بلاگنئون

ٽرانس جينڊرن جو عالمي ڏينهن: انساني حقن جو امتحان

هي 31 مارچ جو ڏينهن جنهن کي دنيا International Transgender Day of Visibility  جي نالي سان سڃاڻي ٿي اهو رڳو هڪ تاريخ نه، پر هڪ زنده سوال آهي اهو سوال جيڪو اسان جي سماج جي ضمير کي جهنجوڙي ٿو ته آخر اهي ماڻهو جيڪي اسان وانگر ساڳيا انسان آهن انهن کي ڏسڻ کان ڇو انڪار ڪيو ويو آهي ۽ ڇو انهن جي سڃاڻپ کي مڃرائڻ لاءِ الڳ ڏينهن رکڻو پيو. ڇا اهو اسان جي اجتماعي ناڪامي جو کليل اعتراف ناهي، اسان تقريرون ڪندا آهيون، پيغام لکندا آهيون ۽ پاڻ کي باشعور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، پر حقيقت اها آهي ته ٽرانسجينڊر برادري جي زندگي اڄ به ڏکن سان ڀريل آهي تعليم جا دروازا اڪثر بند آهن نوڪري جا موقعا نه هجڻ برابر آهن ۽ عزت جو تصور ته ڄڻ انهن لاءِ لکيل ئي ناهي. جڏهن ڪو ٽرانسجينڊر ٻار اسڪول وڃي ٿو ته کيس پڙهائڻ بدران تڪليف ڏني وڃي ٿي. جڏهن ڪو نوجوان نوڪري ڳولهي ٿو ته کيس قابليت بدران سڃاڻپ جي بنياد تي رد ڪيو وڃي ٿو ۽ آخرڪار اهو سماج ئي انهن کي مجبور ڪري ٿو ته هو سگنلن تي بيهي هٿ ڦهلائين، پر هن ڪهاڻي جو سڀ کان ڪارو پاسو اهو آهي جنهن بابت اسان اڪثر خاموش رهون ٿا. ٽرانسجينڊرن کي صرف نظرانداز ئي نٿو ڪيو وڃي، پر کين قتل ڪيو وڃي ٿو انهن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو انهن کي گهٽين ۾ ذليل ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن جي عزت نفس کي روزانو چيڀاٽيو وڃي ٿو. سڀ کان وڏو الميو اهو آهي ته انهن ظلمن جو ڪوبه داد فرياد نٿو ڪيو وڃي نه پوليس سنجيدگي سان ڪيس وٺي ٿي نه عدالتن تائين انهن جو آواز پهچي ٿو ۽ نه ئي سماج کي ڪا پرواهه آهي، ڄڻ انهن جي زندگي جي ڪا قيمت ئي ناهي، ڇا اهو انصاف آهي ته هڪ پاسي اسان انسانيت جا وڏا وڏا دعويٰ ڪريون ۽ ٻئي پاسي ڪجهه ماڻهن کي جيئري ئي ماري ڇڏيون. ڇا اها نظام جي ناڪامي ناهي، جتي هڪ ڪمزور طبقي کي تحفظ ڏيڻ بدران ان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو وڃي. جيڪڏهن رياست پنهنجي ڪمزور شهرين کي بچائي نٿي سگهي ته پوءِ ان جي طاقت جو مطلب ڇا رهجي وڃي ٿو. قانون موجود آهن، پر انهن ۾ روح ناهي پاڪستان ۾ ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ قانون سازي ڪئي وئي، پر اهو سڀ ڪجهه گهڻو ڪري ڪاغذن تائين محدود آهي. عملدرآمد جي کوٽ انهن قانونن کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏيو آهي. پوليس اسٽيشن ۾ وڃڻ انهن لاءِ هڪ نئين اذيت بڻجي وڃي ٿو، جتي کين سنجيدگي سان نٿو ورتو وڃي ۽ ڪيترن ئي واقعن ۾ ته انهن کي ئي الزام جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رڳو ڳالهيون نه، پر عملي قدم کنيا وڃن. سڀ کان پهرين ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ الڳ شڪايتي سيل قائم ڪيا وڃن جتي هو بنا خوف پنهنجن مسئلن کي بيان ڪري سگهن ۽ انهن شڪايتن تي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هر شهر ۾ اهڙا مرڪز هجڻ گهرجن جيڪي انهن لاءِ محفوظ جڳهه بڻجن. صحت جي شعبي ۾ به بنيادي سڌارا ضروري آهن. اسپتالن ۾ ٽرانسجينڊرن لاءِ الڳ وارڊ قائم ڪيا وڃن، جتي انهن کي عزت سان علاج ملي. ڇو ته اڪثر انهن کي عام وارڊن ۾ تذليل جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، جنهن سبب هو علاج کان به محروم ٿي وڃن ٿا. صحت هر انسان جو بنيادي حق آهي ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تفريق برداشت نه ٿيڻ گهرجي.

