ادب

ادبي خط سيما عباسي

(1)

ڊفينس گارڊن اپارٽمينٽس

ڊي ايچ اي فيز ون ڪراچي

سر عزيز گوپانگ!

اسلام عليڪم

اميد آھي ته اوھان سکيا ۽ سرھا ھوندا۔۔۔

ڪالھ اوھان سان فون تي ڳالھائي مون ساڳيو اطمينان قلب حاصل ڪيو. جيڪو ھڪ ادب دوست ساٿي، ڪنھن ادب ذوق رکندڙ محسن سان ڳالھائيندي محسوس ڪندو آھي.

سر!

توھان سان ڳالھائڻ کانپوءِ، تنھن پل الائي ڇو مون کي ايلف شفق جي لکيل ناولThe  forty Rules of Love  جو ھڪ ڪردار عزيز ياد اچي ويو. جنھن تي مان پنھنجي ئي مُنھن ڏاڍو کِلي به پئي ھيس. ان کِل جي وجهه شايد اھا ھجي ته اسان ٻنھي جو پر خلوص تعلق قطعي طور تي ان ناول جي ڪردار سان مطابقت نٿو رکي ۽ نه وري اسان جي رابطي جي عمر ايتري وڏي آھي. جنھن کي بنياد بڻائي، ڪنھن به زعم جي دعويداري ڪري سگھجي، پر شايد سچا رشتا وقت ۽ عُمرين جا محتاج نه ٿيندا آھن.

سر! بھرڪيف اوھان جو ڪردار “چاليس چراغ عشق ڪي” جي ڪردار عزيز سان ميل نه به کائي، پر ڪڏھن ڪڏھن مون کي پنھنجو ڪردار ناول جي ڪھاڻي کي ٻڌائيندڙ ان ساده عورت “ايلا” جھڙو ضرور محسوس ٿيندو آھي. ڇو ته پوين پنجٽيھن سالن کان منھنجي زندگي گذارڻ جو سلسلو به  “ايلا” وانگر ٻين جي ضرورتن ۽ ترجيحن کي مقدم سمجھندي، سوچن جي سراب ۾ ٻڏندي، ترندي گذريو آھي. شايد ھي شعر منھنجي ان ڪيفيت جي وڌيڪ بھتر انداز ۾ ترجماني ڪري سگھي.

مين ني صديون کي ٿڪن پائي هي،

اپني احساس ڪو رشتون ڪي حوالي ڪر ڪي. (نامعلوم)

مون به ايلا وانگر سدائين پنھنجي ذات کي ثانوي حيثيت ڏيندي، پنھنجو پاڻ سان لاڳاپيل رشتن کي مٿانھين مقام تي رکڻ جي ڪُل وقتي ملازمت ڪئي آھي، پر سر- ملازمت ڀلي مَن پسندي ڇو نه ھجي، پر ڪڏھن ڪڏھن ٿَڪائي به وجھندي آھي ۽ منھنجي خيال ۾ اھڙي نوڪري اسان وٽ سنڌ جي ھر عورت بنا ڪنھن صلي گھرڻ جي ڪندي آئي آھي. بنا اھو سوچڻ جي ته جواب ۾ ڀلي ان کي صلي ۾ طعنن، تنقن ۽ الزامن جون ڀريون ٻڌل ملنديون ھُجن. شايد “ايلا” وانگر سنڌ جي ھر عورت، رشتن ۽ ذميدارين کي نڀائڻ ۾ پاڻ پري ۽ خود ڪفيل ھوندي آھي.

سر! مان نھايت مثبت سوچ رکندڙ اعتدال پسند عورت آھيان، پر ھن   “بيماري” سان جنگ جوٽڻ دوران خبر ناھي ڇو ٿَڪ جو شديد احساس ڪڏھن ڪڏھن اندر جي عَزم کي ڌوڏي ڇڏڻ جھڙي تاثير رکندي محسوس ٿئي ٿو. مڃيان ٿي ان ڪيفيت جي محسوسات جو “دورانيو” مختصر ھوندو آھي. ڇو ته منھنجي پوري زندگيءَ پاڻ سوڌو، ھر ڪنھن جو حوصلو وڌائڻ واري ڪِرت ۾ گذرندي آئي آھي، سو ايترو جلدي پنھنجن ھمٿن کي منتشر ڪيئن ٿي ڪري سگھان۔۔؟

ظاھر آ اھڙين ھمتن کي جُٽائڻ ۾ اوھان جھڙن سڀني ساٿين جو به وڏو ھٿ آھي۔ سر! اوھان کي خط لکڻ کان پھريان مان اھڙن ئي سوچن سان وڙھي رھي ھُيس ته منھنجي عيادت لاءِ سر ناگپال ۽ ذوالفقار شر جن آيا… سر ناگپال کي مان “تصوف” جي حوالي سان پنھنجو استاد به مڃيندي آھيان. انھن طبيعت پڇي ته پنھنجي ڪيفيت جي زيرِ اثر انھن کي جواب ۾ چيو، سر! ٻيو ته سڀ ٺيڪ آھي، پر هن ڪيفيت ۾ مختصر وقت لاءِ سھي خبر ناھي ڇو مون تي ٿَڪ غالب اچيو وڃي.

