سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ اڄ غربت ۽ مهانگائي گڏجي اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جتي عام ماڻهو جي زندگي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڏکي ٿيندي پئي وڃي. خاص طور تي غريب طبقي لاءِ حالتون ايتريون خراب ٿي ويون آهن جو هو پنهنجي بنيادي ضرورتن کي به پورو ڪرڻ کان قاصر آهي. هي صرف معاشي مسئلو نه رهيو آهي، پر هڪ اهڙو انساني الميو آهي، جيڪو هر گهر جي ڪهاڻي بڻجي چڪو آهي. غربت رڳو کيسي جي خالي هجڻ جو نالو ناهي، پر اها هڪ اهڙي حالت آهي، جيڪا انسان جي سوچ، عزت ۽ اميدن کي به متاثر ڪري ٿي. جڏهن ڪنهن گهر ۾ کاڌو نه هجي، ٻار بک ۾ سمھي پون ۽ والدين لاچار نظر اچن، تڏهن اها حالت ڪنهن به حساس دل لاءِ ناقابل برداشت هوندي آهي. اڄ ڪيترائي اهڙا گهر آهن، جتي چلهه ڏينهن جا ڏينهن ٿڌي رهي ٿي ۽ اميدن جا ڏيئا آهستي آهستي وسامندا وڃن. مهانگائي جي وڌندڙ لهر عام ماڻهو جي زندگي کي سخت متاثر ڪيو آهي. روزاني استعمال جون شيون جهڙوڪ: اٽو، کنڊ، تيل، ڀاڄيون ۽ کير، سڀ ڪجهه عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. مزدور جيڪو سڄو ڏينهن سخت محنت ڪري ٿو، شام جو جڏهن پنهنجي گهر واپس اچي ٿو ته سندس هٿ خالي هوندا آهن. سندس اکين ۾ شرمندگي ۽ دل ۾ درد هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ٻارن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿو.
هن وقت وچ اوڀر جون جنگي حالتون ۽ سياسي ڇڪتاڻ، جهڙوڪ: مڊل ايسٽ ۾ وڌندڙ تڪرار، سڄي دنيا جي معيشت تي اثرانداز ٿي رهيون آهن. تيل ۽ توانائي جي قيمتن ۾ واڌ سبب ٽرانسپورٽ ۽ پيداوار جا خرچ وڌي ويا آهن، جنهن جو سڌو اثر روزاني استعمال وارين شين جي قيمتن تي پيو آهي. عالمي مارڪيٽن ۾ غير يقيني صورتحال سبب درآمد ٿيندڙ شين جا اگهه به وڌي ويا آهن، جنهن جو بار آخرڪار عام ماڻهو تي پوي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اڳ ئي مهانگائي جي بار هيٺ آيل غريب طبقو وڌيڪ دٻاءُ ۾ اچي ويو آهي ۽ سندس زندگي ڏکي بڻجي وئي آهي. ٻارن جي حالت ته وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي. معصوم چهرا، جيڪي کلڻ ۽ کيڏڻ لاءِ هوندا آهن، اڄ فڪر ۽ بک سبب مرجھائجي ويا آهن. ڪيترائي ٻار تعليم کان محروم ٿي ويا آهن، ڇو ته سندن والدين وٽ اسڪول جي في ۽ ڪتابن لاءِ پئسا ناهن. اهڙي صورتحال نه رڳو انهن ٻارن جي مستقبل کي اونداهو ڪري رهي آهي، پر سڄي سماج جي ترقي کي به روڪي رهي آهي.
غربت ۽ مهانگائي جو اثر رڳو فردن تائين محدود ناهي، پر اهو سڄي سماج تي پوي ٿو. جڏهن ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿينديون آهن، تڏهن سماج ۾ بيچيني، ڏوھه ۽ نااميدي وڌي ويندي آهي. ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا ۽ ڪيترائي ماڻهو مايوسيءَ ۾ غلط قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. انهيءَ صورتحال ۾ حڪومت جي ذميواري تمام اهم ٿي وڃي ٿي. حڪومت کي گهرجي ته هو اهڙيون پاليسيون جوڙي، جيڪي مهانگائي کي ڪنٽرول ڪن ۽ غريب ماڻهن کي رليف فراهم ڪن. روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ، کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي ڏيڻ، تعليم ۽ صحت جهڙين بنيادي سهولتن کي سستو ڪرڻ، وقت جي اهم ضرورت آهي. جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. ساڳئي وقت سماج جي ٻين طبقن کي به پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻ گهرجي. امير ماڻهن ۽ واپارين کي گهرجي ته هو ناجائز منافعي خوري کان پاسو ڪن ۽ غريبن جي مدد ڪن. خيراتي ادارن کي به اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن غريب ماڻهن کي ڪجهه رليف ملي سگهي. اسان پنهنجي آسپاس موجود ماڻهن جي تڪليفن کي سمجهون ۽ انهن جي مدد لاءِ اڳتي وڌون. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي وس آهر ڪنهن هڪ ضرورت مند جي مدد ڪري ته سماج ۾ وڏو فرق اچي سگهي ٿو. ننڍڙا قدم به وڏي تبديلي آڻي سگهن ٿا.
ميڊيا جو ڪردار پڻ انتهائي اهم آهي، ميڊيا کي گهرجي ته هو اهڙن مسئلن کي اجاڳر ڪري ۽ حڪومت تائين عوام جو آواز پهچائي. صحافت جو اصل مقصد به اهو آهي ته هو سچ کي سامهون آڻي ۽ سماج جي بهتري لاءِ ڪم ڪري. آخر ۾ غربت جي اونداهي ۾ وسندڙ اميدون اسان سڀني لاءِ هڪ چئلينج آهن. جيڪڏهن اسان هن مسئلي کي سنجيدگي سان نه ورتو ته اهو مستقبل ۾ وڌيڪ وڏو بحران بڻجي سگهي ٿو. اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن هر ماڻهو کي عزت سان جيئڻ جو حق ملي سگهي. هڪ اهڙو سماج ٺاهڻ گهرجي، جتي ڪو به بکيو نه هجي، اها هر ڪنهن جي ذميواري آهي. اڄ به وقت آهي ته اسان پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻيون، هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيون. اچو ته گڏجي غربت جي اونداهي کي ختم ڪريون ۽ اميدن جي نئين صبح آڻيون، جتي هر انسان کي بک، بيروزگاري ۽ تڪليفن کان آزادي ملي ۽ هو عزت، سڪون ۽ خوشحالي سان زندگي گذاري سگهي.