خاص

آءِ جي سنڌ جي اغوا بابت شڪايت درست قرار، ملوث آءِ ايس آءِ ۽ رينجرز جا عملدار معطل

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي حڪم تي آءِ جي سنڌ جي اغوا واري معاملي جي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ ڪراچي جي آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، وڌيڪ جاچ جي ايڇ ڪيو ۾ ٿيندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آرمي چيف جي حڪم تي آءِ جي سنڌ جي معاملي جي جاچ ڪئي وئي، ڪورٽ آف انڪوائري جي سفارشن تي پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ آءِ ايس آءِ جي سيڪٽر هيڊ ڪوارٽر جي آفيسرن کي ذميوار قرار ڏيندي عهدن تان هٽايو ويو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آفيسرن کي اهڙي اڻوڻندڙ صورتحال کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها، پر انهن آفيسرن کي لڳو ته سنڌ پوليس سستي جو مظاهرو ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري انهن اهو قدم کنيو. ضابطي جي خلاف ورزي تي آفيسرن خلاف جي ايڇ ڪيو ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته واقعي جي انڪوائري آرمي چيف جي حڪم تي ڪئي وئي ڇو ته ان صورتحال جي ڪري رياست جي ٻن ادارن ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون. سنڌ رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ ڪراچي جا آفيسر قائداعظم جي مزار جي بي حرمتي جي نتيجي ۾ سخت عوامي رد عمل سان پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف هئا، مٿن وقت سر ڪارروائي لاءِ سخت دٻاءُ هو، ادارن جي لاڳاپيل آفيسرن سخت عوامي رد عمل ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي ڏسندي سنڌ پوليس جي طرز عمل کي پنهنجي سمجهه ۾ ناڪافي ۽ سستي جو شڪار محسوس ڪيو.