اسلام آباد ۾ 23 آڪٽوبر 2025 تي مبينا طور تي ايس پي عديل اڪبر پنهنجي سروس پستول سان پاڻ کي گولي هڻي پنهنجي قيمتي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اهو ڪنهن سي ايس پي آفيسر جي خودڪشيءَ جو پهريون واقعو ناهي. ان قسم جا واقعا پهرين به ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا آهن، جنهن جي ٻڌڻ کانپوءِ سڄو سماج هڪ پل جي لاءِ سڪتي جو شڪار ٿي ويندو آهي ته هڪ سي ايس پي آفيسر کي خودڪشي ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. اها به حقيقت آهي ته اسان هن وقت سماجي تبديليءَ مان گذري رهيا آهيون ۽ جڏهن سماج ۾ ڪا وڏي تبديلي ايندي آهي ته ان جو اثر سڀ کان پهريان انسان جي رهڻي ڪهڻي ۽ ان جي نفسيات تي پوندو آهي.
اسان تيزيءَ سان مادا پرستي واري دور ۾ داخل ٿي رهيا آهيون ۽ ٽيڪنالاجي جي واڌ ويجهه، زندگيءَ جي طرز ۾ تبديلي، پنهنجي لاءِ ٽائيم نه هجڻ، حد کان وڌيڪ ڪم جو دٻاءُ ماڻهوءَ مان پنهنجي انسان هجڻ جو احساس ختم ڪري کيس هڪ مشيني ماڻهو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نفسياتي بيماريون، ذهني مونجهارا تمام تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، پر بدقسمتيءَ سان اڃان اسان اهو سماج نه ٺاهي سگهيا آهيون جنهن ۾ اسان ذهني صحت (Mental Health) بابت ڳالهائي سگهون. ان بابت ڳالهائڻ اڃان تائين عيب سمجهيو وڃي ٿو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ذهني بيماريءَ جو شڪار آهي ته گهروارا به ان بابت ڳالهائڻ کان لنوائين ٿا. ڇو ته ذهني بيماريءَ جي شڪار شخص کي هڪ ناڪام شخص طور ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جي لاءِ پوءِ نوڪري، شادي ۽ سماجي طور تي ڪيترائي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. اڳ ۾ اهو سوچيو ويندو هو ته شايد هڪ غريب ۽ مالي طور تي محروم شخص ئي ذهني يا نفسياتي بيمارين جو شڪار ٿي سگهي ٿو، پر هن وقت اعليٰ تعلمي يافته سماجي طور تي ڪامياب ماڻهو جن ۾ سي ايس ايس آفيسرن کان وٺي وڏا وڏا ڪاروباري شخص جن جي لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي هڪ ڀرپور ۽ ڪامياب زندگي گذاري رهيا آهن، پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ ۾ دير نٿا ڪن.
اسان کي ٿوري دير بيهي ان ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته اسان ڪٿي غلطي ڪري رهيا آهيون، ڇا اسان پنهنجي نوجوان نسل کي ڪاميابيءَ جو دٻاءُ ته نه ڏيئي رهيا آهيون؟ اها ڪاميابي صرف مالي يا عهدي جي ڪاميابي جيڪا ڪنهن شخص جي لاءِ عذاب بڻجي سگهي ٿي يا ان کي سڄي سماج کان ڪٽي ڌار ڪري سگهي ٿي. هن وقت اسان هڪ ٽٽل سماج جا باشنده آهيون، رشتا ٽٽي رهيا آهن، ڇو ته اسان تبديلي جي عمل مان گذري رهيا آهيون. اسان کي هڪ بهتر ۽ ڪامياب سماج ٺاهڻ لاءِ پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي ٻيهر جاچڻو پوندو ته اسان صرف مالي ڪاميابي جي لاءِ ڪم ڪنداسين يا اسان کي اصل ۾ زندگيءَ ۾ خوشي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان جي لاءِ ضروري آهي ته سماج ۽ رياست گڏجي هڪ نئون سماجي ڍانچو جوڙي. ذهني صحت کي لازمي قرار ڏيڻ لاءِ حڪومتن کي بجيٽ ۾ ذهني صحت جي لاءِ هڪ وڏو حصو رکڻ گهرجي ته جيئن اسان جو نئون نسل ۽ نوجوان جسماني صحت کان وٺي ذهني صحت حاصل ڪري سگهي. معاشي عدم، استحڪام جيڪو هڪ عام ماڻهو کي سماج ۾ غير محفوظ بڻائي ٿو، ان جي تحفظ ۽ منصفاڻي ورڇ جي لاءِ اسان جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ قانون سازي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جنهن ۾ حڪومت جي بهتر ڪارڪردگي ۽ ڪرپشن جو خاتمو يا ان جي مقدار کي هر سال گهٽائڻ جو پلان ضرور ٺاهڻو پوندو ته جيئن اها معاشري مان آهستي آهستي ختم ٿي سگهي.
ان کان علاوه اسان جي نوجوانن کي اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ صرف تعليمي نصاب پڙهائڻ بدران انهن کي مهارتن تي مبني تعليم ڏيڻي پوندي ۽ انهن جي جذباتي سکيا به ڪرڻي پوندي. هر اسڪول ۽ ڪاليج ۾ هڪ نفسيات جو ماهر ڊاڪٽر هجڻ ضروري آهي. جنهن سان ٻار يا شاگرد پنهنجا جذباتي دٻاءُ وارا مسئلا ونڊي ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهن. ان کان علاوه هن وقت جيڪا صورتحال تمام پيچيده نظر اچي ٿي اها اِها آهي ته ڪم ڪرڻ جون جايون چاهي اهي خانگي هجن يا سرڪاري هڪ ڪم ڪندڙ لاءِ غير محفوظ بڻجي چڪيون آهن. انهن جي لاءِ اسان کي سخت قانون ۽ پاليسيون ٺاهڻيون پونديون. ان کان علاوه اسان کي پنهنجي خاندان ۾ هڪٻئي سان بي خوفيءَ سان پنهنجن مسئلن کي ونڊڻ جي تربيت ڏيڻي پوندي.
مردانگيءَ جو تصور جيڪو هن وقت اسان وٽ رائج آهي جيڪو مرد جي ذات کي تمام ڪمزور ۽ خطري جي منهن ۾ ڌڪي رهيو آهي ان جي تشريح ٻيهر ڪرڻي پوندي ته مرد به انسان آهي، اهو به جذباتي احساسن مان گذري ٿو ۽ کيس روئڻ جي موڪل به ڏيڻي پوندي. هر انسان هر موقعي تي ڪامياب ٿي وڃي اهو ناممڪن آهي ۽ ناڪامي کي قبول ڪرڻ به اسان کي پنهنجن ٻارن کي سيکارڻو پوندو. مينٽل هيلٿ بابت اسان کي کلي ڳالهائڻو پوندو. انسان سماج جو سڀني کان وڏو سرمايو آهي، ان جي تربيت، ان جو جذباتي توازن ۽ ان جي لاءِ ڪاميابي جا معيار اسان کي ٻيهر سيٽ ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن اسان ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃون ته اسان هڪ ڪامياب سماج ٺاهي سگهون ٿا. جيڪڏهن اسان مادي شين جي حصول لاءِ ڊوڙندا رهياسين ته شايد اسان ڪيتريون ئي خوبصورت زندگيون وڃائي ويهنداسين ۽ اسان کي خوشي ڪٿي به حاصل نه ٿي سگهندي.