خبر ناھي اڄ ھوءَ ڪھڙين سوچن ۾ گم آھي. بظاھر ته ھوءَ آسمان تي ڇڙوڇڙ ننڍڙن ڪڪرن کي ھڪٻئي پٺيان ڊوڙندي ڏسي رھي آھي، پر حقيقت ۾ ھوءَ صرف جسماني طور منھنجي سامھون موجود آھي، پر ذھني طور ھوءَ ھن دنيا کان ڪوھين ڏور ڪنهن اونهي سوچ جي پاتالن ۾ وڃايل آھي. آئون چند قدمن کان ھن کي ڏسان ٿو. سوچان ٿو اھڙو ڇا سوچيندي ھوندي جو هوءَ ھن جھان کان بي خبر لڳي رھي آھي!
اندر مان ڪنهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو “اھِو تون سوال ڪرين ٿو ته ھوءَ ڪھڙين سوچن ۾ گم ٿي سگهي ٿي!” ھڪ چٿرون ڪندڙ ٽھڪ جو زھر آلود پڙاڏو پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪيان ٿو، جنھن سبب آئون پاڻ سان ئي اٽڪي پوان ٿو، منهنجي زبان مان بي ساختا پاڻ کي بي قصور ثابت ڪرڻ لاءِ لفظن جو ھڪ وھڪرو وھي ھلي ٿو، “نه آئون اِن جو قصوروار نه آھيان، مون ڪڏهن ھن کي نه ڏکويو آھي ۽ نه ئي ھن جي معاملن جي وچ ۾ پيو آھيان. توڙي جو شروعات ۾ مون کي ھن تي ڪافي اعتراض ھئا، جن کان مون ھن کي آگاهه به ڪيو ھو ۽ سندس اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ورتل فيصلا واپس وٺڻ جو پڻ چيو ھو، پر تڏهن به ھن منهنجي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڏنو ھو ۽ جيئن جو تيئن پنهنجي ھوڏ تي قائم رھي ھئي، جنهن سان نه صرف مون کي، پر سموري ڪٽنب کي ھن جي ورتاءُ تي ڏاڍي مايوسي ٿي ھئي، تڏھن کان مون ھن سان واسطا گهٽائي ڇڏيا آھن. پوءِ ڀلا آئون ھن جي موجوده حالت جو ذميوار ڪيئن ٿيس؟”
ساڳيو ئي آواز ٻيهر گونجڻ لڳو، “مڃان ٿو ان وقت تو ھن ڏانهن ھمدردي جو ھٿ وڌايو ھو، ھر ممڪن ڪوشش ڪئي ھئي ته هوءَ ڪنهن جي ڪوڙن آسرن دلاسن ۾ اچي پنهنجي ٺھي ٺُڪي رشتي کي ائين ٿڏي نه ڇڏي، بلڪه پنهنجو گهر وسائي زندگي ۾ اڳتي وڌي وڃي ھا، پر ھن ھڪ خسيس ماڻهو جي ڪري نه صرف پنھنجي ايندڙ خوشحال زندگي کي لت هڻي ڇڏي ھئي، بلڪه رت جي رشتن کي به پاڻ ۾ اٽڪائي ڇڏيو ھو. اھوئي سبب آھي جو هوءَ ھاڻ پنهنجي ڪَئي تي پڇتاءَ جي آڙاهه ۾ پچندي رھي ٿي، هوءَ ضرور نراش ٿيندي ھوندي، جڏهن هوءَ پنهنجي زندگي ھڪ ھنڌ بيٺل ڏسندي ھوندي، ولر ماڻهن جي ھوندي به هوءَ پنهنجو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندي ھوندي. هوءَ جا ڪڏهن ڇوڪري ھئي ھاڻ ھوءَ ڇوڪري نه رھي آھي بلڪه ھڪ غير شادي شده عورت بڻجڻ لڳي آھي، ھن جي اھڙي حالت جو ذميوار ڪٿي نه ڪٿي تون به آھين.”
پاڻ مٿان اھڙو سنگين الزام ٻڌندي مون کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي، “آئون ھن جي حالت جو ذميوار ڪيئن ٿيس؟”
ھن چيو، “تون ھڪ مرد آھين، توکي ايترو جلد ائين مايوس نه ٿيڻ گھرجي، ھڪ مرد ته پنھنجون ذميواريون نڀائڻ خاطر پنهنجي انائن کي صليب تي چاڙھي ڇڏيندو آھي. هوءَ ھن وقت جنهن اذيت ۽ ڪرب مان گذري ٿي سا اذيت ھن کي ھڪ ڏينھن ۾ ڪيترائي ڀيرا ماري وري جيئاري ٿي.
ڪاش! تون ماضي وساري اڄ ھن سان گڏ بيھي رھين ۽ ھن کيس پل پل جي اذيت کان ڇوٽڪارو ڏيارين، يعني سندس گھر آباد ڪرائي سندس زندگي خوشين سان ڀري ڇڏين ته هوءَ سڄي عمر تنھنجي آڀاري رھندي. توکي ھاڻ سمجهڻ گھرجي ته ھن پنھنجي فيصلن جو نتيجو ڀوڳيو آھي ۽ کيس چڱي طرح اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هوندي ته اڪثر جذبات ۾ ورتل فيصلا زندگين جو رخ پريشانين ۽ نه اڻ کٽ پڇتاءُ جي آڙاھه ڏانهن موڙي ڇڏيندا آھن، جتي انسان نه ته سڪون سان جي سگھندو آھي ۽ نه ئي سڪون سان مري سگهندو آھي”
ڪٿي نه ڪٿي مون ھن جي ڳالھين سان اتفاق ڪيو. ھن جي حال تي رحم کائيندي سوچڻ لڳس، “خوشحال زندگيون مختصر محسوس ٿينديون آھن، جڏھن ته اذيت ڀريون زندگيون ڏاڍيون ڊگھيون محسوس ٿينديون آھن.”