آفريڪي سياست جو هڪ افسانوي ڪردار

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

آفريڪي سياست جو هڪ افسانوي ڪردار

الطاف شيخ

گذريل پنجاهه سالن جو جائزو ٿو وٺان ته پنهنجي آسپاس جي ملڪن ۾ ڇا ڇا نه ڦيرا آيا! سٺ واري ڏهاڪي ۾ (1963ع) ۾ جڏهن جهازراني ۽ جهاز سازي جي تعليم لاءِ مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا ورتيسين ته پنهنجن استادن (جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جيڪي سامونڊي نوڪري ڇڏي اسان کي پڙهائي رهيا هئا) کان عدن (يمن جي بندرگاهه)، شنگهائي (چين) ۽ ڪولمبو (سريلنڪا جيڪو ان وقت سلون سڏبو هو، ان جي بندرگاهه) جون خبرون ٻڌندا  هئاسين. اسان جا استاد وڏي چَس سان انهن بندرگاهن ۾ گهاريل ڏينهن جون ڳالهيون اسان کي ٻڌائيندا هئا. عدن ۽ ڪولمبو اهي بندرگاهه هئا جِتي هر وقت ٽوئرسٽن جا ميلا متل هئا. شهر جون بازاريون سڄي رات کليل هونديون هيون ۽ پئسي جي خوب ريل پيل هلي ٿي ۽ هر مڪاني ماڻهو ـــ امير توڙي غريب غربي جي خوب ڪمائي ٿي ٿي. چوڌاري خوشحالي جون ڳالهيون هيون… ۽ پوءِ اسان جي تعليم دوران ئي سلون ۽ يمن جي سياست ۾ تبديليون آيون ۽ چين ۾ ته 1949 کان مائوزي تُنگ اهڙو ڏنڊو کنيو جو سڀ پورهئي ۾ لڳي ويا ۽ رنگينيون غائب ٿي ويون… اهي ملڪ نالي ماتر ڪميونزم جي اثر هيٺ آيا ۽ ستاستدانن اهو ئي بانور ڪيو ٿي ته ملڪ جو هر ماڻهو برابر جو خوشحال ٿي ويندو. پر ٿيو ائين جو عوام غريب ٿيڻ لڳو ۽ سياستدان ويا امير ٿيندا. 1968ع ڌاري جڏهن اسان سامونڊي سفر شروع  ڪيا ته ڪولمبو ۽ عدن جو ٻيڙو ٻڏي چڪو هو. هاڻي اتي نه اهي ٽوئرسٽن جا ميلا هئا نه خوشحالي. ملڪ جي حاڪمن اهڙا جنتر منتر ڪيا جو عوام جا حال برا پر سندن ٽجوڙيون ڀريل. عدن (يمن) جو اڄ به ساڳيو حال آهي، ڪولمبو (سريلنڪا) مڙيئي recover ٿي رهيو آهي. اسان جڏهن جهاز هلايا ته انهن ڏينهن ۾ ڪولمبو ۽ عدن جون سِڪون هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ٿي لاٿيون. پر اهي ڪافي اڳتي هلي 1975ع ڌاري بهتر بندرگاهه ٿيڻ لڳا ۽ هاڻ ته يورپ کان به اڳتي آهن. پر اسان جا شروع وارا سال 1968ع کان اٽڪل 1975ع تائين به اهي ٻئي ملڪ سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ دو نمبري ۽ ٺڳ سڏبا هئا. ڏينهن ڏٺي جو به چوري چڪاري ۽ جيب ڪتري لڳي رهي ٿي. پوءِ لي ڪئان يو جهڙي سنگاپوري وزير اعظم ۽ ٻئي پاسي ملائيشيا ۾ مهاتير محمد ۽ هانگ ڪانگ ۾ انگريز سرڪار قاعدا قانون اهڙا ته سخت ڪيا ۽ عدل انصاف ايترو ته ڪيائون جو ڏسندي ئي ڏسندي هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ پينانگ جهڙا بندرگاهه ۽ ملڪ ويا امير ٿيندا… حڪومت ترقياتي فندن سان پنهنجا کيسا ڀرڻ بدران ملڪ جي ترقي تي

زور ڏنو.

