آءِ جي سنڌ جي اغوا بابت خبرن تي وفاق جو رد عمل

تحريڪ انصاف جي وفاقي وزير علي زيدي انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته ڪيپٽن صفدر جي معاملي تي آءِ جي سنڌ پوليس کي اغوا ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. علي زيدي ٽوئيٽ ڪندي لکيو آهي ته محمد زبير بڪواس موقف پيش ڪيو ته سنڌ جي وڏي وزير کيس ٻڌايو ته آءِ جي کي اغوا ڪيو ويو ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اهو سچ آهي ته سنڌ جي وڏي وزير کي گهرجي ته هو آءِ جي سنڌ کي برطرف ڪري ڇڏي يا پنهنجي ئي حڪمن جي تعميل کانپوءِ پاڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته ڪيپٽن (ر) صفدر جي گرفتاري جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته ان جي پوليس تي رياست جو سخت دٻاءُ هو.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments