بلاگنئون ڳوٺاڻين عورتن سان امتيازي سلوڪ August 29, 2025 Zahida Abro دنيا جي غريب ماڻهن ۾ گهڻو حصو ڳوٺاڻين عورتن جو آهي، تنهنڪري ٻهراڙي جي عورتن لاءِ غربت جو خاتمو هڪ اهم چئلينج آهي. ڳوٺاڻيون عورتون ترقيءَ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهي پائيدار ترقيءَ لاءِ معاشي، ماحولياتي ۽ سماجي تبديليون اڻي سگهن ٿيون، پر بدقسمتيءَ سان کين قرض، صحت جي سهولتن ۽ تعليم تائين محدود رسائي حاصل آهي. اهي مسئلا عالمي خوراڪ ۽ معاشي بحرانن ۽ موسمياتي تبديليءَ سبب وڌيڪ ڳرا ٿي وڃن ٿا. عورتن کي بااختيار بڻائڻ نه رڳو فرد، خاندان ۽ ڳوٺاڻن برادرين جي ڀلائيءَ لاءِ ضروري آهي، پر معاشي پيداوار لاءِ به اهم آهي، ڇاڪاڻ ته زراعت ۾ عورتن جو وڏو حصو آهي.جيڪڏهن عورتن کي مردن جي برابر وسيلن تائين رسائي هجي ته هو وڌيڪ نتيجا ڏئي سگهن ٿيون. اندازو آهي ته جيڪڏهن عورت هارين کي مردن جيتري سهولت ملي ته 34 ترقي پذير ملڪن ۾ زرعي پيداوار اوسطاً 4 سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي، جنهن سان انهن ملڪن ۾ غذائي کوٽ گهٽبي ۽ لکين ماڻهو بک کان بچي سگهن ٿا.پاڪستان وٽ هڪ گهڻي محنتي ڳوٺاڻي عورتن جي ليبر فورس موجود آهي. جيتوڻيڪ عورتن جي شرڪت هر شعبي ۾ نظر اچي ٿي، پر اهو گهڻو ڪري زراعت تائين محدود آهن. ڳوٺاڻيون عورتون ڪيترائي ڏکيا ڪم جهڙوڪ جڙي ٻوٽيون ڪڍڻ، گاهه وڍڻ، کڻڻ، چونڊڻ، ڪپهه جون ووئنڻاٺيون گڏ ڪرڻ ۽ ٻج ڌار ڪرڻ جا ڪم ڪن ٿيون. اهي ٻيلن مان ڪاٺ به گڏ ڪن ٿيون، جيڪو پچائڻ لاءِ ٻارڻ جو وڏو ذريعو آهي.صاف پيئڻ جي پاڻيءَ تائين پهچ به ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڏو مسئلو آهي ۽ پري کان پاڻي کڻڻ به عورتن جي ذميواري هوندي آهي. ان کان علاوه ڳوٺاڻيون عورتون مال جي سارسنڀال به ڪن ٿيون. جهڙوڪ ڏوهڻ، کير جي پروسيسنگ، مکڻ ۽ گيهه ٺاهڻ، گهڻو ڪري گهر جي خوراڪ لاءِ هوندو آهي ۽ آمدني وڌائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اڪثر هاري ڪجهه مال ضرور رکندا آهن ۽ انهن جو دارومدار زمين جي ايراضي، پوک جي نموني ۽ چراگاهن تي هوندو آهي.گهڻو ڪري ڳوٺاڻن ۾ عورت جي ڏيج ۾ جانور به ڏنو ويندو آهي. عام طور تي هر خاندان وٽ 3 ٻڪريون يا ٻيا جانور هوندا آهن. مطالعي مان معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺاڻيون عورتون اوسطاً 8,780 رپيا ساليانو جانورن جي وڪري مان ڪمائين ٿيون. اهي جانورن کي کاڌو ۽ پاڻي ڏيڻ، صاف ڪرڻ ۽ کير ڪڍڻ جا ڪم به ڪن ٿيون. گڏوگڏ، ڇيڻو گڏ ڪرڻ جيڪو ڀاڻ ۽ ٻارڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي، اهو غريب خاندانن جي آمدنيءَ کي بهتر ڪري ٿو.