ساڳي وقت ڪي اسان جهڙا ملڪ به هئا جيڪي جيتوڻيڪ دنيا جي خوشحال ملڪن مان هئا پر هڪ ٻئي پويان اهڙا سياستدان ايندا ويا جن ترقي فقط وٺرائي پنهنجي ڪاروبار کي، پنهنجن مٽن مائٽن کي… باقي ملڪ جي سا ڀينگ ڪري ڇڏي. هر حاڪم حڪومت جون واڳون حاصل ڪرڻ کان اڳ عوام کي فقط خواب ڏيکاريندو رهيو ٿي ته موجوده حاڪم ۽ ان جي حڪومت ڪرپٽ آهي… کيس ملڪ جون واڳون ملڻ تي هو کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائي ڇڏيندو، پر پوءِ قدرت کيس وارو ٿي ڏنو ته پاڻ پهرين حاڪم کان به وڌيڪَ ملڪ جي ستياناس ڪئي ٿي ۽ عوام سان ظلم ڪيو ٿي. اهو حال ۽ بدنصيبي نه فقط ڪيترن ئي ايشيائي ملڪن سان رهيو، پر آفريڪي ملڪن سان پڻ.

اڄ کان پورا يارنهن سال اڳ هن مهيني آگسٽ ۾ سعودي عرب جي هن شهر جدي جي اسپتال ۾ جتان هي لکي رهيو آهيان. هڪ اهڙي آفريڪي ملڪ يوگنڊا جي سياستدان عيدي امين جي وفات ٿي هئي جيڪو پنهنجي ملڪ جي ستياناس ڪري 1978ع ۾ پنهنجي ملڪ مان جان بچائي ڪجهه سال لبيا ۽ عراق ۾ گذاري هِتي جدي ۾ اچي پناهه ورتي هئي ۽ پوءِ مرڻ گهڙيءَ تائين هِتي ئي لڪي رهيو.

عيدي امين جو يوگنڊا ۾ پهرين جنوري 1925ع تي هڪ مسلمان قبيلي ڪاڪوا ۾ جنم ٿيو ۽ 16 آگسـٽ 2003ع تي ڪجهه ڏينهن وينٽيليٽر مشين ذريعي جيئرو رکڻ بعد هميشه لاءِ تابوت ۾ بند ڪري کيس دفن ڪيو ويو. سندس مرڻ جي خبر اسان سندس فوٽو سان گڏ جدي جي انگريزي اخبار ”عرب نيوز“ ۾ پڙهيسين. سندس اهو فوٽو  1972ع جو يوگنڊا جي گادي واري شهر ’ڪمپالا‘ ۾ نڪتل هو جنهن ۾ هو شام جي صدر حافظ الاسد، مصر جي صدر انور سادات ۽ لبيا جي سربراهه ڪرنل قذافي سان گڏ بيٺل نظر اچي رهيو هو.

تعليم دوران عدن ۽ ڪولمبو سان گڏ اسان آفريڪا جي هن ملڪ يوگنڊا جي به خوب تعريف ٻڌندا هئاسين. يوگنڊا ڪو سامونڊي ڪناري وارو ملڪ ناهي. اهو افغانستان ۽ سئٽزرلئنڊ وانگر Land Locked آهي جنهن جي چوڌاري مختلف آفريڪي ملڪ: ڪينيا، سوڊان، ڪانگو، روانڊا ۽ تنزانيا آهن. سو يوگنڊا کي سمنڊ ته نه آهي پر قدرت طرفان هن ملڪ کي دنيا جي خوبصورت ڍنڍ آهي جنهن جو نالو ’وڪٽوريا‘ آهي. ان جو ڪنارو ڏئي هلجي ته 3000 ميل يعني 4830 کن ڪلو ميٽر فاصلو ٿيندو ۽ مزي جي ڳالهه اها ته هيءَ ڍنڍ اهڙي هنڌ تي آهي جِتي يوگنڊا سان گڏ ڪينيا ۽ تنزانيا جو بارڊر ملي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ڍنڍ جو وڏو حصو يوگنڊا ۽ تنزانيا ۾ اچي ٿو… اٽڪل 12 ۽ 13 هزار چورس ميل ۽ اهڙا ڏيڍ هزار چورس ميل ڪينيا ۾ اچن ٿا. يعني هيءَ ڍنڍ سمجھو ته سنڌ جي اڌ جيتري آهي جو سنڌ صوبي جي پکيڙ 54 هزار چورس ميلن جي لڳ ڀڳ آهي. هن ڍنڍ جي چوڌاري ڪيترائي سهڻا بندرگاهه آهن جيئن ته ڪينيا جا شهر ڪِسومو ۽ ڪِي سيئي (Kisii)، يوگنڊا جي گاديءَ جو شهر ڪمپالا (جنهن کي ڪينيا جي سامونڊي بندرگاهه ممباسا سان ڳنڍڻ لاءِ انگريزن اڄ کان سئو سال اڳ ريل شروع ڪئي)، اينتيبي ۽ جِنجا. اهي آخري ٻه شهر يعني وڪٽوريا ڍنڍ جا بندرگاهه پڻ بيحد تاريخي ۽ سهڻا آهن ’جِنجا‘ وٽان ته هن ڍنڍ جو پاڻي درياهه جي صورت ۾ٻاهر نڪري ٿو جيڪو سفيد نيل درياهه يا ندي سڏجي ٿو. اهڙي طرح تنزانيا واري حصي ۾ ٽي ته تمام اهم بندرگاهه آهن، جيئن ته: موانزا، مُوسوما ۽ بُوڪوبا.

وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري وارن شهرن جنجا، ڪمپالا، ڪسومو وغيره جي وچ ۾ موٽر لانچون ۽ فيريون هلن ٿيون… ۽ هڪ اهڙو وقت به هو جو وڏن جهازن تي وڏن سمنڊن مٿان وڏا سفر ڪرڻ بدران وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري بندرگاهن ۾ يا وري هانگ ڪانگ ۽ ڪولون جي وچ ۾ هلندڙ ڪنهن فيريءَ تي نوڪري ڪرڻ جو مونکي ڏاڍو شوق ٿيو جنهن  نوڪريءَ ۾ رات جو جهاز تي سمهڻ بدران جنجا يا ڪولون ۾ مليل گهر ۾ سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو موقعو مليو ٿي. بهرحال اسان جي تعليم وارن ڏينهن ۾ وڪٽوريا ڍنڍ جا ڪمپالا ۽ جنجا شهر (بندرگاهه) به بلي بلي هئا جن جون خبرون اتي جون فيريون هلائڻ وارن کان علاوه ڪراچيءَ جا آغا خاني ۽ بوهري به خوب ڪندا هئا جو اتي ننڍي کنڊ جا بوهري، کوجا، هندو سنڌي، گجراتي وغيره واپار تي ڇانئيل هئا جن انگريزن جي دور حڪومت ۾ ڪينيا، يوگنڊا توڙي ممباسا ۽ زنجبار (Zanzibar) ۾ اچي ڄمايو هو… يوگنڊا ته ملڪ ئي اهڙو هو جنهن ۾ ڪو به آيو ٿي ته ان کي دل ڏئي ويٺو ٿي… تڏهن ته برطانيه جي وزير اعظم چرچل چيو ته Uganda  is a pearl of Africa يعني يوگنڊا آفريڪا جو هيرو موتي آهي.

اسان جن ڏينهن ۾ سامونڊي سفر شروع ڪيا ۽ يوگنڊا جي ڀر وارن بندرگاهن ممباسا، زنجبار وغيره وڃڻ شروع ڪيوسين ته انگريز وڃي چڪا هئا. ڪينيا توڙي يوگنڊا آزاد ٿي چڪا هئا. حڪومت سندن مقامي ماڻهن جي هٿن ۾ اچي چڪي هئي. ڪينيا جو وزير اعظم ’جوموڪينياتا‘ هو. ان جي ملڪ ۾ تعريف هئي باقي يوگنڊا جي وزير اعظم ملٽن اوبوٽي ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي هئي ۽ ماڻهن جي واتن  تي اهو ئي هو جيڪو اسانجي ملڪ ۾ عام آهي ته …. اسان جي حاڪمن کان ته انگريز بهتر هئا.

1971ع ۾ يوگنڊا جي فوجي آفيسر عيدي امين جيڪو ”دادا“ جي نالي سان به مشهور هو، فوجي انقلاب ذريعي ملڪ جو سربراهه ٿيو. اسان جو جهاز سندربنس انهن ڏينهن ۾ اتي ممباسا ۾ هو ته اسان عيدي امين جون ”ميري هم وطنو ….“ قسم جون تقريرون مڪاني انگريزي اخبارن ۾ پڙهيوسين. دراصل ملڪ جو چونڊيل وزير اعظم ملٽن اوبوٽو UNO جي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ سنگاپور ويو هو جِتان موٽيو ته يوگنڊا جي فوج ايئرپورٽ تي توبن ٽينڪن سان گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ ملڪ جي گادي وارو شهر ڪمپالا مڪمل طور فوج جي قبضي ۾ ٿي ويو. اوبوٽو وزارتِ عظما تان هٿ کڻي چپڙي ڪري ڀر واري ملڪ ڪينيا جي گاديءَ واري شهر ’نئروبي‘ روانو ٿي ويو.

