خاص

اومي ڪرون ڪيسن ۾ واڌ، سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو

سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو آهي ته صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي ”اومي ڪرون“ قسم جي ڪيسن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪيسن جي انگ ۾ واڌ جي جائزي کانپوءِ لاڪ ڊائون لڳائي سگھجي ٿو. ڪراچي جي شهباز بلڊنگ ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ سنڌ جي صحت بابت وزير صحافين کي ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اومي ڪرون جا 170 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. جڏهن ته گڏيل طور تي 500 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته وائرس جي پکيڙ ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن ان خدشي جو اظهار ڪيو ته جنهن رفتار سان ”اومي ڪرون“ جا ڪيس وڌي رهيا آهن انهن ۾ ايندڙ ٻن مهينن دوران وڌيڪ واڌ ٿيندي. عذرا پيچوهو چيو ته فوري طور تي لاڪ ڊائون نه لڳايو ويندو، لاڪ ڊائون اسپتالن ۽ شهرن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.