پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديليءَ سبب تيزي سان وڌندڙ سانوڻيءَ جي مند ھڪ قدرتي آفت ۾ تبديل ٿي چڪي آھي. سنڌ ۾ ٿيندڙ ھاڻوڪين سانوڻين جي ڪري ڪيترن ئي گھرن، جانين، ٻنين ۽ جانورن کي شديد نقصان رسيو آھي. ھنن تيزي سان وسندڙ سانوڻين ۽ موثر پاڻي جي نيڪال جي نظام نه ھجڻ جي ڪري عام ماڻھو جي زندگي تمام گھڻي متاثر ٿئي ٿي. سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارا روڊن ۽ رستن تي گڏ ٿيل پاڻيءَ جي ڪري بند ڪيا وڃن ٿا جنھنڪري شاگردن جي پڙھائي پڻ متاثر ٿئي ٿي. ويجھڙائي ۾ ٿيل سانوڻي جي ڪري رستن تي بيٺل پاڻي جي ڪري ٽريفڪ جيم جي صورت ۾ گاڏيون ڪيترائي ڪلاڪ رستن تي بيٺيون رھيون. ڪيترائي گھر ۽ ٻنيون تباھ ٿيون. ھي قدرتي آفتون جاني ۽ مالي نقصان پھچائڻ سان گڏ نفسياتي صحت تي پنھنجا ناڪاري اثر قائم ڪن ٿيون جن ۾ نفسياتي دٻاءُ، گھٻراھٽ، بيچيني، اداسي وغيرہ شامل آھن. حيدرآباد سنڌ ۾ 2022 جي ٻوڏ جي نفسياتي اثرن تي ٿيل تحقيق مطابق ٻوڏ کانپوءِ 500 کان وڌيڪ ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ ماڻهو ڊپريشن، اينگزائٽي، پوسٽ ٽراماٽڪ اسٽريس ڊس آزڊر ۾ مبتلا رھيا، مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ نفسياتي مسئلن جو شڪار ٿيون. ٻوڏ وگھي نفسياتي طور متاثرن ٿيندڙ مان فقط 8 سيڪڙو جي ڪائونسلنگ ڪئي وئي، جڏھن ته 72 سيڪڙو کي ڪائونسلنگ جي سهولت ميسر نه ٿي سگهي. ملڪي سطح تي ٽيھ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻھو مختلف طريقن سان ٻوڏ کان متاثر ٿيا. ويجھڙائي ۾ خيبر پختونخواہه قدرتي آفتن ھيٺ رھيو، جن بابو سر ٽاپ تي لينڊ سلائڊنگ ڪري جولاءِ 2025 ۽ سوات ويلي ۾ جون 2025 ۾ سانوڻي وگھي ٻوڏ اچڻ سبب ڪيترائي سياح زندگيءَ جي بازي هارائي ويٺا. قدرتي يا انساني غفلتن سبب آيل آفتون معاشري تي به پنھنجا غير مثبت اثر ڇڏين ٿيون، جن ۾ سماجي اڻبرابري، غربت ۾ واڌارو جنھن سان ٻوڏن دوران ٻار، بزرگ ۽ معذور ماڻھو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. ڪيترائي خاندان ٻوڏ دوران گھر ٻڏي وڃڻ جي ڪري پنھنجن علائقن کان لڏڻ تي مجبور ٿي پون ٿا، جنھن سبب سندن پاڙيسري، رشتيدار ۽ سماجي گڏجاڻين جي روايت پڻ متاثر ٿئي ٿي. هي قدرتي آفتون دراصل انسانن جي طرفان قدرت جي ٺاھيل حسين ۽ منظم نظام سان ڪيل ھٿ چراند جي نتيجي ۾ برپا ٿين ٿيون، انھن جي ٿيڻ کان اڳ جوڳا اپاءُ وٺڻ جي تمام گھڻي ضرورت آھي. جنھن ۾ پھرئين مرحلي ۾ پنھنجي علائقي ۾ خطري جي سڃاڻپ ڪرڻ، معلوم ڪرڻ ته ڪھڙا علائقا وڌيڪ خطري ۾ آھن. جنھن کانپوءِ آفت لاءِ ڪو جامح منصوبو تيار ڪرڻ، ايمرجنسي ۽ خطري جي صورت لاءِ حڪومت طرفان جاري ڪيل ايمرجنسي نمبر سنڀالي رکڻ، جيئن وقت سر ڪم اچن. علائقي جي ماڻھن ۾ آفت بابت شعور وڌائڻ شامل آھن. انھيءَ کان علاوہ اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن ۾ خطرن کان بچاءُ جي طريقن متعلق تربيتي ورڪشاپ ڪرائڻ جن ۾ خطري کان بچاءُ جا طريقا سيکاريا وڃن، انهن سان گڏ ڊزاسٽر يا خطري جي صورت ۾ گھربل ضروري سامان پاڻي، کاڌ خوراڪ، ڪپڙا، دوائون، اھم دستاويز وغيرہ ھڪ بيگ ۾ تيار رکڻ شامل آھن. ھر فرد لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽن ڏينھن جو ضروري سامان ھجڻ گھرجي. آخر ۾ حڪومت يا ڪنھن اين جي او سان رابطو رکڻ جي گھرج پوڻ تي سھڪار جي گھر ڪري سگھجي. جن ۾ پاڪستان ۾ 112 ھيلپ لائين جي سھولت موجود آھي ۽ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ لاءِ حڪومتي ادارا قائم ڪيل آھن. قدرتي آفتن لاءِ اڳ کان تياري ڪرڻ لازمي آھي. قدرتي آفتن جي ڪري ٿيندڙ جاني، مالي، نفسياتي ۽ سماجي نقصانن کي گھٽائڻ لاءِ حڪومت ۽ عوام کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو آھي. جن ۾ آفت کانپوءِ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جا مرحلا شامل آھن. سڀ کان پھرئين مرحلي کي “ريسپانس اسٽيج” چئبو آھي، جنھن ۾ قدرتي آفت سٽيل علائقي جو فوري جائزو ورتو ويندو آھي، جنھن ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان جو تخمينو لڳايو ويندو آھي ۽ بچاءُ ۽ مدد گار ڪارروايون، طبي امداد جو سامان، قانون جي عملداري، ذھني ۽ نفسياتي مدد شامل آھن. تنھن کانپوءِ بحالي جي طرف واپسي جو آغاز ٿئي ٿو، جنھن ۾ نقصانن جون رپوٽون تيار ڪرڻ، مسمار ٿيل عمارتن جي ٻيھر تعمير جي منصوبابندي ڪرڻ، روزگار، تعليم ۽ زندگي جي بحالي لاءِ مدد مھيا ڪرڻ شامل آھن. گڏجاڻيون يا آئندہ جي خطري ۽ نقصان کي گھٽائڻ پڻ هن سڄي عمل ۾ شامل آھن. ھن مرحلي جو مقصد صرف بحالي نه آھي، بلڪه مستقبل ۾ ٿيندڙ نقصانن کي ڪيئن گھٽائي سگھجي يا ٿيڻ کان روڪي سگھجي آهي.