهو مرحوم حسين بخش سهتو جي باري ۾ لکيل آهي. مرحوم حسين بخش جو جنم 5 فيبروري 1964ع ۾ ڳوٺ خيرپور جوسو، تعلقو قمبر ضلعي لاڙڪاڻو ۾ٿيو. پيءُ جو نالو گلڻ سهتو هو، سندس ڪرت سرڪاري ملازم چوڪيدار گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج آف ايجوڪيشن مين لاڙڪاڻي ۾ هو. حسين بخش دوستن جو دوست يارن جو يار محفل جو مور هوندو هو. جڏهن به دوستن جي محفلن ۾ ويهندو هو ته ان محفل کي پنهنجي نالي ڪري ڇڏيندو هو. سندس قد وڏو رعبدار هئس منهن ۾ حشمت، جسم ڀريل، ڇاتي ويڪري، شهپر وڏا، ٻانهن ۾ سوني ڪلر جي راڊو واچ، ڪلف لڳل اڇي ڪلر جي ڊريس ۽ مٿي تي ڳاڙهي رنگ جي سنڌي ٽوپي پائيندو هو. هميشه هشاش بشاش هوندو هو، ڪتاب جي مهاڳ ۾ سائين ممتاز لوهار لکيو آهي ته هن جي رڳ رڳ ۾ ڳوٺ جي خوشبو مهمان نوازي ۽ سچائي شامل هئي. هو لفظن ۽ روين جو جادوگر هو، جيڪو هڪ پل ۾ پرائي کي پنهنجو ڪري وٺندو هو. هن جي شخصيت گهاٽي بڙ جيان هئي، هو دوستن جي دوست کي به پنهنجي قرب جو قيدي بڻائي ڇڏيندو هو. هن جي پنهنجي الڳ دنيا هئي، جنهن جو هو هيڻن جو ڀرجھلو ته وري ڏاڍن لاءِ ڏاڍو هو. مرحوم حسين بخش پنهنجي پٽن کي به پنهنجو دوست بڻايو هو، هو هميشه پنهنجي پٽن سان گڏ سير سفر لاءِ گڏ ويندو هو ته ماڻهو سندس دوست سمجهندا هئا، ننڍي ملازمت چوڪيدار جي هوندي به پنهنجي اولاد جي تربيت ۽ پرورش شاهانا نموني ڪئي. سٺي تعليم ۽ تربيت ڪئي، ڪنهن شيءِ جو احساس نه ڏياريو ته بابا اسان جي لاءِ زندگي ۾ ڪجهه نه ڪيو، پر مرحوم پنهنجي اولاد جي لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ هميشه پنهنجي پٽن سان دوست ٿي رهيو. سندس پورو نالو حاجي حسين بخش سهتو هو، پر پيار مان سنگتي ساٿي دل گهريا حاجي صاحب ڪري سڏيندا هئس. ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجي ڪردار ۽ اخلاق جي ڪري سماج ۾ پنهنجو نالو منور ڪري ويندا آهن، جن مان مرحوم چاچا حسين بخش سهتو به آهي مرحوم جو راڳ ويراڳ سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي، سندس عشق ۽ چاهه لطيف سائين سان ۽ استاد بخاري سان هو. هو هميشه ايليمينٽري ڪاليج ۾ ٿيل ادبي تقريبن جو انتظام سنڀالڻ ۽ مھمانن کي دل سان آجيان ڪرڻ سندس هڪ اعليٰ صفت هئي. حضرت عبداللہ بن عمر رضي اللہ عنہ کان مروي آهي ته حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو آهي ته الله جي رضا پيءُ جي رضا ۽ الله جي ناراضگي پيءُ جي ناراضگي آهي. هن ڪتاب ۾ نيلم خان سٺا لفظ لکيا آهن ته والد جون جتيون به گهر جي ٻاهران رکيل اسان کي تحفظ جو احساس ڏينديون آهن. اهڙي لائق پيءُ جا لائق فرزند سجاد سهتو، صدام سهتو ۽ اشفاق سهتو آهن، هنن نوجوانن کي جس هجي ھنن ڪتاب کي سيهڙي مرحوم حاجي صاحب جي يادن کي سنڀالي هڪ هنڌ محفوظ ڪري ورتو آهي. اهو ماڻهو هميشه لاءِ امر ٿي وڃي ٿو دلين تي پنهنجو نقش چٽي وڃي ٿو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي سينيئر اديبن ۽ ليکڪن پنهنجي مرحوم دوست کي لفظن جي ڀيٽا ڏئي پنهنجي دوستي جو فرض پورو ڪيو آهي. ھن مڻيادرا ماڻهو جو موت 19 آگسٽ 2023ع تي دل جي دوري سبب ٿيو، فنا جي هن دنيا کي ڇڏي دارالبقا طرف راهي ٿيو. ڌڻي در دعا آهي ته مرحوم حاجي صاحب کي رب پاڪ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪندو. آمين. اهڙن ماڻهن لاءِ لطيف سائين چيو آهي ته:

ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.