افغانستان لاءِ 9 ارب ڊالر رليز ڪرڻ جو مطالبو: شاھ محمود قريشي
پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جي آجياڻي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ غير يقيني واري صورتحال آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ 34 صوبا آهن. طالبان کي ڪٿي به مزاحمت کي منهن نه ڏيڻو پيو. تاشقند ۾ اشرف غني پاڪستان تي بي بنياد الزام لڳايا. هن آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته افغانستان لاءِ 9 ارب ڊالر رليز ڪيا وڃن. پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي به چوندس ته افغانستان مسئلي کي پارليامينٽ ۾ اجاڳر ڪن.

