الغوزو نواز: اڪبر خميسو خان
زاهده ابڙو: اڪبر خميسو خان ڪٿان جو آهي، سندس تعلق ڪهڙي ڳوٺ سان آهي، الغوزو وڄائڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو، ڪڏهن ٿيو ان جي باري ۾ ڪجهه معلومات فراهم ڪندا.
اڪبر خميسو خان: منهنجي پيدائش حيدرآباد جي آهي، حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد يونٽ نمبر 4 ۾ مون پنهنجي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي، ميٽرڪ روح الاسلام اسڪول مان ڪئي. ان کانپوءِ مون کي ريڊيو پاڪستان تي نوڪري ملي وئي. آهستي آهستي مون کي الغوزو وڄائڻ جو شوق ٿيو. پوءِ جناب نصير بيگ مرزا صاحب ان وقت ريڊيو پاڪستان تي ميوزڪ جا پروڊيوسر هئا. ڪوثر ٻرڙو صاحب ۽ نصير صاحب منهنجي مٿان ڏاڍو توجهه ڏنو ۽ زور ڀريو ته آئون خميسي خان جو پٽ هجڻ جي ناتي الغوزو سکان. ڇو ته مصري خان جو ڪوبه اولاد هن ساز کي ڪونه ٿو وڄائي، پوءِ باقائده مون محنت ڪئي. مون کي موسيقيءَ وارو ماحول ملي ويو. ميوزڪ سيڪشن ۾ وڏا وڏا استاد ايندا هئا، انهن مون کي موسيقيءَ جي تعليم ڏني، رهنمائي ڪئي. ان سان گڏوگڏ الغوزي ۾ سرڪيولر بريٿ جي سکيا حاصل ڪئي، پوءِ آهستي آهستي پهرين شهري سطح تي پوءِ پاڪستان سطح تي ۽ پوءِ بين الاقوامي سطح تي پرفارم ڪيو. الله جو شڪر آهي ته ڪافي ايوارڊ مليا آهن، 2010ع ۾ صدارتي ايوارڊ به مليو، تمغه امتياز مليو، الله جو ڪرم آهي ته سلسلو جاري آهي.
زاهده ابڙو: الغوزي ۾ توهان ڪيئن آيا ۽ ڪهڙن استادن توهان کي تربيت ڏني.
اڪبر خميسو خان: مون کي 95-1994 ۾ ريڊيو پاڪستان تي نوڪري ملي. ان وقت ۾ مون کي الغوزو وڄائڻ بلڪل ڪونه ايندو هو، سرڪيولر بريٿ جي خبر ڪونه هوندي هئي. منهنجي والد استاد خميسي خان جو انتقال 08 مارچ 1993ع تي ٿيو. آهستي آهستي مون کي ماحول ملي ويو، سارنگي تي استاد مجيد خان صاحب، بينجو تي استاد رحمت الله صاحب، استاد امام بخش صاحب ۽ وڏن وڏن استادن جيئن استاد وحيد علي خان صاحب، سنگهار علي سليم خان صاحب جيڪو به ايندو هو مون کي ڀانئيندو هو، چوندو هو ته هي استاد خميسو خان جو پٽ آهي اسين هن کي ڪجهه نه ڪجهه ٻڌايون. نه صرف مون کي ٻڌائيندا هئا، پر مون کي پنهنجي گهر ۾ ويهاري پاڻ سان گڏ چانهن پياريندا هئا ۽ شفقت سان پيش ايندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو جيڪي شيون مون کي سالن ۾ اچن ها اهي مون ڪجهه ئي عرصي ۾ سکي ورتيون. الغوزو ڳوٺن ۾ وڄايو ويندڙ هڪڙو ساز آهي مون هن ۾ هر صنف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، نه رڳو مون ان ۾ سنڌي فوڪ وڄايو آهي، مون ان ۾ نيم ڪلاسيڪل غزل، قوالي، ڪلاسيڪل ۽ ويسٽرن، چائنيز ۽ مصري ڌنون به وڄايون. مون لڳ ڀڳ ٻاويهن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ان کان علاوه منهنجا شاگرد فرانس، آمريڪا، سوئيٽرزلينڊ، جرمني ۽ پوري دنيا ۾ موجود آهن، نالا کڻندس ته لسٽ ڊگهي ٿي ويندي.
زاهده ابڙو: الغوزي لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو ڦوڪ جو ساز آهي، ساهه جي پريڪٽس گهڻي ٿي ڪرڻي پوي ان جي باري ۾ توهان ڇا چوندا.
اڪبر خميسو خان: مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته مان هينئر نڪ مان ساهه ڇڪيندس ۽ پنهنجي ڳلن ۾ جمع ڪري ڇڏيندس ۽ اها جمع ٿيل هوا آئون الغوزي ۾ وجهندس جيڪا مسلسل هلندي رهندي ان هوا کي ختم ناهي ڪرڻو، اها هوا ختم ٿيڻ کان پهرين وري ٻي هوا شامل ڪري وٺندس ۽ ٻي بانسري تي آلاپ ۽ ڌن وڄائيندس.
زاهده ابڙو: ڇا ان جي لاءِ توهان کي ساهه جي به ڪا الڳ سان ورزش ڪرڻي پوي ٿي ۽ پنهنجي ڦڦڙن جو وڌيڪ خيال رکڻو ٿو پوي، پنهنجي صحت جو ڪيترو خيال رکڻو ٿو پوي ان بابت ٻڌائيندا ته توهان جو روٽين ڇا هوندو آهي.
اڪبر خميسو خان: روز جو معمول اهو آهي ته صبح جو اٿي مون کي وڏا وڏا ساهه کڻڻا پوندا آهن جيڪو پنجن منٽن تائين معمول آهي. هر قسم جي نشي کان پرهيز ڪرڻو آهي، نشو ته هر قسم جو خراب آهي، پر هي ساز اهڙو آهي جو هن ۾ جيڪڏهن توهان سگريٽ پيتو يا ٻئي ڪنهن قسم جي منشيات جو استعمال ڪندا ته ان کانپوءِ توهان الغوزو ڪونه وڄائي سگهندا. ان ڪري الغوزي وڄائيندڙ کي پنهنجي صحت جو تمام گهڻو خيال رکڻو پوي ٿو.
زاهده ابڙو: اڪبر توهان الغوزي ۾ ڪڏهن ڪا نواڻ پيدا ڪئي آهي يا جيڪو ساز سالن کان هلندو اچي انهن کي ئي وڄائيندا اچو.
اڪبر خميسو خان: مون بلڪل نواڻ پيدا ڪئي آهي، پهرين خالي سنڌي فوڪ وڄايو ويندو هو، جنهن سان اسان جا سنڌي ٻڌڻ وارا ۽ ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ ماڻهو خوش ٿي ويندا هئا. هڪ دفعي منهنجو دبئي وڃڻ ٿيو اتي مون کي گڏيل ڪميونٽي ملي. ان ۾ پنجاب کان پاڪستاني ڀائر به موجود هئا ۽ ٻين صوبن کان به ماڻهو آيل هئا. پوءِ مون سوچيو ته هاڻي آئون رڳو سنڌي ڌنون ڪونه وڄائيندس، پر پوري پاڪستان کي ليڊ ڪندس. پوءِ مون باقائده تعليم ورتي، مون پشتو ڌنون به وڄايون، بلوچي به وڄايون، ڪشميري به وڄايون تقريبن هر ٻوليءَ جي ڌن وڄايم. ان جو فائدو اهو ٿيو جو انهن ماڻهن جي اڳيان پرفارم ڪرڻ سان، انهن ماڻهن نه رڳو الغوزي کي سٺي طريقي سان ٻڌو، پر ان جي باري ۾ مون کان سوال پڇيا. مطلب ڳالهه جو اهو آهي ته جڏهن توهان ٻي ڪنهن ٻوليءَ جو ساز ڪنهن انسٽرومينٽ ۾ وڄائيندا ته هو توهان کان ان جي باري ۾ پڇندا ان ۾ دلچسپي وٺندا. مون هن ساز کي ان طريقي سان پروموٽ ڪيو آهي ۽ اڃان به ان کي وڌيڪ پروموٽ ڪندس.
زاهده ابڙو: عام طور تي ٻڌو ويو آهي ته الغوزي ۾ هڪڙي جوڙي وڄائي ويندي آهي، پر توهان ڪيترا الغوزا هڪ ئي وقت وڄائي سگهو ٿا.
اڪبر خميسو خان: سرڪيولر بريٿ ۾ چار الغوزا هوندا آهن جنهن ۾ ٽي ساهه ورائڻ جا اسڪيل هوندا آهن ”سا، پا، سا،“ ۽ هڪڙو ڌن جو هوندو آهي، چار بينون وڄائيندو آهيان بابا چار کان پنج بينون وڄائيندا هئا، پر مان چار وڄائيندو آهيان. چئن بينن ۾ ”سا“ کي گهڻو ڇڪڻو پوندو آهي.
زاهده ابڙو: ڪيترو ننڍو ٻار الغوزو سکي سگهي ٿو؟
اڪبر خميسو خان: توهان تمام سٺو سوال ڪيو آهي، ننڍو ٻار الغوزو نه وڄائي ته تمام سٺي ڳالهه آهي، جنهن جا ڦڦڙ اڃان پڪا نه ٿيا هجن ان کي هي ساز نه وڄائڻ گهرجي. هي ساز ارڙهن سالن کانپوءِ وڄائڻ گهرجي. طبي نقطهءِ نگاهه کان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جيڏي مهل سرڪيولر بريٿ جي ذريعي ساز وڄايو ويندو آهي ان وقت رت جو دورو توهان جي دماغ ڏانهن سلو ٿي ويندو آهي، ان وقت ڦڦڙ ڦوڪجي ويندا آهن ۽ ان وقت انهن مان رت پمپ نه ڪندو آهي. ان ڪري رت جو دورو گهٽجي ويندو آهي. ان جا ٻه نقصان تمام گهڻا ٿيندا آهن، هن جو دل تي به اثر ٿيندو آهي ۽ اکين تي به پريشر وڌي ويندو آهي. الهبچايو کوسو صاحب نابين ٿي ويو ۽ ان جي ڦڦڙن تي به اثر پيو. هن ۾ مستقل اکين جي چڪاس ڪرائڻ گهرجي ۽ سيني جي به چڪاس ڪرائڻ گهرجي، روز هڪڙو صوف کائڻ گهرجي. چيوئنگم ٻنهي پاسن کان چٻاڙڻ گهرجي ته جيئن مشڪون هلنديون رهن. منهنجو اکين تي به پريشر وڌي ويو هو، هاڻي مسئلو ته ڪنٽرول ۾ آهي، پر ان جي دوا اڃان به کائيندو آهيان.
زاهده ابڙو: الغوزي ۾ ست ئي سُر سڄي دنيا ۾ رائج آهن ڇا الغوزي مان ست ئي سُر نڪرن ٿا ۽ ڇا توهان به ست ئي سُر وڄايا آهن.
اڪبر خميسو خان: سڄي دنيا ۾ 12 سُر آهن ڀيروي سدا بهار آهي 12 سُرن جي آهي ستن سُرن جي ڪونهي ۽ مون 12 ئي سُر وڄايا آهن.
زاهده ابڙو: توهان ڪلاسيڪل سُرن جا ڪهڙا سنڌي سُر وڄايا آهن ۽ ان کان هٽي ڪري توهان جيڪڏهن ٻيا سُر وڄايا آهن اهي ڪهڙا آهن.
اڪبر خميسو خان: پوريه ڪلياڻ وڄايو آهي استاد جمن جو ”ڪارون وس ڪيام“ ٻيو آهي ڪلياڻ. هن ۾ مان جيڪڏهن ”ر“ کي ڪومل ڪندس ته اهو پوريه ڪلياڻ ٿي ويندو. الغوزي ۾ ڪلاسيڪل جو سڀ راڳ وڄي ٿو ڪوبه اهڙو راڳ ڪونهي جيڪو هن ۾ نه وڄي.
(ان جو تفصيل وڊيو ۾ همسري سنڌ تي ڏسندا).
زاهده ابڙو: توهان پنهنجي والد صاحب جي ڪهڙي پرفارمنس کي وڌيڪ ٻڌندا آهيو يا ان کان توهان متاثر ٿيا هجو ۽ توهان به ان کي وڄايو هجي.
اڪبر خميسو خان: بابا جون جيتريون به ڌنون آهن انهن ۾ منهنجي ڪوشش اها آهي ته مان نه صرف انهن کي ڪاپي ڪريان بلڪه انهن ۾ ڪا اضافي شيءِ به شامل ڪريان. سڄي دنيا ۾ موسيقيءَ کي ٻڌڻ وارا ۽ سمجهڻ وارا تمام گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. پاڪستان هڪڙو اسلامي ملڪ آهي ان ڪري موسيقيءَ جو رجحان گهٽ آهي. مون کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ کانپوءِ هڪ تجربو ٿيو ۽ مون هڪ شيءِ محسوس ڪئي ته ٻاهرين ملڪن جو آڊينس ڇا ٿو ٻڌڻ چاهي ۽ انهن جي ٻڌڻ جو انداز ڇا آهي. انهن کي اها ته خبر ڪونهي ته الغوزو ڪهڙو ساز آهي، پر هو ڪنهن به ساز کي ٻڌن ٿا ته محسوس ڪن ٿا ته ان جي ڪيفيت ڇا آهي ان ک سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪيفيت جي مراد اها آهي ته جيڪڏهن هو سارنگي، الغوزو يا رباب ٻڌن ٿا يا بانسري ٻڌن ٿا ته هو اکيون بند ڪري ٻڌندا آهن ته بيس ۾ آواز ڪيئن آهي. پوءِ مڊ ۾ وڃن ٿا مڊ ۾ ان جو آواز ڪيئن آهي، پوءِ ان جو آواز جيترو هاءِ آڪٽڪ ۾ وڃي سگهي ٿو اتي ڪيئن ٿو ٿي وڃي. هو ان جو لطف وٺن ٿا ۽ ان جي ڪيفيت کي محسوس ڪن ٿا. پوءِ ڪيفيت سان گڏگڏ فنڪار جي فن کي به محسوس ڪن ٿا ۽ ان جي مهارت کي به ڏسن ٿا. پوءِ وري ڏسن ٿا ته ان جي لڙائي رڌم ۾ ڪيئن آهي، لهري ۾ ڪيئن پيو وڃي، سرگم ۾ ڪيئن پيو وڃي. مون جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ پرفارم ڪيو تڏهن ان شيءِ جي مون کي خبر پئي. ڇو ته آئون سوال ڏاڍا ڪندو آهيان ۽ شين جي باري ۾ پڇندو رهندو آهيان، جنهن سان مون کي سکڻ جو موقعو مليو. اسان جي آڊينس ڏاڍي بنداس آهي، سيٽيون هڻندا ۽ توهان جي ذهن کي منتشر ڪندا، پر ٻاهرين ملڪن ۾ فنڪار کي اکيون بند ڪري ٻڌو ويندو آهي سڪون سان محسوس ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن پرفارمنس ختم ٿيندي آهي ته پوءِ هو توهان کي جيترو داد ڏيندا آهن ان جو توهان تصور به نٿا ڪري سگهو. ان وقت ۾ فنڪار کي پنهنجو پاڻ تي رشڪ پيو ايندو آهي.
زاهده ابڙو: پاڪستان کان علاوه ٻين اسلام ملڪن جو آڊينس توهان کي ڪيئن لڳو.
اڪبر خميسو خان: توهان جو سوال ڏاڍو سٺو آهي، ٻاهرين ملڪن ۾ هر شعبي ۾ چاهي اهي رانديون هجن، چاهي اهو ميوزڪ هجي، چاهي اها فلم هجي. ماڻهو پنهنجي ڪم کانپوءِ انهن سڀني شين کي انجواءِ ڪندا آهن، انهن جي زندگيءَ ۾ انجوائمينٽ ۽ معلومات ٻه اهم جز آهن، اهي چاهيندا آهن ته انهن کي وڌ ۾ وڌ معلومات ملي سگهي، نين نين شين جي انهن کي خبر پوي، اسان وٽ بلڪل ان جي ابتڙ آهي. اسان وٽ پاڪستان جا جيڪي ادارا آهن جيڪي ڪلچر کي پروموٽ ڪن ٿا اهي ان سطح جا ناهن جيڪي ماڻهن کي معلومات پهچائي سگهن. هي سرگرميون عوامي سطح تي ٿينديون آهن. حڪومتي ادارن جو اهو فرض آهي ته يونيورسٽين ۾ پروگرام منعقد ڪرائين ۽ وڏن وڏن ادارن ۾ پروگرام ٿيڻ کپن ته جيئن نوجوانن کي پنهنجي فن جي باري ۾ خبر پوي. اسان کان نوجوان سوال پڇندا آهن ته الغوزو ڇا آهي؟ انهن کي الغوزي جي خبر ئي ڪونهي. انهن کان رباب جي باري ۾ پڇبو ته ان جي باري ۾ انهن کي خبر ڪونهي. اسان کي اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين اهڙيون سرگرميون ڪرائڻ گهرجن جنهن ۾ ٻارن کي پنهنجي ثقافت جي باري ۾ معلومات ملڻ گهرجي. اسلامي ملڪن مان مون ايران ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ايران اسان کان غريب ملڪ آهي، پر انهن جي تعليم، انهن جو ڪلچر اسان کان ڪافي اڳيان آهي. سعودي عرب جي او آءِ سي ۾ مون پرفارم ڪيو، مون کي ايئن ڪونه لڳو ته آئون سعودي عرب ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو پيو ڪريان. هن ڀيري ته مون ڊانسر به ڏٺا، جن ۾ ترڪي جو درويش رقص ٿيو. اسان وٽ پاڪستان ۾ ماڻهو موسيقيءَ کي اهو مان نٿا ڏين جيڪو ڏيڻ گهرجي. هن وقت انٽرنيٽ جو دور آهي ۽ اتي توهان کي هر قسم جي سرگرمي ملي ٿي. توهان کي هاڻي يونيورسٽي وڃڻ جي به ضرورت ڪونهي توهان آن لائين ويهي سکي سگهو ٿا.
