ايڊيٽوريلنئون

طب جي ميدان ۾ آٽو اميون سسٽم تحقيق تي ٽن محققن کي نوبيل انعام ڏنو ويو

طب يا فزيالاجي جي ميدان ۾ آٽو اميون بيمارين تي تحقيق ڪندڙ ٽن سائنسدانن ميري اي. برنڪو، فريڊ ريمسڊيل ۽ شيمون ساڪاگوچي کي پيريفرل اميون ٽولرنس بابت دريافتون ڪرڻ تي 6 آڪٽوبر 2025 تي نوبيل انعام ڏنو ويو. انساني جسم ۾ حيرت انگيز نظام ڪم ڪن ٿا، جنهن ۾ هڪ اسان جو آٽو اميون سسٽم آهي، هيءَ اها حالت آهي جڏهن اسان جو پنهنجو جسم جو مدافعتي نظام پنهنجي ئي جسم تي حملو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.

عام حالتن ۾ مدافعتي نظام جو بنيادي ڪم جسم اندر آيل ٻاهرين خطرن جنهن ۾ وائرس، بيڪٽيريا ۽ فنگس کي سڃاڻڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ آهي، پر جڏهن اسان جو اهو نظام ٻاهرين خطرن کي سڃاڻڻ بجاءِ مدافعتي نظام آٽو اميون ٿي ويندو آهي، تڏهن هي پنهنجي ڪم ۾ ناڪارا ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي ئي مدافعتي نظام کي غلطي سان پنهنجي ئي جسم جي گهرڙن يا حصن کي ٻاهريون حملا آور سمجهي انهن تي حملو ڪرڻ لاءِ اينٽي باڊيز ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جسم جي مختلف حصن ۾ سوزش ۽ نقصان ٿيندو آهي ۽ آٽو اميون بيماريون پيدا ٿينديون آهن. انهن بيمارين ۾ ٿائرائيڊ، سَنڌن جو سور ريوميٽائيڊ آرٿرائيٽس، چمڙيءَ جي بيماري لُوپس، نروس سسٽم جون بيماريون پينڪرياز ۾ ذيابيطس-1 جهڙيون بيماريون شامل آهن.

آٽو اميون بيمارين کي سمجهڻ لاءِ محققن اها تحقيق ڪئي آهي ته مدافعتي نظام پنهنجي جسم تي حملو ڪرڻ کان ڪيئن پاسو ڪري سگهي ٿو، جنهن کي “پيريفل اميون ٽرولنس” چئجي ٿو. هن تحقيق کي سادن لفظن ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته اها ٿيندي ته اسان جو جسم جو مدافعتي يا حفاظتي نظام پنهنجي ئي جسم جي صحتمند گهرڙن ۽ بافتن تي حملو ڪرڻ کان ڪيئن پاسو ڪري سگهي ٿو. مدافعتي نظام جو بنيادي مقصد ٻاهرين خطرن سان وڙهڻ آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه مدافعتي گهرڙا خاص طور تي (T-گهرڙا) غلطي سان پيدا ٿي ويندا آهن، جيڪي جسم جي پنهنجن حصن کي ٻاهران آيل خطرو سمجهي انهن تي حملو ڪندا آهن.

هيءَ تحقيق انهن گهڙرن جي غلطيءَ کي درست ڪرڻ سيکاري ٿي. ان ۾ هڪ خاص قسم جا حفاظتي گهرڙا شامل هوندا جن کي ريگيوليٽري ٽي- سيلز (Regulatory Treg-cells) چئبو آهي. ٽريگ-گهرڙا حفاظتي نظام جي انهن خراب گهرڙن کي ڳولهيندا، انهن جي سرگرميءَ کي روڪيندا يا انهن کي ختم ڪري ڇڏيندا. جيئن اهي جسم جي صحتمند گهرڙن کي نقصان نه رسائي سگهن. هيءَ تحقيق هڪ “سيڪنڊري سيڪيورٽي سسٽم” آهي. بلڪل ايئن ئي آهي جيئن گهر جي ٻاهر ڪو چوڪيدار به ويٺل هجي، پر گهر جي اندرا بندوق کڻي ويٺل ڪو چوڪيدار به لڪيو ويٺو هجي.

هيءَ تحقيق طب جي ميدان ۾ هڪ وڏي ڪاميابي آهي ۽ آٽو اميون بيماريءَ جي مريضن لاءِ هڪ وڏي اميد جاڳي پئي آهي. يقينن هن تحقيق کي اڃان ڪاميابي جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻ جي ضرورت پوندي، پر اهو هڪ مضبوط امڪان نظر اچي ٿو ته هن تحقيق سان ان ڳالهه کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي ته آخر انسان جو جسماني حفاظتي نظام پنهنجي ئي نظام جي خلاف ڪم ڪرڻ ڇو ٿو شروع ڪري؟ هن وقت تائين آٽو اميون بيمارين جا گهڻا علاج صرف بيماريءَ جي علامتن کي سنڀاليندا هئا، پر هن تحقيق کانپوءِ مدافعتي نظام جي خراب ٿيل توازن کي درست ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هيءَ تحقيق طب جي ميدان ۾ هڪ نئون بنيادي سائنسي پٿر آهي، جيڪو مستقبل ۾ انسان کي ڪيترين ئي اهڙين بيمارين کان بچڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، جنهن ۾ هر روز ڪيترائي ماڻهو پنهنجي جسم جي مدافعتي نظام جي ابتي اثر جي ڪري پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا يا وري محتاجي واري زندگي گذارين ٿا.

هن تحقيق کانپوءِ اميد آهي ته هاڻي اهڙيون دوائون ۽ طريقا دريافت ڪيا ويندا، جنهن ۾ ٽي- گهرڙن جي تعداد يا ڪارڪردگيءَ کي وڌائي سگهبو ۽ آٽو اميون جي رد عمل کي دٻائي سگهبو. ان کان اڳ جو علاج سڄي مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪندڙ هو، جنهن ۾ اسٽيرائڊز يا ڪيموٿراپي شامل هئا، هن تحقيق کانپوءِ وڌيڪ علاج ممڪن ٿي ويندو. ان کان علاوه عضون جي پيوندڪاري کانپوءِ جسم نئين عضوي کي ٻاهرين شيءِ سمجهي رد ڪري ڇڏيندو آهي. هيءَ تحقيق ان ۾ به هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندي. مطلب ته هن تحقيق سبب صرف آٽو اميون بيمارين کي قابو ڪرڻ بدران انهن جي بنيادي سببن جو علاج ڪيو ويندو جنهن جي ڪري مريض جي زندگيءَ جو معيار تمام بهتر ٿي سگهي ٿو. اسان آمريڪا واسڻ ڊاڪٽر Mary E.Brunkow، جاپان واسيShimon Sakaguchi ۽ آمريڪا واسيFred Ramsdell  کي سندن ان گڏيل تحقيق تي نوبيل انعام حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.