پاڪستان جو هڪ اهم صوبو بلوچستان جيڪو پنهنجي ايراضي جي حساب کان پاڪستان جي ڪل ايراضيءَ جو 44 سيڪڙو والاري ٿو، پر آبادي جي لحاظ کان هي سڀني کان ننڍو صوبو آهي. هي صوبو قدرتي طور معدني دولت سان مالا مال آهي ان ڪري ان کي پاڪستان جو “مائننگ حب” چيو ويندو آهي، جتي سون، ٽامون، ڪرومائيٽ، چاندي، فلورائيٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ريئر ارٿ ايليمينٽس موجود آهن، جيڪي اڄڪلهه جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ: سمارٽ فونن، اليڪٽرڪ ڪارن جي بيٽرين ۽ ميزائيل سسٽم ۾ استعمال ٿيندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هن صوبي مٿان دهشتگردن جو حملو ٿيندو رهي ٿو ۽ هن صوبي ۾ تمام گهڻي سيڪيورٽي جو بندوبست به ٿيل آهي. 31 جنوري 2026 تي بلوچستان جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا ۾ مختلف جاين تي دهشتگردن حملا ڪيا. شيخ زيد اسپتال کان بلوچستان يونيورسٽي واري علائقي تائين دهشتگردن، پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسن جي چوڪين تي حملا ڪيا ۽ بينڪن کي نشانو بڻايو.
انهن دهشتگردن ۾ هڪ عورت خودڪش بمبار پڻ شامل هئي. هيستائين خبرن موجب 15 اهلڪارن سميت 33 ڄڻا شهيد ۽ 92 دهشتگرد مارجي ويا. اطلاعن موجب ڇنڇر ڏينهن ڪوئيٽا ملڪ جي ٻين سڀني علائقن کان موبائل فون سروس ۽ ريل سروس جي حوالي سان مڪمل طور ڪٽيل رهيو. بلوچستان اندر هڪ ئي وقت مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ اهي حملا يقينن هڪ وڏي منظم سازش جي نشاندهي ڪن ٿا، جنهن سان عام مسافرن کي رستن تي نشانو بڻايو ويو، انتظامي آفيسرن کي يرغمال بنائڻ جهڙا واقعا پيش آيا. جنهن جو مقصد يقينن رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ هو. هن وقت سڄي بلوچستان ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ آهي ۽ انهن حملن جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي (BLA) قبول ڪئي آهي. هن دهشتگرد حملي کي آپريشن هيروف جو نالو ڏنو ويو. هن لفظ جي پٺيان هڪ خاص لساني ۽ علامتي مطلب نظر اچي ٿو. بلوچي ۾ “هيروف” جو مطلب آهي اونداهه يا ڪارنهن ۽ هي حملو رات جي وقت ڪيو ويو، جيڪا اونداهي جي علامت ۽ خوف پکيڙڻ جي علامت آهي. دهشتگرد حملي کان اڳ وڏين شاهراهن کي بلاڪ ڪيو ويو، ريلوي پٽڙين کي ڌماڪن سان اڏايو ويو، سيڪيورٽي فورسن جي ڪئمپن تي حملا ڪيا ويا، پر پاڪستان سيڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ڪندي کين هڪ ڊگهي اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ سندن 92 دهشتگرد اونداهيءَ ۾ مارجي ويا. اصل ۾ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ايتري وڏي انگ ۾ اهي دهشتگرد هڪ ڏينهن ۾ صوبي اندر ڪيترن ئي علائقن تي حملو ڪرڻ جي پلاننگ ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪيئن ٿيا؟ انهن ايڏي وڏي تعداد ۾ هٿيارن ۽ ماڻهن کي ٻارنهن مختلف علائقن ۾ پهچائڻ لاءِ پلاننگ ڪيئن ڪئي ۽ انهن جي پلاننگ ڪاميابي تائين ڪيئن پهتي؟ جڏهن ته هن صوبي ۾ اڳ ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين کانپوءِ اسان جي سيڪيورٽي ادارن طرفان سيڪيورٽي کي تمام گهڻو سخت ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي اسان جو ارلي وارننگ سسٽم ڪمزور آهي ۽ اسان جي انٽيليجنس کي جهڙي طريقي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي اها انهن سليپر سيلز کي وقت کان اڳ پڪڙڻ ۾ يا انهن جي مخبري ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ڪامياب نه رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي روايتي آپريشنز کان هٽي ڪري هاڻي هاءِ ٽيڪنيڪل انٽيليجنس تي وڌيڪ ڀروسو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجن ادارن جي اندر ٽيڪنالاجي تي وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلوچستان جهڙي پهاڙي علائقن جي لڳاتار نگرانيءَ لاءِ ڊرون مانيٽرنگ سسٽم کان مدد وٺڻي پوندي، سيٽلائيٽ ڊيٽا جي ذريعي سرحد پار تحرڪ تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. گڏوگڏ مقامي ماڻهن کي رياست جي اعتماد ۾ وٺي انهن کي رياست سان گڏ بيهڻ لاءِ اتساهڻ جي به ضرورت آهي ته جيئن اهي پنهنجي ارد گرد ڪنهن به مشڪوڪ ماڻهو جو هڪدم اطلاع ڏئي سگهن.
ڇو ته دهشتگرد تنظيمون جنهن قسم جي هاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪري پنهنجي لاءِ پلاننگ ڪن ٿيون. اسان جي سيڪيورٽي ادارن کي هڪ قدم اڳتي وڌي انهن حملن کان اڳ انهن جي لڪڻ جي جاين تي حملا ڪرڻ جي پلاننگ ڪرڻ گهرجي، سيڪيورٽي ادارن کي اتان جي لوڪل ماڻهن کي پاڻ سان ڳنڍي اعتماد ۾ وٺي اهڙا آپريشن ڪامياب ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي. جڏهن مقامي ماڻهن مان اهڙن ماڻهن کي پاڻ سان ملايو ويندو ته عوام جو اعتماد وڌندو. هن وقت بلوچستان جي عوام ۾ ڀروسي جي کوٽ آهي. جيستائين ان مسئلي کي حل ڪري رياست پنهنجي عوام سان پنهنجو پاڻ کي نه ڳنڍيندي تيستائين ان قسم جا حملا پوري رياست کي هڪ وڏي چئلينج طور اڳيان ايندا رهندا.