ست سالن تائين ملڪ جو هيوي ويٽ باڪسر عيدي امين ريڊيو تان خطاب ڪندي اهو جتائيندو رهيو ته چڱو جو آئون آيس  ملٽن اوبوٽي جي حڪومت سخت  مالي  بدعنوانين جو شڪار ٿي چڪي هئي. ان ڪري جو ان جي وزيرن وٽ ڪارن بدران هوائي جهاز هئا ۽ غريب عوام ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان هئي…“ وغيره.

عيدي امين جي پهرين تقرير بعد يوگنڊا جا شهري عيدي امين جي حق ۾ نعرا هڻندا گهٽين ۾ نڪري آيا ۽ عيدي امين جي حڪومت جو وڏي جوش سان استقبال ڪيو…. جيئن ضيا يا مشرف جي اچڻ تي اسان جي ماڻهن مٺايون ورهائڻ شروع ڪيون ٿي. اخبارن ۾ فوٽو ڏسندا هئاسين ته عيدي امين جي اچڻ تي ماڻهو خوشيءَ وچان نچي رهيا هئا. سڄي آفريڪي ريجن ۾ اها لهر هئي ته عيدي امين يوگنڊا کي اهڙو ته ٺاهي وٺندو جو اهڙو انگريزن جي ڏينهن ۾ به نه هو. گذريل وزير اعظم ملٽن اوبوٽو جي ظلمن کان تنگ آيل برطانيا ۽ يورپ جا ملڪ به في الحال عيدي امين جي انقلاب کي قبول ڪري يوگنڊا سان سٺا تعلق قائم ٿيڻ جون نيڪ تمنائون ۽ خواهشون رکڻ لڳا، پر سائين ڪي هفتا به نه گذريا ته عيدي امين ملڪ ۽ عوام کي ائين لٽڻ ۽ ظلم ڪرڻ لڳو جو سڄي دنيا حيرت ۾ پئجي وئي.

عيدي امين ڊگهي قد ۽ مضبوط جسم ڪري 1949ع ۾ انگريزن جي فوج ۾ بورچي طور چونڊيو هو… پوءِ آهستي آهستي وڌندو رهيو. يوگنڊا کي خودمختياري ملڻ وقت يوگنڊا جا فقط ٻه ماڻهو فوج جا ڪميشنڊ آفيسر هئا جن مان هڪ ليفٽيننٽ عيدي امين هو. ان بعد تڪڙين ترقين ڪري پنجن سالن ۾ هو ڪرنل ٿي ويو ۽ پوءِ يڪدم برگيڊيئر ۽ فوج جو جنرل به ٿي ويو. پنهنجي پروموشن ڪرائڻ وارو به پاڻ هو يا سندس دوست ملڪ جو وزير اعظم ملٽن اوبوٽو…. جنهن سان شروع ۾ ملي هنن ٻنهي ڀر واري ملڪ ڪانگو مان سون سمگل ڪيو ٿي ۽ ڪينيا مان عاج…. جيڪو پوءِ گجراتي سيٺين کي وڪڻي ڪمايل پئسو شراب، جوا ۽ عورتن پٺيان خرچ ڪيو ٿي.

فوجي انقلاب بعد عيديءَ انڊين واپاري توڙي ٻيا ايشيائي ماڻهو پنهنجي ملڪ يوگنڊا کان ڀڄائي ڪڍيا جن جو تعداد ڇهه لک کن چيو وڃي ٿو. ان کان علاوه مخالف قبيلن توڙي ناپسند آفيسرن جي مار مارا به ڏاڍي ڪئي. عيدي جي ان ظلم جون ڪهاڻيون عيدي جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد سندس هڪ سابق وزير “A State of Blood” نالي ڪتاب ۾ لکيون آهن جيڪو 1977ع ۾ ڇپيو هو. ان موجب امين ٽن لکن ماڻهن جو قتل ڪرايو.

