لاڙڪاڻي ۾ موجود اسٽيٽ لائف اِنشوئرنس جي بلڊنگ جي سامهون صفا نڪ تي موجود بنا اِنشوئر ٿيل مان جِلد ساز قلندر بخش بنا ڪنهن گِراهڪ اچڻ جي اُٻاڻڪو اٻاڻڪو ويٺو آهيان..! مان سوچي رهيو آهيان ته اڄ ڀلا ڪوبه گراهڪ نه آيو آهي الائي ڇا جي ڪري…؟
ڇا ماڻهن ڪتاب وٺڻ ۽ پڙهڻ ڇڏي ڏنا آهن؟
ڇا ٻارن کي اسڪولن ۾ ڪتاب ڪونه ٿا ڏنا وڃن؟
ڇا ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچن ئي ڪونه ٿا؟
يا ڪتاب فقط سافٽ ڪاپيءَ تائين محدود ٿي ويا آهن.!
ان سوچ ۾ ٻُڏل هئس ته منھنجي هڪ نظر سامهون موجود اسٽيٽ لائف انشوئرنس جي بلڊنگ ڏانهن وئي…!
اسٽيٽ لائف انشورنس جي بلڊنگ ۾ ڪيترائي ماڻهو اندر وڃي رهيا هئا ته ڪيترائي ٻاهر نڪري به رهيا هئا! انهن ماڻهن ۾ ڪجهه ماڻهن جي هٿ ۾ تسبيح، مٿي تي ٽوپي ۽ سونهاري سڳوريءَ وارا مولوي صاحب به پنهنجي انشوئرنس پاليسي رکڻ لاءِ اندر وڃي رهيا هئا ته ٻاهر نڪري به رهيا هئا، جيڪي پنهنجن خطبن ۾ اهو چوندي ٿڪبا ناهن ته غربت به الله سائين جي طرفان آهي ته اميري به الله جل جلاله جي طرفان آهي. ماڻهو سڀاڻي جي لاءِ ڪجهه به گڏ ڪري نه رکي ڇو ته سڀاڻو ڪڏهن به اچڻو ناهي…! ٻئي طرف اُهي ڪامريڊ به وڃي رهيا هئا جيڪي اسٽڊي سرڪلس ۾ بنا ساهي پٽڻ جي ڳالهائيندا وتندا هئا ته سرمايو هڻون اسان سوئر سيٺِ جي منهن ۾… اسان کي ڪوبه سرمايو نه کپي، ڇو ته اسان سماجوادي آهيون. اسان اهڙو سماج اڏينداسين جنهن ۾ غريب ۽ امير ۾ ڪوبه تفاوت نه رهندو…!
اسٽيٽ لائف انشورنس جي بلڊنگ ۾ رڳو مُلا، سُرخا، قومپرست، وڏيرا ۽ وڏا وڏا ڊنگ خان نه، پر هر مڪتبهءِ فڪر وارا ماڻهو اچي وڃي رهيا هئا. ماڻهن جي اها اچ وڃ ڏسي مون تي سَڪتو تاري ٿي ويو، مون کي دورو پئجي ويو، مون کان گگ وھڻ لڳي ۽ مان پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳس…
پئسو ڇا آهي؟
نه
وجود ڇا آهي؟
پئسو سڀ ڪجهه آهي..!
نه
وجود ڪجهه به نه هجڻ ۽ هُجڻ جو تصور آهي تخيل آهي..!
پئسي سان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي..!
نه
وجود هر شيءِ جي هجڻ جو انڪار به آهي ته اظهار به…!
پئسي سان ملا، ڪامريڊ ۽ ٻئي ڪيڏي به وڏي اُٺَ خان کي به خريد ڪري سگهجي ٿو..!
نه
وجود اهڙي پئسي جي وجود کان انڪار ڪري ٿو جيڪو انسان جهڙي وجود جي روح جو ستياناس ڪري ٿو..!
پئسو پئسو آهي
وجود هڪ نه ٻه آهن
پئسو وجود آهي
وجود پئسو آهي…
پئسو سڀ ڪجهه آهي…!
مان ان ئي غَشن ۾ ٻڏل هئس ته مون سان گڏ ڪم ڪندڙ منهنجو ننڍو ڀاءُ هٿن ۾ نُڪتي سڱر کڻي آيو. هو مون کي هن حال ۾ ڏسي پريشان نه ٿيو ڇو جو هو منهنجي هيءَ گڦ هڻڻ واري عادت کان اڻڄاڻ نه هو..! هن چيو ادا هي وٺو ۽ کائو اڄ الائي ڪير ڇنڇر واري ڏينهن ڀُلجي سيد قائم شاهه بخاري جي درگاھ تي ورهائي رهيو هو ته مون کي به ونڊ ڪرايائين سو توهان لاءِ به کڻي آيو آهيان.
