هڪ سڌريل سماج پنهنجي لائبريرين ۽ ادبي ڪتابن ۽ بحثن جي ڪري فڪري آزادي ۽ شعور جون منزلون طئي ڪندو آهي. هڪ سڌريل سماج ۾ ادب صرف تفريح يا وقت گذارڻ جو ذريعو نه، پر ادب پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ، سماج جي ترقي، انساني نفسيات کي سمجهڻ ۽ سماجي سڌارن لاءِ لکيو ويندو آهي. ادب جتي انسان کي پڙهڻ سان تفريح فراهم ڪري ٿو ته گڏوگڏ ان ۾ اها طاقت به هوندي آهي جو اهو انسان جي تربيت ڪري ان کي ٻئي انسان جي ڏک ۽ تڪليف کي محسوس ڪرڻ ۽ ان سان همدردي ڪرڻ سيکاري، جن برائين جي باري ۾ کلي ڳالهائي نٿو سگهجي، جيڪي ناانصافيون قانون به ختم نٿو ڪري سگهي انهن جو حل ادب ۾ موجود هوندو آهي. نه صرف ايترو، پر ادب هڪ مسلسل وهندڙ درياءَ هوندو آهي، جنهن ۾ توهان جي ٻولي، وقت سان تبديل ٿيندڙ روايتون، تاريخ ۽ تخليق جو سفر ايندڙ نسلن تائين پهچندو آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ان جو بهترين مثال آهي، جنهن اسان جي تهذيب کي صدين کان محفوظ رکيو آهي. سماج مان جيڪڏهن ادب ڪڍي ڇڏجي ته سماج هڪ مشيني زندگي بڻجي ويندو، جتي مادي ترقي ته پنهنجي جاءِ تي ٿيندي رهندي، پر انسانيت، محبت ۽ سونهن جي کوٽ هميشه محسوس ٿيندي. سڌريل سماجن ۾ اڄ به نوجوان، ٻڍا، ٻار لائبريرين ۾ وڃڻ پسند ڪن ٿا. سفر جي دوران سندن هٿن ۾ ناول ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب هوندا آهن، اهي اديبن جي راءِ کي اهميت ڏين ٿا ۽ اديبن کي پنهنجي لاءِ رول ماڊل تصور ڪن ٿا. جڏهن ته اسان جي سماج ۾ ماديت پرستي ايتري ته گهر ڪري وئي آهي جو اسان ماڻهن جي وڏين گاڏين، وڏن بنگلن ۽ اميراڻي رهڻي ڪهڻي ءَکان متاثر نظر اچون ٿا. جڏهن ته علم ۽ ادب سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن يا ليکڪن کي اسان جي سماج ۾ اهو درجو ئي نٿو ملي جيڪو انهن جو حق آهي. هن وقت ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسان جا اهي باشعور دانشور، مفڪر ۽ فيصلا ساز گڏجي ويهن جن جو شعور سماج کي تبديل ڪري ٿو، ڇو ته انهن جي شعور ۾ تمام گهڻي طاقت هوندي آهي ۽ اهي سماج کي دڳ ڏيکاريندڙ هوندا آهن. اسان جي باشعور طبقي کي به ان ۾ شعوري طور حصو وجهڻ جو وقت اچي ويو آهي. جيئن ته اسان جو تعليمي نظام هن وقت ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل آهي. ڪجهه اسڪول ايترا مهانگا آهن جو هڪ ٻار جي مهيني جي في ڪنهن ماڻهو جي مهيني جي پگهار جي برابر آهي ته ڪجهه اسڪول اهڙا به آهن، جن جي في مائٽن جي کيسي تي تمام ڳري ٿئي ٿي، انهن اسڪولن ۾ نصاب سرڪاري اسڪولن جي نصاب کان بلڪل ڌار آهي انهن جي درسي ڪتابن سان گڏوگڏ انهن کي ڪلاسيڪل ناول به پڙهايا وڃن ٿا، جنهن سبب اهي عالمي ادب سان متعارف ٿين ٿا ۽ اتان سندن ادبي چاهه وڌي ٿو جيڪو کين وڌيڪ پڙهڻ تي اتساهي ٿو. جڏهن ته هڪڙو طبقو انهن ٻارن جو آهي جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن جو نصاب تمام گهڻو غير دلچسپ ۽ اجايو آهي. سندن نصاب ۾ ڪيترائي اهڙا ڪتاب آهن جن جي نه هجڻ سان ڪوبه گهڻو فرق نٿو پوي. بلڪه غير ضروري ڪتابن کي نصاب مان خارج ڪرڻ ئي وقت حاضر جي ضرورت آهي. هن وقت ٻارن کي عملي زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن کين اهڙا مضمون پڙهايا وڃن جيڪي کين تخليقي سوچ عطا ڪري سگهن، سندن ٻوليءَ تي گرفت ۽ لفظن جو ذخيرو وڌائي سگهن ۽ معاشري ۾ هڪٻئي جي لاءِ همدردي، ڏکن سکن ۾ هڪٻئي جي لاءِ احساس ۽ ذميداريءَ جو جذبو پيدا ڪري سگهن. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان جا درسي ڪتاب ٺاهڻ وارا باشعور شخص هڪ دفعو گڏجي ويهن ۽ غور ڪن ته ادب اسڪولي شاگردن جي زندگين کي ڪيئن تبديل ڪري سگهي ٿو، جنهن جي شروعات پرائمري جي پهرئين درجي کان ٿيڻ گهرجي. پهرين کان وٺي پنجين درجي تائين لاءِ اهڙين لوڪ ڪهاڻين، آکاڻين ۽ اخلاقي قصن کي پڙهايو وڃي ۽ هفتي ۾ هڪ ڏينهن رڳو استاد کي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ ڏنو وڃي. ڇهين کان اٺين درجي جي لاءِ سنڌي ادب جي نامور ليکڪن جون چونڊ ۽ مختصر ڪهاڻيون پڙهايون وڃن. نائين کان ٻارهين درجي ۾ هڪ ٽرم ۾ هڪ مڪمل ناول پڙهڻ لازمي قرار ڏنو وڃي ۽ پوءِ ان ناول تي شاگردن کان تجزيو لکرايو وڃي. ان نظام کي شروع ڪرڻ لاءِ يقينن پهرين استادن جي تربيت ڪرڻ به ضروري هوندي. ڇو ته هن وقت اسان جا استاد خود پڙهڻ کي ترجيح نٿا ڏين، انهن جو مقصد صرف امتحان پاس ڪرائڻ لاءِ درسي ڪتاب پڙهائڻ آهي. جڏهن ته استادن جو ادب جي لاءِ چاهه هجڻ به هڪ بنيادي حيثيت رکي ٿو. نصاب ۾ اهڙا ناول ۽ ڪهاڻي شامل ڪيون وڃن جيڪي اڄوڪي دور جي ٻارن جي دلچسپي مطابق هجن نه ڪي تمام گهڻيون قديم ۽ فرسوده، جيڪي اڄڪلهه جي ٻار کي به اجايون لڳن.ٻارن جي وچ ۾ وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ جو مقابلو رکيو وڃي ۽ وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ وارن ٻارن کي انعام ڏنا وڃن. ان معاملي ۾ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسڪولي ٻارن جي ناولن جي چونڊ لاءِ موضوع تمام ڌيان سان چونڊيا وڃن، جنهن ۾ وطن پرستي، بهادري، سچائي، ايمانداريءَ جو درس ڏنل هجي ۽ جيڪي سياسي يا مذهبي طور تي تڪراري يا ڪنهن به طرح متنازع نه هجن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هن وقت صرف اسان جو سماج نه، پر پوري دنيا ۾ ٽيڪنالاجيءَ سبب وڏي تبديلي ۽ اٿل پٿل اچي رهي آهي. هن وقت هر فرد جي هٿ ۾ موبائل فون نظر اچي ٿو، جنهن سان نه صرف ڪال ڪري رابطو ڪيو وڃي ٿو، پر اها پنهنجي اندر هڪ پوري ڪائنات بڻجي وئي آهي ۽ اسان جي نوجوان نسل جي مستقبل کي تمام گهڻو متاثر ڪري رهي آهي. ان لاءِ اسان کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ نوجوانن جي تربيت لاءِ نئين سر پاليسيون ٺاهڻ جي ضرورت تي ڳالهائڻو پوندو ته جيئن اهي مستقبل جا ڪارائتا ذهن پنهنجن پيرن تي بيهي پنهنجن ايندڙ نسلن جي تعمير ۾ حصيدار ٿي سگهن. هن وقت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پندرهن سالن جي عمر تائين ٻارن جي مٿان موبائل فون جي استعمال لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ نئين قانونسازي ٿي رهي آهي. ڇا اهڙي وقت ۾ اسان کي پنهنجي نوجوانن لاءِ نئين سري کان نيون پاليسيون ٺاهڻ جي ضرورت محسوس نه پئي ٿئي. هڪ غريب ملڪ جي عوام کي جيڪڏهن سٺا اسڪول ملي وڃن ته اهو ملڪ پنهنجي نوجوانن کي تربيت ڏئي هڪ باشعور هيومن ريسورس پيدا ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان ادب جو سهارو وٺون. هر اسڪول ۾ لائبريري جو هجڻ ۽ ان ۾ سٺن ڪتابن جي هجڻ کي يقيني بڻايون، اوطاقتن ۽ گڏجاڻين جي هنڌن تي ٻارن جي لاءِ سندن عمر جي حساب سان ڪتابن جي هڪ ڪنڊ ٺاهڻ گهرجي جتي سندن پسند جا ڪتاب موجود هجن. ان کان علاوه جديد ٽيڪنالاجي جو مثبت استعمال ڪري ٻارن جي لاءِ پڻ اِي-بُڪس تيار ڪرڻ گهرجن. مقصد اهو آهي ته ٻارن کي ننڍي هوندي کان وٺي ادب طرف راغب ڪجي. انهن کي بيڪار وقت ضايع ڪرڻ کان روڪجي ۽ انهن جي اندر پڙهڻ جو شوق پيدا ڪري انهن کي ڪهاڻي ٻڌائڻ کان وٺي ڪهاڻيون لکرائڻ طرف راغب ڪجي. جڏهن اسان ان قسم جو رجحان پنهنجي سماج ۾ پيدا ڪنداسين ته ايندڙ ويهن سالن ۾ اسان جي سماج ۾ اسان جي تصور کان به وڌيڪ تخليقي ذهن پيدا ٿي پوندا، جيڪي پنهنجي تخليقي رجحان سان نيون صنعتون ۽ نوان ٽرينڊ قائم ڪندا. اسان کي نوان شاعر، نوان ناول نگار ۽ نوان ڪهاڻيڪار ملندا. ضروري آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ درست پلاننگ ڪريون ۽ ٻارن جي اندر تخليقي سوچ جي واڌاري لاءِ قدم کڻون.