اسٽيٽ بينڪ پاران مانيٽري پاليسي جو اعلان، وياج شرح ۾ هڪ سيڪڙو واڌ
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب وياج جي شرح ۾ 100 بيسز پوائنٽن جي واڌ ڪئي وئي آهي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 100 بيسز پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ وياج جي شرح 8.75 سيڪڙو مان وڌي 9.75 سيڪڙو ٿي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائيءَ موجب زرعي شعبي جي اوسر مضبوط نظر اچي ٿي ۽ معاشي اوسر 4 کان 5 سيڪڙو اندازي جي مٿين سطح جي ويجهو ٿي وئي.