ايڊيٽوريلنئون

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو سنڌ حڪومت کي قبيلائي جهيڙن خلاف قدم کڻڻ جو مشورو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ظفر احمد راجپوت 6 جنوري 2026ع تي سنڌ جي مختلف ضلعن جو دورو ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ شڪارپور بار ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا لعنت بڻيل آهن. حڪومت کي جهيڙن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجي. هن پنهنجي تقرير ۾ ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته معاشري ۾ امن تڏهن قائم ٿيندو آهي جڏهن انصاف ٿيندو آهي. چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف ضلعن جا دورا ڪيا. سندس انهن دورن جو مقصد صرف عدالتي ڪارروائي ڏسڻ نه، پر سماجي امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ پڻ هو. هن سنڌ جي مختلف ضلعن جي بار ايسوسئيشنن سان ملاقاتون ڪيون، وڪيلن جا مسئلا ۽ قانوني نظام جي رڪاوٽن جو جائزو ورتو. هن قبيلائي جهيڙن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي، سنڌ حڪومت تي زور ڀريو ته قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کنيو وڃي. هن اها ڳالهه واضح ڪئي ته اهي جهيڙا نه صرف انساني جانين جو ذيان آهن، پر رياست جي رٽ ۽ ترقيءَ ۾ پڻ وڏي رڪاوٽ آهن. هن وقت اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪيل ناهي ته سنڌ ۾ مختلف قبيلن وچ ۾ جهيڙا سنڌ جي سماج ۽ ان جي ترقيءَ جي لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. ڇو ته اهي قبيلائي جهيڙا سنڌ جي خاص علائقن ۾ ترقيءَ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن ۽ انهن جهيڙن جي ڪري اتان جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، اهي قبيلائي جهيڙا قديم دور کان وٺي سنڌ جي سماج ۾ زمين، پاڻي ۽ چوپائي مال تان ٿيندا اچن. پراڻي وقت ۾ اهي جهيڙا صرف لٺين ۽ ڪهاڙين تائين محدود هئا، پر انگريزن جي دور ۾، “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي پاليسي اختيار ڪري جاگيردارن کي جاگيرون ۽ لقب ڏنا، جنهن سان قبيلن جي وچ ۾ طبقاتي فرق ۽ برتري جي جنگ شروع ٿي وئي.

اها اهڙي شروعات هئي جتان کان طاقت جو توازن خراب ٿيڻ شروع ٿيو. پوءِ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ افغان جنگ جي اثر تحت پاڪستان اندر جديد هٿيارن جو واهپو وڌيو جنهن ۾ ڪلاشنڪوف عام ٿي وئي ۽ پوءِ ڪهاڙين جي جاءِ تي ڌاڙيلن وٽ جديد اسلحو اچڻ لڳو. ۽ پوءِ ڪچي جي علائقن ۾ ڌاڙيلن جي پناهه گاهن ۽ انهن کي ملندڙ سياسي سرپرستي قبيلن جي وچ ۾ هٿياربند جهيڙن کي جنم ڏنو. اهو ئي دور هو جڏهن 1980 ۽ 1990ع واري ڏهاڪي کانپوءِ مقامي سطح تي سياستدانن پنهنجا ووٽ بينڪ محفوظ ڪرڻ لاءِ قبيلن کي انگريزن جي پاليسي وانگر هڪٻئي جي آمهون سامهون آڻي بيهاريو. جنهن سان معمولي ذاتي تڪرار خوني قبيلائي دشمنين ۾ تبديل ٿي ويا. انهن قبيلائي جهيڙن جي نرسري اتر سنڌ جا اهي علائقا آهن جيڪي ڪچي سان لڳن ٿا، ڇو ته اتي انفرااسٽرڪچر نه هجڻ ڪري ڏوهاري ٽولا قبيلائي جهيڙن کي پنهنجي بچاءُ لاءِ استعمال ڪن ٿا. قانون لاڳو ڪندڙ ادرا به اتي وڃڻ کان گهٻرائين ٿا. انهن جهيڙن جو اهم سبب اسان جي حڪمرانن جي “وِل” جي گهٽتائي آهي. حڪومتن وٽ تمام وڏا پاور هوندا آهن، ڪابه حڪومت چاهي ته ڪنهن به غير قانوني عمل جو طاقت سان مقابلو ڪري ان کي ختم ڪري سگهي ٿي، پر تاريخ اهو ٿي ٻڌائي ٿي ته اتي جيڪي به آپريشن ٿين ٿا اهي صرف نالي ماتر هوندا آهن جنهن سان ڪڏهن ڪجهه ڌاڙيلن کان هٿيار ڦٽا ڪرائي قانون جي دائري ۾ وٺي اچڻ جا اعلان ڪيا ويندا آهن ته ڪڏهن چند ڌاڙيلن کي ماري انهن جون تصويرون ڏيکاري عوام کي اهو ٻڌايو ويندو آهي ته ڌاڙيلن کي ختم ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪيل ڪونهي ته ڪچي جي علائقي ۾ رهندڙ قبيلائي تڪرارن جا مک ڪردار هن وقت جديد اسلحو استعمال ڪري رهيا آهن، جن ۾ راڪيٽ لانچر، اينٽي ايئر گرافٽ گنز، ٽينڪون ۽ ڊرونز شامل آهن، هي اسلحو انهن ماڻهن وٽ آهي، جيڪي قانون جا ڏوهاري آهن. ايترو جديد اسلحو ته شايد اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پوليس ۽ رينجرز وٽ به نه هوندو.

