ايڊيٽوريلنئون

27هين آئيني ترميم ڇو ۽ ڇا لاءِ؟

ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع ۾ پاڪستان کي هڪ متفق آئين ڏنو، پر ان ۾ وقت سان گڏ ڪيتريون ئي تبديليون ٿينديون رهيون. جيئن ته پاڪستان هڪ وفاقي رياست آهي ان ڪري ڪنهن به قانون سازيءَ جي لاءِ وفاق سان گڏوگڏ صوبن جي مفادن جو خيال رکڻ آئين جي بنيادي ضرورت آهي. هن وقت پاڪستان ۾ 27 هين ترميم جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي. هر طرف ان تي بحث جاري آهي. تازو ئي بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي اهم معلومات ڏني.

هن ٽوئيٽ ۾ اهو نقطو 27 هين ترميم جي حوالي سان ڏنو ۽ تصديق ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان، مسلم ليگ (ن) جي وفد ساڻس ۽ صدر آصف علي زرداريءَ سان ملاقات ڪري 27 هين آئيني ترميم جي منظوريءَ لاءِ پ پ کان سهڪار گهريو آهي. بلاول ڀٽو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته تجويز ڪيل ترميم ۾ هيٺيان اهم نقطا شامل آهن. آئيني عدالت جو قيام، ايگزيڪيوٽو مئجسٽريٽ جي نظام جي بحالي، ججن جي بدليءَ جا اختيار، اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبائي حصي جي موجوده تحفظ کي ختم ڪرڻ، آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ڪرڻ، جيڪو فوج جي سڄي ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سان لاڳاپيل آهي، تعليم ۽ آباديءَ جي منصوبابندي ٻيهر وفاق حوالي ڪرڻ. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته پ پ جي مرڪزي انتظامي ڪميٽي (CEC) صدر آصف علي زرداريءَ جي دوحا مان واپسيءَ کانپوءِ 6 نومبر تي ملندي ته جيئن ترميم بابت پارٽيءَ جي پاليسيءَ جو فيصلو ڪري سگهجي.

ان ٽوئيٽ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ان تي سخت سياسي بحث شروع ٿي چڪو آهي. هن ترميم جي تجويز ڪيل ڪجهه نقطن صوبن اندر خاص طور تي صوبي سنڌ اندر بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. سڀ کان وڏو خدشو اهو آهي ته هيءَ ترميم اڙهين آئيني ترميم جي روح جي خلاف آهي. ارڙهين ترميم ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبائي حصي کي تحفظ ڏنل آهي، جيڪو هاڻي ختم ڪرڻ جي تجويز سڌيءَ طرح سنڌ، بلوچستان ۽ صوبي پختونخواهه جي صوبائي حڪومتن کي مالي طور ڪمزور ڪندو. ان جي لاءِ عوام اندر بيچيني ۽ مخالفت جو انديشو آهي. تعليم ۽ آبادي جي منصوبابندي ٻيهر وفاق حوالي ڪرڻ به صوبن کان اهم اختيار واپس وٺڻ برابر آهي. جنهن تي صوبا سخت رد عمل ڏيکاري سگهن ٿا. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پ پ کان سهڪار گهريو ويو آهي، ان معاملي تي پارٽيءَ اندر به اختلاف آهن. هن وقت ايئن چئي سگهجي ٿو ته پ پ هڪ امتحاني دور مان گذري رهي آهي. ڇو ته 27 هين ترميم ۾ جيڪي نقطا ڏنل آهن اهي هڪ قسم سان ارڙهين ترميم جو رول بيڪ قرار ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن سان صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ پارليامينٽ اندر سياسي ٽڪراءُ پيدا ٿي سگهي ٿو.