منھنجي ڳالھ ٻڌي ھُو مُرڪي پيا ۽ پنھنجي مخصوص ڌيمي انداز ۾ چيائون… تون پنھنجي ان ڪيفيت تي بلڪل پريشان نه ٿي اھو سڀ نارمل آھي. ھنن ڪَڙين گھڙين ۾ جيڪڏھن ٿوري دير لاءِ تون، اھو سوچين ٿي ته تنھنجي ان سوچ جو اھو انداز بلڪل فطري آھي. تون پنھنجي طبيعت ۾ معتدل آھين. اھو اعتدال سنڀالي وٺ… ۽ مون کي يقين آھي… تون ڪري ويندينءَ. ڇو ته مون توکي سدائين شاھ جي سورميءَ وانگر بھادر ۽ با حوصلا ڏٺو آھي. ھي وقت به توکي پنھنجي ھمتن جي آڌار تي اڳتي ڪرڻو آھي ۽ مان انھن جي حوصلي ڏيڻ واري ان انداز تي مرڪي پئي ھُيس.

لمحي لمحي ڪي آنک پرنم هي،

ڪون ڪهتا هي وقت مرهم هي؟- (نامعلوم)

سر! ڪڏھن ڪڏھن “ڪنھن ڪمزور پل” ۾ پنھنجن ھمتن ۽ حوصلن تي به “چِڙ” ايندي اچڻ لڳندي آھي، شايد پنھنجي ذات سان انيڪ ڀيرا ڪيل خود ساخته زيادتين تي منھنجي اندر جي عورت جھنجھلاھٽ جو شڪار ٿيندي، پاڻ سنڀالڻ وارو دفاعي انداز اختيار ڪري وٺندي ھجي. بھرڪيف تنھن پل فرض شناسي تي معمور منھنجي ظاھري بھادر عورت کي پنھنجي نوڪري جون ذميداريون ياد اچي وينديون آھن ۽ اھا ان ھيڻي عورت کي ان ڪيفيت ۾ اعتدال ۽ صبر اختيار ڪرڻ جو روايتي درس ڏيڻ لڳندي آھي.

سر! اوھين به سوچيندا ھوندا مان ھي ڪھڙيون ڳالھيون کڻي ويٺي آھيان. جن جو نه مُنڍ آ نه پير. بھرحال شايد ھن ڪيفيت ۾ بي ربط ٿيڻ نارمل آھي.

سر! اوهان جي طبيعت تي بار ٿيو ته پيشگي معذرت ٿي ڪيان.   بھرطور… اجازت به اوھان جي طرفان ئي ملي آھي ته ھن وقت مون کي پنھنجي احساسن جي اظھار کي بنھ روڪڻ نه گھرجي ۽ ڪيفيت جي انھيءَ بار کي ھلڪو ڪرڻ گھرجي. سو ڪوشش ڪري رھي آھيان ته اندر جي وزن کي لفظن ۾ ويڙھي ڪھڙي به طريقي سان ٻاھر ڪڍي سگھان. جيڪڏھن منھنجا لفظ اوھان جي مزاج تي گران گذرن ته درگذر ڪندا.

سر! وڌيڪ اھو ته اوھان جي شاعري اندر جي مئل جذبن کي جياريندي، حوصلن ۾ ھڪ نئون اتساھ پيدا ڪرڻ جو ھنر رکندي آھي ۽ اھڙو ڏانءُ ڪنھن جي ڪنھن جي بخت جو ڀاڳ ٿيندو آھي. سو اوھان جي شاعراڻي اظھار جي اسلوب کي مان تمام گھڻو پسند ڪندي آھيان ۽ توھان جي شاعري تمام شوق سان پڙھندي آھيان. خاص ڪري توھان جا نظم مون کي ڏاڍا معنيٰ خيز ۽ منفرد لڳندا آھن. اھوئي سبب آھي جو مان اوھان کان پنھنجي نظمن جي ڪتاب جو پيش لفظ لکرائڻ چاھيان پئي. مان ھن خط سان گڏ اوھان ڏي نظمن جو اھو مسودو به موڪلي رھي آھيان. ان کان علاوه پنھنجن ڪتابن جو تحفو پڻ موڪلي رھي آھيان. سر سچ پڇو ته اوھان جي لکڻ جو پنھنجو اسلوب آھي. جنھن جي انداز بيان مان ظاھر ٿي پوندو آھي ته ھي عزيز گوپانگ جا لفظ آھن.

ديوار ۾ ستل آ بدحواس خاموشي،

دل آ خاموش ڪنھن پٿر ۾ بيٺل. (عزيز گوپانگ)

ڇا ڀلا ھي لَھجو سر عزيز گوپانگ کانسواءِ ٻئي ڪنھن جو ٿي سگھي ٿو…؟ اميد ته منھنجي احساسن کي پڙھي، پنھنجي صبر تي گھڻو وزن محسوس نه ڪيو ھوندئو، پر ڇا ڪجي شاعر ائين ئي ھوندا آھن شايد.

جاني ڪتني عذاب سهتا هي،

خالي ڪاغذ پي سوچتا شاعر. (نامعلوم)

الله جي امان ۾

ادب جي ادنيٰ شاگردياڻي

سيما عباسي