خاص

وڏي عمر ۾ ڪتاب پڙهو ۽ يادداشت مضبوط ڪريو

هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪتاب پڙهڻ سان وڏي عمر ۾ يادداشت ڪمزور ٿيڻ کان بچي سگهجي ٿو. آمريڪي رياست اِلينوائي جي بيڪ مين انسٽيٽيوٽ جي تحقيق ڪندڙن يادداشت ۽ مطالعي جي وچ ۾ تعلق کي ڄاڻڻ لاءِ هڪ تحقيق ڪئي جنهن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته مطالعو ڪرڻ سان وڏي عمر ۾ يادداشت کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. فرنٽيئر ان سائڪولاجي ۾ شايع ٿيندڙ تحقيق جي سينئر محقق لِز اسٽائن مورو جو چوڻ هو ته فارغ وقتن ۾ مطالعو ڪرڻ جي عادت جنهن ۾ اوهان گم ٿي وڃو ٿا، اوهان لاءِ سٺي ٿئي ٿي ۽ هيءَ انهن ذهني صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي جيڪا مطالعي تي ٻڌل هوندي آهي.