عيدي امين 8 سال حڪومت ڪئي. 1979ع ۾ سندس فوج ڀر واري  ملڪ تنزانيا تي حملو ڪيو پر تنزانيا جي فوجين نه فقط يوگنڊا جي فوج کي پنهنجي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو پر يوگنڊا جي گاديءَ واري شهر ڪمپالا تائين اچي پهتي. عيدي امين جان بچائي سعودي عرب ۾ وڃي پناهه ورتي جِتي هو مرڻ گهڙيءَ تائين ويٺو رهيو. ملڪ جو وري ساڳيو پُراڻو وزير اعظم ملٽن اوبوٽو سربراهه ٿيو جنهن باقي رهيل سهيل ڪسر پوري ڪئي. يوگنڊا جهڙو سهڻو ۽ سکيو ستابو ملڪ تباهه ٿي ويو …. جنهن کي پنهنجن ئي تباهه ڪيو. اڄ ڪلهه ملڪ جو سربراهه ’يوويري موسوويني‘ آهي جيڪو گهڻو بهتر لڳي ٿو ۽ هو سري لنڪا وانگر پنهنجي اجڙيل مڪ کي هاڻ خوشحالي ڏي وٺي وڃي رهيو آهي. هن يوگنڊا کي ڇڏي ويل انڊين واپارين کي به موٽي اچي ڪاروبار ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. عوام جي بنيادي سهولتن جو به هو سٺو خيال رکي رهيو آهي …. جنهن کان ٿو پڇجي ته اهو سک جو اظهار ڪري ٿو.

منهنجي خيال ۾ آفريڪا جو ڪو به ليڊر ايتري ننڍي عرصي ۾ مشهور نه ٿيو هوندو جيترو عيدي امين. اڄ ڪلهه نظر ايندڙ گلوبٽ وانگر جيڪو ڪڏهن ڪارن جا شيشا پيو ڀڃي ته ڪڏهن هٿ ۾ تسبي کڻي ڪورٽ ۾ گهڙڻ کان اڳ سجدا پيو ڪري….. ان جهڙي اداڪاري عيدي امين ٿي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال بند هو سو اسانکي ڪراچي کان لنڊن يا نيويارڪ وڃڻ لاءِ به سڄي آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ پيو ٿي ۽ ممباسا جهڙن بندرگاهن ۾ لنگر انداز ٿيڻ سان عيدي امين جا نوان چرچا، قصا ڪهاڻيون ۽ ظلم جا داستان ٻڌبا هئا. ملڪ جي ڀينگ ٿيندي رهي هو شاديون ڪندو رهيو. ملڪ جو خزانو خالي ڪري لبيا ۽ سعودي عرب کان پنندو رهيو _ جيڪي ملڪ هن کي وڏو مسلمان سمجھڻ لڳا هئا. انهن کي ڏيکارڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن مسجدون ٺهرائڻ جا اعلان ڪندو رهيو باقي کيس نماز جو هڪ وقت پڙهندي به ٻرو ٿي چڙهيو. 1975ع ۾ پنهنجو پاڻ جنرل مان پروموشن حاصل ڪري فيلڊ مارشل ٿي ويو. ان کان علاوه هو پنهنجو پاڻ کي مختلف لقبن سان سڏائڻ لڳو، جيئن ته: هز ايڪسيلنسي، پريزيڊنٽ آف لائيف، فيلڊ مارشل الحاج ڊاڪٽر عيدي امين دادا، وائيس چانسلر،Conqueror of the British Empire ، (CBE) وغيره وغيره. عيدي امين جي اهڙن چريائپ وارن ڪمن کي دنيا جي ميڊيا خوب مشهور ڪيو ۽ سندس ڪوڙيون سچيون ڳالهيون هر وقت اخبارن جي زينت رهيون ٿي. هن بابت ڪي ڪهاڻيون يا خبرون ٺلها افواهه ۽ Myth به هئا ته ڪيترين ۾ حقيقتون به هيون. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سٺو باڪسر هو. ڀر وارن ملڪن تنزانيا، ڪينيا يا ڪانگو جي حڪومت سان اختلاف ٿيندو هوس ته اتي جي ليڊرن کي دڙڪو ڏئي چوندو هو ته توهان پاڻ کي سمجھو ڇا ٿا. طاقت اٿانوَ ته اچي مون سان باڪسنگ جو مقابلو ڪريو. سٺو گٽار وڄائڻ وارو ۽ Swimmer (تارو) پڻ هو

