ايران جو پهريون روبوٽڪ ريسٽورينٽ
ايران جي گادي واري هنڌ ۾ تهران ۾ پهريون روبوٽڪ ريسٽورينٽ کلي ويو آهي، جتي ڪوبه گراهڪ ٽيبل تي ويٺي ويٺي آرڊر ڏيندو ۽ آرڊر ان تائين پاڻ ئي پهچي ويندو. گراهڪ سامهون ٽيبل تي هڪ ڊجيٽل مينو ايندو جنهن ۾ ئي هو پنهنجو آرڊر ڏيندو ايئن اهو آرڊر ڪچن ۾ اسڪرين تي اچي ويندو. شيف اسڪرين تي ويندڙ آرڊر کي ٽري ۾ رکي ان کي گراهڪ ڏانهن موڪلي ڇڏيندو. گراهڪن جي بورين ختم ڪرڻ لاءِ ٽيبل تي گيمز به موجود هونديون جنهن کي کيڏندي انتظار کي مزي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. هن قسم جي ريسٽورينٽ کي تهران شهر ۾ وڏو پسند ڪيو ويو آهي.

