خاص

علي زيدي جي سنڌ حڪومت کي ڌمڪي، اليڪشن ڪميشن کي بي غيرت چئي ڇڏيائين

پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سنڌ حڪومت کي ڌمڪيون ڏيندي اليڪشن ڪميشن کي بي غيرت چئي ڇڏيو آهي. علي زيدي عمران خان جي نااهل ٿيڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان هاڻي احتجاج ڪري رهيا آهيون ۽ اهو احتجاج اليڪشن ڪميشن سامهون ڪنداسين. ان موقعي تي هن سنڌ سرڪار کي ڌمڪيون به ڏنيون ۽ چيو ته ڏسون ته اسان کي ڪير ٿو روڪي.