اسان قائد اعظم ۽ آصف علي زرداري جي اصولن تي هلنداسين: مراد علي شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان قائد اعظم جي ٻڌايل اصولن تي هلنداسين، اڄ متحد ٿيڻ جي سخت ضرورت آهي اندروني ۽ ٻاهريان خطرا آهن، قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيدي وڏي وزير چيو آهي ته اسان ڪورونا وبا جو مقابلو ڪري ڪري رهيا آهيون، اوڀر ۽ اولهه وارين سرحدن تي خطرا آهن، اسان ڪشميري ڀائرن کي نٿا وساري سگهون، ڪشميري ڀائر ٻن سالن کان ظلم برداشت ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان گڏجي شهيد بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري جي اصولن تي هلنداسين، ڪووڊ وبا جي ڪري سڄي دنيا پريشان آهي، اسان سڀني کي احتياط ۽ هن بيماري جو مقابلو ويڪسينيشن سان ڪرڻو آهي، عوام کي ڪورونا ويڪسين لڳرائڻ گهرجي، ويڪسين ئي وائرس کان بچاءُ جو حل آهي. هن کان اڳ سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سنڌ عمران اسماعيل مزار قائد تي حاضري ڀري جهنڊو ڦڙڪايو ۽ گلن جي چادر چاڙهي ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري، ٻنهي اڳواڻن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به لکيا.