استعيفائون ايٽم بم ثابت ٿينديون: بلاول ڀٽو زرداري
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 31 ڊسمبر تائين سمورا ميمبر پنهنجون استعيفائون جمع ڪرائي ڇڏيندا. اسان جون استعيفائون ايٽم بم ثابت ٿينديون. ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي صدر ميان شهباز شريف سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي، پر وزيراعظم صرف فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر تي ئي خوش رهندو آهي. پي ڊي ايم جي جدوجهد حقيقي جمهوريت جي بحالي لاءِ آهي. بلاول چيو ته ميان شهباز شريف پهرين ڏينهن کان ئي حڪومت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، پر کيس جيل ۾ وڌو ويو. مخالف ڌر جي اڳواڻ کي جيل ۾ رکڻ جمهوريت جي خلاف آهي. مخالفن کي جيلن ۾ وجهي ملڪ ناهن هلندا. مون جلسي کان اڳ ئي چيو هو ته شهباز شريف سان به تعزيت ڪرڻ ويندس. هيءَ حڪومت ايتري ڪريل آهي جنهن شهباز شريف جي امڙ جي لاڏاڻي تي به سياست ڪئي. بلاول چيو ته جڏهن وزيراعظم ۽ اسپيڪر ڪٺ پتلي هجي ته پوءِ ڪٿي ڳالهيون ٿينديون. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ته اپوزيشن جي ميمبرن کي ڳالهائڻ جي اجازت به نٿو ڏئي. کنڊ، اٽي، پيٽرول ۽ گيس بحران تي پارليامينٽ ۾ ڪابه بحث ناهي ٿيندي. بلاول ڀٽو هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو اعلان ورجائيندي چيو ته نااهل حڪمرانن جي لاءِ 31 جنوري جي ڊيڊ لائين آهي