ظاهر آهي ته ڳوٺاڻيون عورتون مال جي تقريبن سڀني سرگرمين ۾ شامل آهن. پاڪستان جي ليبر سروي (2006-07) مطابق جانورن کي کارائڻ 31 سيڪڙو، ڏوهڻ ۽ کير جي پروسيسنگ 58 سيڪڙو، ۽ مال جي ڇيڻي جو بهتر استعمال 90 سيڪڙو. عورتون کوريون صاف ڪن ٿيون اٽڪل 90 سيڪڙو. 85 سيڪڙو ڀاڻ گڏ ڪن ٿيون ۽ 69 سيڪڙو پاڻي ڏيڻ جو ڪم ڪن ٿيون.پولٽري فارمنگ به ڳوٺاڻن لاءِ وڏي آمدنيءَ جو ذريعو آهي، جتي عورتن جي شرڪت مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ اهي جديد طريقا، جهڙوڪ ويڪسين وغيره گهٽ استعمال ڪن ٿيون، پر سندن ڪوشش سبب هن شعبي مان آمدني وڌندي رهي آهي.روايتي طور، ڪپهه چونڊڻ عورتن جو ئي ڪم آهي. ليبر سروي مطابق 89 سيڪڙو عورتون ڪپهه چونڊڻ ۾ حصو وٺن ٿيون، ان سان گڏوگڏ اهي فصل مان ڪک ڪانا ڪڍڻ (30 سيڪڙو) ۽ گُڏ ڪرڻ (22 سيڪڙو) ۾ به حصو وٺن ٿيون.هڪ ڳوٺاڻِيءَ عورت جو ڏينهن پرهه ڦٽيءَ کان شروع ٿئي ٿو ۽ شام تائين جاري رهي ٿو. سندس معمول ۾ گهر صاف ڪرڻ، پاڻي آڻڻ، ٿانو ڌوئڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، کاڌو ٺاهڻ، ٻارن جي سنڀال، سلائي، ڀرت ۽ ڪپڙا سبڻ شامل آهن. اهي سڀ ڪم هوءَ وڏي قابليت سان سنڀالي ٿي.جيئن ته ڳوٺاڻيون عورتون ملڪ جي اڌ خوراڪ پيدا ڪن ٿيون، پر پاڻ خوراڪ جي تحفظ کان محروم آهن. گهڻيون غريب ڳوٺاڻيون عورتون غذائي کوٽ ۽ خراب صحت جو شڪار آهن. عورت هارين کي ترقيءَ جي حڪمت عملين ۽ پاليسين ۾ اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. سندن وڏي شرڪت هوندي به سندن سماجي، معاشي ۽ سياسي حيثيت گهٽ آهي.سڌاري لاءِ سفارشون:عورتن جي ڪردار کي ڳوٺاڻي معيشت ۽ غير رسمي شعبن ۾ سرڪاري طور تسليم ڪيو وڃي ۽ سندن محنت ۽ مزدوري کي مالي قدر ۾ ڳڻيو وڃي.غريب ڳوٺاڻين عورتن کي زمين، زراعت ۽ مال جي خدمتن تائين رسائي ڏني وڃي.عورتن لاءِ آسان مائڪرو-ڪريڊٽ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.عورتن ۾ پڙهائي جي شرح وڌائڻ ۽ تعليم جي سطح کي بهتر بڻائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. عورتن لاءِ الڳ تعليمي پاليسي به فائديمند ٿي سگهي ٿي.منفي رواج ختم ڪرڻ لاءِ قانون ۽ پاليسيون ٺاهيون وڃن ۽ انصاف تائين رسائي بهتر بڻائي وڃي.فوڊ سيڪيورٽي جا چار بنيادي جزا موجودگي، رسائي، استعمال ۽ استحڪام، تڏهن بهتر ٿيندا جڏهن عورتن کي ضروري وسيلا ۽ اثاثا مهيا ڪيا ويندا، ۽ انهيءَ کي فيصلا ڪرڻ ۾ آزادي حاصل هوندي. Post Views: 92