ارڙهين ترميم ۾ اها شرط رکي وئي هئي ته اين ايف سي ايوارڊ کي ڪنهن به صورت ۾ گهٽائي نٿو سگهجي، پر وڌائي ضرور سگهجي ٿو. 27 هين ترميم ان تحفظ جو خاتمو ڪري ٿي ان سان صوبن اندر وفاق لاءِ اعتماد ۾ اڃان وڌيڪ گهٽتائي ايندي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي هن ترميم جي حمايت ڪئي ته سنڌ اندر پارٽيءَ کي سياسي رد عمل ۽ تنقيد کي منهن ڏيڻو پوندو، جتي هن وقت پيپلزپارٽي پنهنجو مضبوط قلعو اڏي ويٺل آهي، پر (ن) ليگ جي لاءِ امڪان آهي ته اها ان تجويز جي حمايت ڪري، ڇو ته (ن) ليگ اهڙين ترميمن تي وفاق جو ساٿ ڏنو آهي. ٿي سگهي ٿو ته پ پ ۽ (ن) ليگ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه نقطن تي اتفاق ٿي وڃي، پر اين ايف سي جي تحفظ کي ختم ڪرڻ ۽ تعليم جي واپسيءَ جهڙن معاملن تي پ پ جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ (ن) ليگ کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. هن وقت پاڪستان ۾ ڪي پي ڪي، بلوچستان جون سرحدون دهشتگرديءَ جي حملي هيٺ آهن. اهڙي وقت ۾ جيڪڏهن اهڙي ترميم آندي وئي جنهن سان سنڌ جو عوام جيڪو هن وقت ماٺار ۾ آهي اهو به روڊن ۽ رستن تي اچي سگهي ٿو. جنهن سان نه صرف وفاق کي، پر پيپلز پارٽي کي به وڏو سياسي نقصان رسي سگهي ٿو. ارڙهين ترميم کانپوءِ قدرتي معدنيات ۽ پيٽروليم تي بنيادي اختيار صوبن کي ڏنو ويو.

آرٽيڪل 172 (3) ۾ ترميم ڪئي وئي هئي ته سمنڊ جي ڪناري کان ٻاهر وفاق کي اختيار هوندو، پر صوبن اندر معدنيات جا مڪمل مالڪ صوبا رهندا، پر 27 هين ترميم ۾ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته معدنيات ۽ توانائيءَ سان لاڳاپيل اختيارين کي ٻيهر وفاقي حڪومت ڏانهن منتقل ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. 1973 جي آئين ۾ تبديليون ڪري صوبن کان اختيار ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، پر ارڙهين ترميم اها واحد ترميم آهي جنهن صوبن کي بااختيار ڪيو، وفاق کي مضبوط ڪيو، پر هاڻي 27 هين ترميم ارڙهين ترميم جي مٿان هڪ ڌڪ ثابت ٿيندو، جنهن سان معاملن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي سگهي ٿي. ڇو ته ارڙهين ترميم جو سڀ کان اهم ڪم صوبائي خود مختياري کي وڌائڻو هو. خاص ڪري ڪنڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪري 47 اهم شعبا صوبن حوالي ڪيا ويا. صدر جا اختيار گهٽايا ويا، پارليامينٽ کي مضبوط ڪيو ويو. سرحد صوبي جو نالو تبديل ڪري خيبر پختوانخواهه رکيو ويو جيڪو صوبائي سڃاڻپ کي تسليم ڪرڻ جو اهم قدم هو.

مطلب ته ارڙهين ترميم صوبن کي مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خود مختيار بنائڻ جي ڪوشش ڪئي، اها پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ اهڙي ترميم آهي جنهن کي ملڪ جي سڀني وڏين پارٽين جنهن ۾ پ پ، (ن) ليگ، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم اتفاق راءِ سان منظور ڪيو. اميد آهي ته پيپلزپارٽي انتهائي احتياط سان 27 هين ترميم جو مسودو ڏسندي ۽ ان مان اهي سڀئي شقون ڪڍرائڻ جي ڪوشش ڪندي جنهن سان صوبن جا ڏنل اختيار واپس ورتا وڃن. ڇو ته مضبوط صوبا، مضبوط وفاق ۽ مضبوط پاڪستان بڻائي سگهن ٿا.