زاهده ابڙو: توهان انٽرنيٽ جي ڳالهه ڪئي ان سان مون کي ياد آيو ته توهان جا آن لائين شاگرد آهن جن مان توهان جي هڪڙي شاگرد نيٿن ٽورنس سان منهنجي ملاقات ٿي ۽ هن ٻڌايو ته توهان کيس آن لائين الغوزو سيکاريو آهي ۽ کيس الغوزو ۽ ان جون جهالرون به موڪليون آهن، ڇا اهو اڪيلو شاگرد آهي يا اهڙا ٻيا به توهان جا شاگرد آهن.
اڪبر خميسو خان: پوري دنيا ۾ منهنجا شاگرد آهن منهنجا شاگرد توهان کي نيوزيلينڊ، آسٽريليا، يورپ جي ڪافي ملڪن ۾، انڊيا ۽ آمريڪا ۾ ملندا. منهنجا شاگرد جيڪي هن وقت سٺو ڪم ڪن پيا انهن ۾ نيٿن ٽورنس، ٻيو جوزف ڪينيڊي آهي، اهو نيو يارڪ ۾ آهي. ٻيو ڊيلن آهي، سلون گلورل تمام گهٽ آن لائين ٿيندو آهي ڇو جو گهڻو مصروف رهندو آهي. ڪافي شاگرد آهن جيڪي سٺو ڪم ڪن پيا.
زاهده ابڙو: ڇا توهان ڪڏهن سوچو آهي ته انهن شاگردن کي پاڪستان گهرائي انهن شاگردن سان گڏ ڪا پرفارمنس ڪريو.
اڪبر خميسو خان: بلڪل ايئن ٿيڻ گهرجي، پهرين ڇا ٿيندو هو گهڻو ڪري نٿا وڃون اسي واري ڏهاڪي ۾ فنڪارن جا جٿا هتي ايندا هئا. ٻين ملڪن جا فنڪار هتي ايندا هئا ۽ اسان جا فنڪار ٻين ملڪن ڏانهن ويندا هئا. ايئن فنڪارن جي ڏي وٺ جا پروگرام ٿيندا هئا، جنهن ۾ سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت ۽ پرڏيهي کاتي جو وڏو ڪردار هوندو هو. هاڻي انهن سرگرمين کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي. هينئر به پرڏيهي کاتي مان خبر پوي ٿي ته انهن وٽ 20، 20 پروپوزل ايندا آهن، پر هو فنڊ نه هجڻ جي ڪري انهن کي منظور نه ڪندا آهن. نه ٻاهران کان فنڪار گهرائي سگهن ٿا، نه هتان جا فنڪار ٻاهر موڪلي سگهن ٿا، ڪا خاص ايڪٽوٽي هوندي آهي ته ان ۾ فنڪارن کي موڪليو ويندو آهي نه ته نه. جيڪڏهن پاڪستان جي اميج کي سڄي دنيا ۾ بهتر ڪرڻو آهي ته هن شيءِ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ثقافتي سرگرمين کي تيز ڪري ماڻهن کي ٻڌايون ته اسان جو ورثو ڪيڏو نه رنگين آهي، اسان جا ماڻهو ڪيڏا سٺا آهن، اسان جي موسيقي ڪيڏي سٺي آهي. اسان جي لاءِ هن وقت دنيا سوچي ٿي ته اسان دهشتگرد آهيون ان جو خاتمو به ڪلچر جي پروموشن سان ئي ٿي سگهي ٿو.
زاهده ابڙو: هيستائين توهان کي توهان جي فني ڪارڪردگي تي ڪهڙا ڪهڙا ايوارڊ ملي چڪا آهن.