تعليم جي ميدان ۾ به انقلاب آڻڻ ضروري آهي. ٽرانسجينڊرن لاءِ الڳ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا وڃن يا موجوده ادارن ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي جتي هو بنا خوف تعليم حاصل ڪري سگهن. ڇو ته تعليم ئي اها طاقت آهي جيڪا ڪنهن به محروم طبقي کي خود مختيار بڻائي سگهي ٿي. جيڪڏهن انهن کي پڙهڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته هو به ڊاڪٽر، استاد، انجنيئر ۽ آفيسر بڻجي سگهن ٿا. انهن لاءِ شيلٽر هوم قائم ڪرڻ به انتهائي ضروري آهي، جتي اهي ماڻهو جيڪي گهرن مان نيڪالي ڏنا ويا آهن، محفوظ زندگي گذاري سگهن. اهڙيون جڳهيون انهن لاءِ نئين شروعات بڻجي سگهن ٿيون، جتي هو پنهنجي زندگي کي ٻيهر ترتيب ڏئي سگهن ۽ خود اعتمادي سان اڳتي وڌي سگهن. حڪومت کي گهرجي ته ٽرانسجينڊر برادري لاءِ الڳ بجيٽ مختص ڪري، ڇو ته بنا وسيلن جي ڪابه پاليسي ڪامياب نٿي ٿي سگهي. انهن کي معقول معاوضو ڏنو وڃي، خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي بيروزگار آهن يا انتهائي غربت جو شڪار آهن جيئن هو عزت سان زندگي گذاري سگهن. ان سان گڏ صحت تعليم ۽ ٽرانسپورٽ جون مفت اسڪيمون شروع ڪيون وڃن ته جيئن اهي ماڻهو سماج ۾ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن. جڏهن انهن کي سهولتون ملنديون ته هو به پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪري سگهندا ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهندا. نوڪرين ۾ خاص ڪوٽا مقرر ڪرڻ به هڪ اهم قدم آهي. هر سرڪاري ۽ نجي اداري ۾ ٽرانسجينڊر ماڻهن لاءِ مخصوص سيٽون رکڻ گهرجن ته جيئن انهن کي روزگار جا برابر موقعا ملي سگهن. جڏهن هو پنهنجي پيرن تي بيهندا ته انهن جي زندگي ۾ حقيقي تبديلي ايندي. ميڊيا کي به پنهنجو ڪردار بدلائڻو پوندو انهن کي مذاق جو موضوع بڻائڻ بدران انهن جي حقيقي مسئلن کي اجاڳر ڪرڻو پوندو. سماج کي اهو سمجهائڻو پوندو ته اهي به انسان آهن ۽ انهن سان برابري وارو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. هي ڏينهن اسان کي اهو سبق ڏئي ٿو ته سڃاڻپ هر ڪنهن جو حق آهي، هر انسان کي عزت سان جيئڻ جو حق حاصل آهي ۽ سماج جو فرض آهي ته اهو ان حق کي يقيني بڻائي. جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته پوءِ اسان به ان ظلم جا برابر جا ذميوار هونداسين. جڏهن سماج ڪنهن کي نظرانداز ڪري ٿو ته اهو رڳو هڪ فرد کي نه، پر پنهنجي انسانيت کي به وڃائي ٿو ۽ جڏهن ڪنهن جي سڃاڻپ کي دٻايو وڃي ٿو ته اهو آواز هڪ ڏينهن اهڙو طوفان بڻجي ٿو جيڪو هر ناانصافي کي وهائي کڻي وڃي ٿو. هاڻي فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته اسان ان طوفان جو حصو بڻجنداسين يا ان جي سامهون بيهي پنهنجي ضمير کي هميشه لاءِ خاموش ڪري ڇڏينداسين.