سانگهڙ مان تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا دريافت
آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جي نون ذخيرن دريافت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. او جي ڊي سي ايل طرفان پاڪستان اسٽاڪ ايڪس چينج کي لکت ۾ ٻڌايو آهي ته سانگهڙ ۾ تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا دريافت ٿيا آهن، جتي شروعاتي طور تي 2 هزار بيرل ڪچو تيل روزانو ۽ 13 لک چورس فٽ گيس روزانو حاصل ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.