هو هميشه اهڙا ڪم ڪندو هو جو ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. هڪ دفعي فل يونيفارم ۾ کڻي سئمنگ پول ۾ ٽپو ڏنائين ۽ ٻين کي پنهنجي ترڻ جا ڪرتب ڏيکارڻ لڳو. هو ڪڏهن ڪنوار وانگر ڏوليءَ ۾ سفر ڪندو هو ۽ اها ڏولي گورن انگريز ملازمن کان کڻائيندو هو ۽ بين الاقوامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چوندو هو ته: ”انگريزن کي محسوس ٿيڻ کپي ته هاڻ اسان آزاد آهيون ۽ هي عمل اسان بدلي طور ڪري رهيا آهيون. ڪڏهن هنن جي حاڪمن جو ڏوليون يوگنڊا جا شهري کڻندا هئا… هاڻ منهنجي ڏوليءَ کي انگريز کڻي رهيا آهن. منهنجي هن عمل سان يوگنڊا جي عوام کي تسڪين حاصل ٿئي ٿي.“

عيدي امين ڪوڙ به خوب ڪٽيندو هو. پاڻ به پڏائيندو هو. تعليم فقط چار درجا هيس پر غلط سلط انگريزي ڳالهائيندي شرم ته نه ايندو هوس بلڪه پاڻ کي وڏو انگريزدان سمجھندو هو.

عيدي امين بي انتها ظالم ۽ خوني هو. سندس لاءِ مشهور آهي ته مخالفن جا سر ريفريجريٽر (Cold storage) ۾ رکي ڇڏيندو هو جن کي وقت بوقت ڏسي خوش ٿيندو هو. هڪ دفعو ته سندس لاءِ اهو به مشهور ٿيو ته عيدي امين آدمخور آهي. اها خبر اسان 1977ع ۾ يوڪوهاما (جپان) ۾ اتي جي انگريزي اخبار ”اساشي“ ۾ پڙهي. آفريڪا جي سخت گرميءَ ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ فل يونيفارم ۾ بيهي فوجين کان سلامي وٺندو هو. ڳالهه ڳالهه تي پاڻ کي انعام ۽ ايوارڊ طور  ميڊل ڏيندو هو. انهن ميڊلن (ٻِلن) جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو هن پنهنجي ٽيونڪ ڪوٽ (جيڪو اڇي شيرواني ٽائيپ بشرٽ وانگر ٿئي) کي گوڏن کان به هيٺ تائين ڊگهو سبرايو جيئن ان تي سڀ ميڊل لڳي سگهن.

عيدي امين لاءِ مشهور آهي ته هن پنهنجي اڌ ڊزن زالن مان هڪ کي چچري ماري ڇڏيو. اها ڳالهه 1980ع واري انگريز فلم Rise & Fall of Idi Ameen ذريعي پڻ دنيا ۾ مشهور ٿي. سندس ظلم جا داستان ۽ چريائپ جا قصا هڪ ٻي انگريزي فلم ”دي لاسٽ ڪنگ آف اسڪاٽلئنڊ“ ۾ به ڏيکاريا ويا آهن جيڪا فلم 2006ع ۾ رليز ٿي هئي.

عيدي امين جيسين پاور ۾ هو يوگنڊا جي پريس جيڪا ظاهر آهي سندس چنبي هيٺ هئي، کيس وڏو اڪابر، ڏاهو، پهلوان، دلير ۽ دانشور طور پيش ڪندي رهي. پاڻ به پنهنجن چمچن کان پنهنجي تعريف ٻڌي کڳيون هڻندو هو پر ٻاهر جي پاپولر ميڊيا کيس چريو، ظالم، ٺڳ، لٻاڙي، ڪوڙو ۽ ڊرامي باز چوندي رهي. 1977ع جي ٽائيم مئگزين ۾ جيڪو عيدي امين تي مضمون ڇپيو هو ان ۾ عيدي امين لاءِ لکيل هو ته هو: Killer & Clown, Big Hearted Buffoon & Strutting Martinet آهي.

عيدي امين تي ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. شوقينن لاءِ هي ڪتاب پڙهڻ وٽان آهن.

ٿامس پئٽرڪ جو: Hitler in Africa

ڊئوڊ  مارٽن جو: General Amin

۽ جميلا صديقيءَ جا ٻه ڪتاب:

Bombay Gardens ۽

The Feast of Nine Virgins.  

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments