هي 31 مارچ جو ڏينهن جنهن کي دنيا International Transgender Day of Visibility جي نالي سان سڃاڻي ٿي اهو رڳو هڪ تاريخ نه، پر هڪ زنده سوال آهي اهو سوال جيڪو اسان جي سماج جي ضمير کي جهنجوڙي ٿو ته آخر اهي ماڻهو جيڪي اسان وانگر ساڳيا انسان آهن انهن کي ڏسڻ کان ڇو انڪار ڪيو ويو آهي ۽ ڇو انهن جي سڃاڻپ کي مڃرائڻ لاءِ الڳ ڏينهن رکڻو پيو. ڇا اهو اسان جي اجتماعي ناڪامي جو کليل اعتراف ناهي، اسان تقريرون ڪندا آهيون، پيغام لکندا آهيون ۽ پاڻ کي باشعور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، پر حقيقت اها آهي ته ٽرانسجينڊر برادري جي زندگي اڄ به ڏکن سان ڀريل آهي تعليم جا دروازا اڪثر بند آهن نوڪري جا موقعا نه هجڻ برابر آهن ۽ عزت جو تصور ته ڄڻ انهن لاءِ لکيل ئي ناهي. جڏهن ڪو ٽرانسجينڊر ٻار اسڪول وڃي ٿو ته کيس پڙهائڻ بدران تڪليف ڏني وڃي ٿي. جڏهن ڪو نوجوان نوڪري ڳولهي ٿو ته کيس قابليت بدران سڃاڻپ جي بنياد تي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ آخرڪار اهو سماج ئي انهن کي مجبور ڪري ٿو ته هو سگنلن تي بيهي هٿ ڦهلائين، پر هن ڪهاڻي جو سڀ کان ڪارو پاسو اهو آهي جنهن بابت اسان اڪثر خاموش رهون ٿا. ٽرانسجينڊرن کي صرف نظرانداز ئي نٿو ڪيو وڃي، پر کين قتل ڪيو وڃي ٿو انهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو انهن کي گهٽين ۾ ذليل ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي عزت نفس کي روزانو چيڀاٽيو وڃي ٿو. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته انهن ظلمن جو ڪوبه داد فرياد نٿو ڪيو وڃي نه پوليس سنجيدگي سان ڪيس وٺي ٿي نه عدالتن تائين انهن جو آواز پهچي ٿو ۽ نه ئي سماج کي ڪا پرواهه آهي، ڄڻ انهن جي زندگي جي ڪا قيمت ئي ناهي، ڇا اهو انصاف آهي ته هڪ پاسي اسان انسانيت جا وڏا وڏا دعويٰ ڪريون ۽ ٻئي پاسي ڪجهه ماڻهن کي جيئري ئي ماري ڇڏيون. ڇا اها نظام جي ناڪامي ناهي، جتي هڪ ڪمزور طبقي کي تحفظ ڏيڻ بدران ان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو وڃي. جيڪڏهن رياست پنهنجي ڪمزور شهرين کي بچائي نٿي سگهي ته پوءِ ان جي طاقت جو مطلب ڇا رهجي وڃي ٿو. قانون موجود آهن، پر انهن ۾ روح ناهي پاڪستان ۾ ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ قانون سازي ڪئي وئي، پر اهو سڀ ڪجهه گهڻو ڪري ڪاغذن تائين محدود آهي. عملدرآمد جي کوٽ انهن قانونن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس اسٽيشن ۾ وڃڻ انهن لاءِ هڪ نئين اذيت بڻجي وڃي ٿو، جتي کين سنجيدگي سان نٿو ورتو وڃي ۽ ڪيترن ئي واقعن ۾ ته انهن کي ئي الزام جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رڳو ڳالهيون نه، پر عملي قدم کنيا وڃن. سڀ کان پهرين ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ الڳ شڪايتي سيل قائم ڪيا وڃن جتي هو بنا خوف پنهنجن مسئلن کي بيان ڪري سگهن ۽ انهن شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هر شهر ۾ اهڙا مرڪز هجڻ گهرجن جيڪي انهن لاءِ محفوظ جڳهه بڻجن. صحت جي شعبي ۾ به بنيادي سڌارا ضروري آهن. اسپتالن ۾ ٽرانسجينڊرن لاءِ الڳ وارڊ قائم ڪيا وڃن، جتي انهن کي عزت سان علاج ملي. ڇو ته اڪثر انهن کي عام وارڊن ۾ تذليل جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جنهن سبب هو علاج کان به محروم ٿي وڃن ٿا. صحت هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تفريق برداشت نه ٿيڻ گهرجي.