صرف هڪڙو ايڪسري ڏسي هارٽ اٽيڪ جي اڳڪٿي ڪرڻ وارو الگورٿم
ماهرن اهو سافٽ ويئر مصنوعي ذهانت جي بنياد تي تيار ڪيو آهي. هن جو الگورٿم دل ۽ ڇاتي جي اهڙن هزارين ايڪسري جو ڊيٽابيس پڙهي فيصلو ڪري ٿو جن تي انفرادي طور تي ڊاڪٽرن پنهنجي رائي ڏني آهي ۽ ان جي مريض ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن ته هن ۾ مصنوعي ذهانت ئي فيصلو ڪندڙ ڪردار ادا ڪري ٿي بلڪه نه صرف دل جي دوري پر فالج جي خطري کان پڻ خبردار ڪري ٿي. آمريڪا ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪينسر هن جون طبي آزمائشون پڻ ڪيون آهن جنهن ۾ ڪل 11430 مريضن جا ايڪسري شامل هئا. مريضن جي اڪثريت دل جي دوري جي ڪناري تي بيٺي هئي ۽ کين اسٽيٽن ٿراپي مان گذاريو ويو هو. ان سان دل جي متاثر ٿيڻ جي خطرن کي ٽاري سگهجي ٿو. پوءِ انهن سمورن ايڪسري جو نون مريضن جي ايڪسري سان موازنو ڪيو ويو ۽ انهي ئي بنياد تي سافٽ ويئر دل جي دوري جي خطري بابت خبردار ڪيو.

