سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪالهه پنهنجي چيف جسٽس هجڻ وارو مدو پورو ڪري فل ڪورٽ ريفرنس وٺي 25 آڪٽوبر 2024 تي رٽائر ٿي چڪو آهي. اڄ نئون چيف جسٽس محترم جسٽس يحيٰ خان آفريدي پنهنجي عهدي جو قسم کڻي رهيو آهي. قاضي فائز عيسيٰ 26 آڪٽوبر 1959ع ۾ ڪوئيٽا، بلوچستان ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڻ قاضي محمد عيسيٰ جو فرزند آهي. 1985ع ۾ هو ايڊووڪيٽ جي حيثيت سان اينرول ٿيو ۽ ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ پريڪٽس ڪيائين. 2014ع ۾ سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ 2023ع ۾ چيف جسٽس بڻجي قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي.
هن جن تاريخي ڪيسن ۾ ججمينٽس ڏنيون انهن ۾ پاناما پيپر ڪيس 2017ع، فيض آباد ڌرڻي وارو ڪيس 2017ع جنهن ۾ ڌرڻو هڻڻ وارن ۽ پوليس جي خلاف ايڪشن کڻڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 2019ع ۾ سندس خلاف آيل صدارتي ريفرنس کي چئلينج ڪيو ۽ ڪامياب ٿيو. هو هڪ با ڪردار ۽ اصول پرست جج جي طور تي سڃاتو وڃي هو. هن ڪرپشن ۽ طاقت جي غلط استعمال تي هميشه اسٽينڊ ورتو ۽ هڪ اهڙو جج جيڪو هميشه سچ، برابري ۽ انساني حقن جي لاءِ بيٺل رهيو. هن پنهنجي دور ۾ ڪيترائي انقلابي قدم کنيا جن ۾ هن سڀ کان وڏو قدم اهو کنيو ته هن پارليامان کي عزت ڏياري ۽ پارليامان جي فيصلن کي دل سان تسليم ڪيو. هن ذوالفقار علي ڀٽو جي ماوراءِ عدالت ڪيس کي به هڪ حد تائين ختم ڪيو ۽ عدالتي معافي گهري هڪ قسم جو اقرار ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي کيس ڦاسيءَ جي ڦندي تائين پهچايو ويو. ان کان علاوه هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻين کي سڌو سنئون ٽيليڪاسٽ ڪرائي پوري دنيا کي ڏيکاريو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪيئن ٿيندي آهي جنهن جي ذريعي ڪيترائي نامور وڪيل ۽ ايڊووڪيٽ جي جي في ڪروڙن رپين ۾ هوندي آهي انهن جي پت وائکي ٿي وئي ته اهي ڪيتري نه رواجي انداز ۾ بغير ڪنهن تياري جي ڪورٽ ۾ پيش ٿين ٿا ۽ پنهنجي موڪل جو پئسو ۽ وقت ڪيئن ضايع ڪن ٿا. عهدو ڪيڏو به وڏو هجي هڪ ڏينهن ڇڏڻو پوندو آهي. تاريخ ۾ ان عهدي کي ڪيئن استعمال ڪيو ويو ياد رهندو. جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ جو بطور چيف جسٽس پاڪستان 13 مهينن جو مدو رهيو. اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته ملڪ جي 77 سالا تاريخ ۾ انهن تيرنهن مهينن جي عرصي کي هن وقت تائين هلندڙ سپريم ڪورٽ جي ڪاروهنوار جو بهتر دور چئي سگهجي ٿو. بهتري جي گنجائش سٺي کان سٺي نظام ۾ هوندي آهي، پر اسان جي انصافي نظام جي تاريخ ۾ گذريل تيرنهن مهينا هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکن ٿا. ڪورٽ ڪيئن هلائبي آهي، نالي وارن وڪيلن کان سوال جواب ڪيئن ڪبا آهن، ملڪ جي عوام کي سڌو سنئون نشريات جي ذريعي سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ڪيئن ڏيکاربي آهي، پنهنجن ڪيل فيصلن جي پهريداري ڪيئن ڪبي آهي ان جي جهلڪ اسان کي جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ مان آئي. 8 فيبروري 2024 جون چونڊون ٿيڻ مشڪل لڳي رهيو هو جيڪڏهن چيف جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ نه هجي ها ته 26 هين ترميم پاس نه ٿئي ها. هي اهو ئي قاضي فائز عيسيٰ آهي جنهن کي فيض آباد ڌرڻي جي خلاف فيصلي ڏيڻ جي ڏوهه ۾ ريفرنس ذريعي هٽايو ويو هو، باني پي ٽي آءِ، سابق صدر علوي، جنرل (ر) فيض حميد، سندس ساٿي جج ۽ ٻيا ڪيترائي لڪل ڪردار ان ڪوشش ۾ هئا ته ڪيئن به ڪري جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ کي چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيڻ کان روڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي ساڻس مخالفت صرف انهيءَ ڪري نه آهي ته جسٽس (ر) قاضي فائز عيسيٰ سندن پارٽيءَ اندر ٿيندڙ اليڪشن کي غير قانوني قرار ڏيندي کين نشان نه الاٽ ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال رکيو. جڏهن فيض آباد ڌرڻي جو فيصلو آيو هو ان وقت ته فيصلو پي ٽي آءِ جي خلاف نه هو هڪ انتها پسند مذهبي گروهه جي خلاف هو، جنهن جي سپورٽ اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي هئي ته پوءِ ان وقت پي ٽي آءِ قاضي فائز عيسيٰ جي پويان ڇو پئجي وئي هئي.
ثابت اهو ٿيو ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به قاضي فائز عيسيٰ مان خوش نه هئي انهيءَ جي ڪري جو قاضي فائز عيسيٰ بغير ڪنهن کي غير قانوني فائدي ڏيڻ جي قانون ۽ آئين جا فيصلا ڪندو رهيو. هي اهو چيف جسٽس رهيو جنهن جي مٿان ڪير به ڪرپشن جي معاملي تي آڱر کڻي کيس بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي. جتي قاضي فائز عيسيٰ کي عزت ۽ مان ڏيڻ وارا ماڻهو موجود آهن اتي ساڻس بغض رکڻ ماڻهو به هر شعبي ۾ ويٺل آهن جيڪي سندس ايمانداري ۽ هڪ صاف سٿري جج جي حيثيت سان کيس ناپسند ڪندا رهيا، جن ۾ نالي ماتر ڪيترائي صحافي به شامل آهن جيڪي ڪورٽ جا رپورٽر آهن، جن قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف هڪ قسم جي پروپيگنڊا ۽ ايجنڊا تحت مهم هلائڻ جو آغاز ڪيو ۽ کيس تڪليف پهچائي. هاڻي قاضي فائز عيسيٰ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ چيف جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجو عهدو سنڀاليو آهي. اسان جون دعائون آهن ته هو به آئين، قانون ۽ انساني حقن سان گڏ بيهي ۽ پارليامان جي ٺاهيل قانونن کي مان ڏئي. اميد آهي ته جسٽس يحيٰ آفريدي جي دور ۾ جن ماڻهن کي سياسي وڳوڙ جي اميد آهي اها پوري نه ٿي سگهندي ۽ اسان جي عدليه طاقتور ٿيندي ۽ عوام کي انصاف ملندو.