جيئن ته ڪشمور ۽ جيڪب آباد سنڌ جا سرحدي ضلعه بلوچستان سان لڳن ٿا، اهو اسلحو بلوچستان جي رستي اسمگل ٿي انهن تائين پهچي ٿو، جنهن ۾ بااثر سردارن ۽ سياستدانن جو پڻ وڏو ڪردار آهي. جيڪڏهن انهن کي انهن ماڻهن جو ڪور حاصل نه هجي ته اهو ممڪن ناهي ته ايترو جديد هٿيار سوين ڪلو ميٽرن جي سفر کانپوءِ چيڪ پوسٽن تان گذري ڪچي تائين پهچي. پاڪستان جي هر اداري ۾ ڪاريون رڍون موجود آهن، اهي اسلحي جي سپلاءِ ڪري انهن ڏوهارين کي طاقتور بڻائين ٿيون. چيف جسٽس ظفر راجپوت 6 جنوري 2026 تي جڏهن حڪومت کي قدم کڻڻ جو چيو ته سندس اشارو ان “سپلاءِ چين” ڏانهن ئي هوندو. ڇو ته جيستائين هٿيارن جي اها آمد نٿي رڪجي تيستائين امن رڳو هڪ خواب رهندو. انهن قبيلائي جهيڙن جي ڪري سنڌ جا مخصوص علائقا ترقيءَ جي رفتار ۾ تمام پٺتي رهجي ويا آهن. انهن جهيڙن جي ڪري نه صرف جانيون ضايع ٿيون ٿيون، بلڪه معاشي ۽ تعليمي بنيادن کي لوڏي ڇڏين ٿيون. جڏهن ٻن قبلين ۾ جهيڙو ٿئي ٿو ته سڀ کان پهرين اسڪول ۽ ڪاليج بند ٿي وڃن ٿا،  دشمن قبيلي جي استادن کي به ماريو وڃي ٿو. شاگردن جو مستقبل تباهه ٿي وڃي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ اتان جي نوجوان کان تعليم جو حق ڦرجي وڃي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجن علائقن کان لڏپلاڻ ڪري وڏن شهرن ڏانهن منتقل ٿين ٿا. اميد آهي ته سنڌ حڪومت چيف جسٽس ظفر راجپوت جي ان تقرير کانپوءِ جيڪا هن شڪارپور بار ۾ ڪئي ان طرف سنجيدگيءَ سان ڏسندي ۽ مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪندي. جنهن ۾ ادارن اندر ويٺل ڪارين رڍن کي سڃاڻي ٻاهر ڪري پهرين ڪچي اندر جديد اسلحي جي سپلاءِ چين کي روڪي، قانون جي خلاف بيهندڙ ماڻهن کي هٿيار ڦٽو ڪرڻ ۽ قانون مٿان عمل ڪرڻ تي مجبور ڪندي.