اڪبر خميسو خان: ڊبليو ايڇ او جي طرفان جنيوا ويو هئس، پوءِ وري يونائيٽيڊ نيشن جي مشن ۾ مون ٽي دفعا پرفارم ڪيو. تازو ئي ويانا ۾ يونائيٽيڊ نيشن جي طرفان مون پرفارم ڪيو اتي مون کي ايوارڊ مليا. کٽمنڊو ۾ مون کي ايوارڊ مليو، غير ملڪي ۽ ملڪي سطح تي مون کي ڪافي ايوارڊ مليا آهن، پر پاڪستان جو سڀني کان وڏو ايوارڊ صدارتي تمغه امتياز مون کي 2010 ۾ مليو ۽ اميد آهي ته اهڙا ٻيا ڪافي ايوارڊ حاصل ڪندس.
زاهده ابڙو: توهان پنهنجي فيملي جي باري ۾ ٻڌائيندا ته اها ڪٿي ٿي رهي؟
اڪبر خميسو خان: مون ٻه شاديون ڪيون آهن هڪڙي ڳوٺ مان ۽ ٻي ملتان مان ٻئي منهنجون مائٽياڻيون آهن. منهنجا پنج ٻار آهن، چار پٽ آهن هڪ نياڻي آهي. سڀني کان وڏو پٽ ميٽرڪ ۾ ٿو پڙهي، ان کان ننڍو پٽ ڇهين درجي ۾ آهي، هڪڙو ڇوٿين درجي ۾ آهي، هڪڙو ٽئين درجي ۾ آهي. آخري ٻار جو مسئلو اهو آهي ته هو ڪنن کان ٻڌي نٿو سگهي ان ڪري هن کي هاڻي اسپيشل اسڪول ۾ داخل ڪرائيندس.
زاهده ابڙو: ڇا توهان جي ٻارن کي به موسيقي يا الغوزي وڄائڻ سان دلچسپي آهي؟
اڪبر خميسو خان: ٻار سان زبردستي نه ڪجي ته سٺي ڳالهه آهي جيڪڏهن ان جو رجحان هوندو ته هو وڌيڪ بهتر طريقي سان سکي سگهندو. هڪڙو ٻار اهو ٿو چاهي ته هن کي ڪمپيوٽر سکڻو آهي، ان کي ڪمپيوٽر جي سکيا ڏيارڻ گهرجي. جيڪڏهن ٻار ذهني طور تي اهو فيصلو ڪري ته ان کي الغوزو سکڻو آهي ته پوءِ ان کي سيکاريجي يا ان کي وائلن سکڻو آهي، منهنجي هڪڙي پٽ کي وائلن سکڻ جو شوق آهي. مون هن کي چيو آهي ته هو ميٽرڪ پاس ڪري وٺي ته پوءِ هن کي ان جي سکيا ڏياريندس. مان چاهيان ٿو ته انهن جو بنياد خراب نه ٿئي. پهرين ٻارن جي پڙهائي مڪمل ڪري پوءِ انهن کي موسيقيءَ طرف اچڻ ڏجي.
زاهده ابڙو: ڇا توهان سنڌ حڪومت يا وفاقي حڪومت کي فنڪارن جي ساهته لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟
اڪبر خميسو خان: مان سنڌ جا جيڪي به ڪلچر کاتي جا آفيسر آهن انهن کي درخواست ڪندس ته فنڪارن جو فون کڻي وٺندا ڪريو، انهن کي ڪو جواب ڏيندا ڪريو، توهان ته انهن جا فون ئي ڪونه کڻندا آهيو. اهو غريب ويچارو ڇا ڪري. هو توهان کي سائين سائين ڪري سڏين ٿا توهان فنڪارن کي چئو ته اسان کي سائين سائين ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. ٻاهرين ملڪن ۾ نالو وٺي فنڪار پنهنجي آفيسرن سان يا پنهنجي ڪمپني جي باس سان ڳالهائيندا آهن. هجڻ ته ايئن گهرجي ته فنڪار چوي اڪبر لغاري توهان خوش آهيو. آئون سمجهان ٿو ته ان سوچ مان اسان کي نڪرڻ کپي. فنڪارن سان برابريءَ جي بنياد تي ڳالهائڻ گهرجي، فنڪارن کي عزت ڏيو ۽ ان کي احساس هجڻ کپي ته هو عزتدار آهي. ماڻهو ته اسان سان ڏاڍي محبت ڪن ٿا، اسان کي برابريءَ جي بنياد تي وٺي اچو.