مان به هن کان نڪتي سڱر وٺي هڪدم کائي ويس..! کائڻ کانپوءِ ڀاءُ کي چيم، “يَرَ ڳالهه ته ٻڌ هي سيد قائم شاهه بخاري ٻين جون مُرادون پوريون ڪري ٿو باقي اسان ان جي ويجهو دڪان کوليو ويٺا آهيون اسان جون ڇو ڪونه ٿو من جون مرادون پُڄائي..! سائين به ڪو وڏو روازي (رواجي) آهي ٻين جون سکائون پڄائي ٿو ۽ اسان جون وري ڀَڄائي ٿو…!” ٻيو ٻڌ هي سامھون ماڻهون ته ڏس يَرَ انهن کي ايڏو پئسو اچي ڪاڏانهن ٿو جو پاليسيون ٿا رکن اسان ته پيٽ ۾ پورا آهيون…!
مان نڪتي سڱر کائي بنا ڪنهن ڪم ڪار جي پنهنجي دڪان ۾ ويهي رهيس. واندڪائيءَ ۾ روڊ تي هلندڙ گاڏين ۽ ماڻهن کي تڪي توري رهيو هئس! تان جو منهن ۾ ڪنهن اچي ڀونڊو هنيو…! مان به ڦِڪي کِل کِلي هيڏي هوڏي ڏسي نٽايو. اهو ڀونڊو مون کي کدڙي فقير گُهورَ ۾ ڏنو جنهن کي مان گُهورِي ڏسي رهيو هئس…! مان روڊ ڏانهن منهن هٽائي پنهنجي دڪان تي هڪ نظر ڦيرائي… جنهن ۾ مون کي اهو بائينڊ ٿيل بُڪ نظر آيو جيڪو هڪ نوجوان سالُ اڳ اهو بُڪ بائينڊنگ جي لاءِ ڏئي ويو هو. بُڪ جو نالو هو ‘ڪارو ڪاري ۽ ان جا سبب’…! ٿي سگهي ٿو هن کي به ڪا ڪارِي ملي وئي هجي يا هن کي ڪنهن سان ڪارُو ڪيو ويو هجي..! سبب ته الائي ڇا هوندو يَرَ… پر اتر سنڌ ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو! پر منهنجي ڇهين حس کي اها ڳالهه الائي ڇو ڪکندي آهي ته هو به ڪارو ڪري ماريو ويو هوندو…!
نوجوان جو لکيل اهو ڪتاب هٿ ۾ ئي هو ته وري مان سوچ ۾ گم ٿي ويس..! اڳي وڏڙا ڪانڀ ڪڍي ڳالهيون ڪندا هئا ته محنتي ۽ ايماندار ماڻهو ڪڏهن به بک ڪونه مرندو! پر يَرَ اسان ته محنتي ۽ ايماندار هوندي به بکون ۽ ڪشالا ڪاٽي رهيا آهيون..! هيڏي هوڏي نظر ڦيرايون ٿا ته ماڻھو ڪک پتيءَ مان لک پتي ٿي ويا آهن. لڳي ٿو وڏڙا محنتي ۽ ايماندار ماڻهو بک نه مرندا انهن ملڪن جي لاءِ چئي ويا آهن جتي قانون هوندو، جتي انصاف هوندو، جتي رياست هوندي…! اهي ڳالهيون باقي اسان جي معاشري ۾ ته لاڳو ڪونه ٿيون ٿين..!
اڄ ڪو اهڙو اڀاڳو ڏينهن آهي جو ڪوبه گراهڪ منهنجي دڪان تي لڙي ڪونه آيو آهي..! اڄ منهنجا کيسا به صفا خالي لڳا پيا آهن! رات جو گهر لاءِ سيڌي سودي لاءِ به مون وٽ خرچ پکو ڪونهي…! مان اٻاڻڪو اٻاڻڪو… وياڪل وياڪل هيڏي هوڏي نيڻ نهاري رهيو هئس…! کيسي مان آخري سگريٽ ڪڍي دُکائي… ڪامريڊ لينن وانگر سگريٽ جو وڏو سوٽو هڻي بالشويڪ انقلاب تي سوچي رهيو هئس ته ويجهي ماضيءَ ۾ اهو انقلاب واحد انقلاب هو جنهن دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو، جنهن جي ذريعي هاري ۽ مزدور به رياست جا والي ٿيا…! سگريٽ مان اڃان لطف وٺي رهيو هئس ته هڪ گراهڪ منهنجي دڪان تي چڙهي آيو…!